bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Job 34
Job 34
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 33
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 35 →
1
اليهوءَ وڌيڪ ڳالهائيندي چيو تہ
2
”اي عقلمند سڏائيندڙؤ! منهنجيون ڳالهيون ٻڌو، هائو، اي عالم سڏائيندڙؤ! مون ڏانهن ڪن ڏيو.
3
ڪَنُ تہ صحيح ۽ غلط ڳالهہ کي پرکي ٿو وٺي، جيئن زبان کاڌي کي چکڻ سان ان جو ذائقو ٿي معلوم ڪري.
4
سو اسان کي گھرجي تہ جيڪي درست هجي تنهن جي چونڊ ڪريون. هائو، اچو تہ گڏجي معلوم ڪريون تہ حقيقت ڇا آهي.
5
ڳالهہ هيءَ آهي جو ايوب چوي ٿو تہ ’آءٌ سچو آهيان، ۽ خدا مون سان انصاف نہ ٿو ڪري،
6
جيتوڻيڪ آءٌ حق تي آهيان، تڏهن بہ ڪوڙو ليکيو وڃان ٿو. جيتوڻيڪ آءٌ بيقصور آهيان، تڏهن بہ مون کي موتمار زخم ڏنا ويا آهن.‘
7
پر هاڻي اوهين ئي ٻڌايو تہ ايوب ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي؟ هو خدا جي بيادبي اهڙي تہ آسانيءَ سان ٿو ڪري، ڄڻ پاڻي ٿو پيئي.
8
هو بدڪارن جي سنگت ۾ اٿندو ويهندو آهي، ۽ گنهگار ماڻهن سان گھمندو ڦرندو آهي.
9
تنهنڪري ئي هو چوي ٿو تہ ’پاڻ کي خدا وٽ مقبول بڻائڻ مان ڪو فائدو ڪونهي.‘“
10
”پر اي سياڻا سڏائيندڙؤ! منهنجي ڳالهہ ٻڌو. ڇا قادرِمطلق خدا کان ڪو برائيءَ يا بيانصافيءَ جهڙو ڪم ٿي سگھي ٿو؟
11
هرگز نہ، خدا تہ انسان کي سندس عملن مطابق اجر ڏئي ٿو. هو هر ڪنهن سان اهڙي ئي هلت هلي ٿو، جيڪو جنهن هلت جي لائق آهي.
12
يقيناً خدا ڪنهن سان بہ بدي ڪين ٿو ڪري، نڪي قادرِمطلق ڪنهن سان بيانصافي ٿو ڪري.
13
ڀلا ڌرتيءَ جي اختياري ۽ پوريءَ دنيا جو انتظام خدا کي ڪنهن ٻئي ڏنو آهي ڇا، جو هو ان کي پرائي ملڪيت سمجھي بيانصافي ڪندو؟
14
نہ، بلڪ جيڪڏهن هو انسان کان رڳو کيس ڏنل ساهہ واپس وٺي، ۽ سندس دم ئي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺي،
15
تہ انهيءَ ئي گھڙيءَ هر جسم فنا ٿي وڃي، ۽ انسان سان گڏ پوري دنيا موٽي وڃي مٽيءَ ۾ ملي.
16
هاڻي اي ايوب! جيڪڏهن تو کي ڪا سمجھہ آهي تہ ٻڌ، منهنجي ڳالهين تي ڌيان ڏي.
17
ڇا انصاف کان نفرت رکندڙ ڪو حڪمراني ڪري ٿو سگھي؟ تہ پوءِ تو کي ڪهڙي طاقت آهي جو تون عادل ۽ قادر خدا تي الزام هڻين.
18
بلڪ اهو خدا ئي تہ آهي جيڪو بادشاهن ۽ حڪمرانن کي بہ ملامت ٿو ڪري، جڏهن اهي نالائق ۽ بدڪار ٿا ٿين.
19
هو حڪمرانن جي طرفداري نہ ٿو ڪري، نہ ئي دولتمند کي غريب کان وڌيڪ مان ٿو ڏئي، ڇاڪاڻ تہ هر ڪو سندس ئي هٿن جي ڪاريگري آهي.
20
بلڪ جڏهن هو موت ٿو آڻڻ چاهي تہ اڌ رات جي وقت اوچتو ئي مٿن آڻي ٿو ڪڙڪائي، تڏهن هر ڪو ڏڪندي ڏڪندي مريو وڃي، توڙي اهي طاقتور ماڻهو ڇو نہ هجن، اهي بہ بنا هٿ لڳائڻ جي دنيا مان کڄيو وڃن.
21
خدا جون اکيون انسان جي عملن تي لڳل آهن، هو ان جي هر قدم کي ڏسي ٿو.
22
اهڙي ڪابہ اونداهي يا ڪوبہ پاڇو ڪونهي، جتي بدڪار ماڻهو پاڻ کي لڪائي سگھن.
23
خدا کي انهيءَ ڳالهہ جي ضرورت ئي ڪانهي، تہ هو انسان جي فيصلي لاءِ ڪنهن دنياوي عدالت وانگر کيس پنهنجي آڏو حاضر ٿيڻ واسطي ڪو خاص وقت مقرر ڪري.
24
هو بنا ڪنهن تفتيش ڪرڻ جي هر گناهہ کي ڄاڻي ٿو وٺي، سو طاقتور بدڪارن کي بہ ڀڃي ڀورا ڀورا ڪريو ڇڏي، ۽ سندن جاءِ تي ٻين کي مقرر ڪريو ڇڏي.
25
جيئن تہ هو انهن جي افعالن کان واقف آهي، سو رات جي وقت سندن تختو اونڌو ڪري کين برباد ڪريو ڇڏي.
26
هو انهن کي ظاهر ظهور عام ماڻهن جي اڳيان سندن بديءَ جي سزا ڏئي ٿو.
27
انهيءَ سبب جو هنن کانئس منهن موڙي ڇڏيو، ۽ سندس حڪمن جي ڪابہ پرواهہ نہ ڪيائون.
28
ايتري تائين جو غريبن سان سندن بري سلوڪ سبب انهن جي دانهن خدا تائين وڃي پهتي، ۽ هن انهن ڏکويلن جو فرياد ٻڌي ورتو.
29
پر جيڪڏهن خدا انهن بدڪار حاڪمن کي ڪجھہ بہ نہ ڪري، تڏهن ڪير آهي جو مٿس الزام آڻي سگھي؟ يا جيڪڏهن هو غريبن کان منهن موڙي ڇڏي، تڏهن ڪير آهي جنهن کي سندس مدد حاصل ٿي سگھي؟ پر حقيقت ۾ هو ائين نہ ٿو ڪري، بلڪ هڪڙو ماڻهو هجي يا پوري قوم، سڀني تي هو هڪجهڙي حڪمراني ڪندو رهي ٿو.
30
انهيءَ لاءِ تہ خدا کي رد ڪندڙ حڪومت نہ ڪن، ۽ ڪوبہ ماڻهو خلق کي ڦندي ۾ نہ ڦاسائي.
31
سو اي ايوب! تون پنهنجا گناهہ خدا آڏو ڇو نہ ٿو باسين؟ ڇو نہ ٿو واعدو ڪرين تہ وري گناهہ نہ ڪندين؟
32
ڇا تو خدا کي چيو آهي تہ هو تو کي تنهنجا عيب ڏيکاري؟ ڇا تو مڃيو آهي تہ ’آءٌ وري اهڙو ڏوهہ ڪين ڪندس؟‘
33
هڪ تہ تون خدا جي فيصلن تي راضي ناهين، ٻيو وري چاهين ٿو تہ خدا تنهنجي مرضيءَ تي هلي، سو اهو ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟ هاڻي فيصلو تو کي ڪرڻو آهي، نہ مون کي، تنهنڪري جيڪا ڳالهہ تون صحيح ٿو سمجھين سا ٻڌاءِ.
34
سو سڀيئي سمجھہ وارا ۽ عقلمند ماڻهو منهنجيون اهي ڳالهيون ٻڌي مڃيندا تہ
35
’ ايوب واقعي اڻڄاڻائيءَ مان ٿو ڳالهائي، ۽ جيڪي هو چوي ٿو تنهن ۾ ڪابہ ڏاهپ ڪانهي.‘
36
سو شل ايوب کي سندس ڪڍيل هر غلط لفظ جي سزا ڏني وڃي تہ چڱو، ڇاڪاڻ تہ هو شرير ماڻهن جهڙا جواب ڏئي ٿو.
37
هائو، هو خدا سان بغاوت ڪري پنهنجي گناهن کي اڃا وڌائيندو ٿو رهي. هو اسان جي اڳيان خدا بابت گستاخي ڪندي تاڙيون وڄائي ٿو، ۽ خدا جي خلاف گھڻيون ئي ڳالهيون ڪري ٿو.“
← Chapter 33
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 35 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42