bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Job 12
Job 12
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 11
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 13 →
1
تڏهن ايوب ورندي ڏيئي چيو تہ
2
”واہ! قوم جو آواز رڳو اوهين ئي آهيو، ۽ اوهان جي مرڻ سان گڏوگڏ ڏاهپ بہ مري کپي ويندي.
3
پر مون کي بہ اهڙي سمجھہ آهي، جهڙي اوهان کي آهي. آءٌ اوهان کان ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ گھٽ ڪين آهيان. ڀلا اوهان جون چيل ڳالهيون ڪير نہ ٿو ڄاڻي؟
4
آءٌ اهو ماڻهو آهيان، جيڪو دوستن جي کل ٺٺولين جو نشانو بڻيو آهيان. جيتوڻيڪ آءٌ سچار ۽ ڪامل انسان آهيان، ۽ ڪڏهن تہ آءٌ خدا کان دعا گھرندو هئس تہ اهو منهنجي ٻڌندو هو، تنهن جي باوجود اڄ آءٌ کل ٺٺولين جو نشانو بڻجي ويو آهيان.
5
اوهين جيڪي آرام ۽ سک ۾ آهيو، تن جو خيال آهي تہ مصيبت وارا نفرت جي لائق آهن. هائو، جيڪي ڪِرڻ تي آهن، تن کي ئي اوهين ڌڪو ڏيئي ٿا ڪيرايو.
6
جڏهن تہ جيڪي ڦورو آهن، سي پنهنجي گھرن ۾ آرام سان ٿا رهن، ۽ جيڪي خدا کي ڪاوڙائين ٿا سي صحيح سلامت آهن، خدا وري تن کي ئي پنهنجي هٿن جي ڇانوَ ۾ ٿو رکي.
7
تہ بہ مون کي چئو ٿا تہ ’جيڪڏهن تون سکڻ چاهين ٿو تہ جانورن کان سک، هائو، پکين کان پڇندين تہ اهي تو کي ٻڌائيندا.
8
تون زمين جي مخلوق کان، توڙي سمنڊ جي مڇين کان پڇندين تہ اهي تو کي ڏاهپ سيکارينديون.
9
انهن سڀني مان هر ڪو تو کي ٻڌائي سگھي ٿو، تہ خداوند جي هٿن ئي هي سڀ ڪجھہ بڻايو آهي.
10
هر ساهواري جو روح ۽ هر بني آدم جو ساهہ سندس ئي هٿ ۾ آهي.
11
اهو سڀ سمجھڻ ايترو تہ آسان آهي جيئن ڪَنُ ڳالهين کي ٻڌي ٿو، ۽ جيئن زبان کاڌي کي چکي ٿي.‘
12
واہ! اوهين چئو ٿا تہ ڏاهپ پوڙهن ماڻهن ۾ ئي هوندي آهي، ۽ سمجھہ وڏي عمر وارن جي ئي ميراث آهي.
13
پر سمجھي ڇڏيو تہ حقيقي ڏاهپ ۽ قدرت خدا وٽ ئي آهي، هائو، هدايت ۽ سمجھہ وٽس ئي آهي.
14
ياد رکو، جنهن کي هو ڊاهي ٿو، سو وري اڏجي نہ ٿو سگھي، جنهن ماڻهوءَ کي هو قيد ٿو ڪري، سو وري ڇٽي نہ ٿو سگھي.
15
ڏسو، هو برسات کي روڪي ٿو تہ سڀ ڪجھہ سڪي وڃي ٿو، وري جڏهن هو انهيءَ کي موڪلي ٿو تہ اها زمين کي ٻوڙي ٿي ڇڏي.
16
هن وٽ طاقت ۽ ڪم ڪرڻ جي پوري قوت آهي، ٺڳجي ويل توڙي ٺڳيندڙ ٻيئي هن جي هٿ وس آهن.
17
هو صلاحڪارن کي اگھاڙي پيرين قيد ڪرائي ٿو ڪڍي، ۽ ججن کي بيعقل ٿو بڻائي ڇڏي.
18
هو بادشاهن کي تخت تان لاهي ٿو ڇڏي، ۽ انهن کي قيدي بڻائي ٿو ڇڏي.
19
هو مذهبي اڳواڻن کي لٽائي ڦرائي قيد ٿو ڪرائي، ۽ حڪمرانن کي اونڌو ڪري ٿو ڪيرائي.
20
هو معتبر ماڻهن جون زبانون بند ٿو ڪري ڇڏي، هو بزرگن جي سمجھہ کسي ٿو وٺي.
21
هو چڱن مڙسن جا پٽڪا لاهيو ٿو وٺي، ۽ سورهيہ سردارن جي طاقت جو خاتمو ٿو آڻي ڇڏي.
22
هو اونداهيءَ جي تري ۾ پيل ڳُجھن کي ظاهر ڪري ٿو، ۽ موت جي پاڇي کي روشنيءَ ۾ آڻي ٿو.
23
هو قومن کي وڌائي مضبوط ٿو ڪري، ۽ پوءِ ساڳين ئي قومن کي پڻ ناس ڪري ٿو ڇڏي. هو قومن کي پري پري تائين ڇڙوڇڙ ڪري ٿو ڇڏي، ۽ پوءِ هو انهن کي وري موٽائي آڻي گڏ ٿو ڪري.
24
هو ڌرتيءَ جي قومن جي سردارن جو عقل کسي ٿو وٺي، ۽ کين اهڙي بيابان ۾ ٿو رلائي، جتي ڪو چارو ئي ڪونهي.
25
اهي روشنيءَ کان سواءِ اونداهيءَ ۾ هٿوراڙيون هڻندا ٿا وتن، هو انهن کي اهڙو ٿو بڻائي ڇڏي، جو اهي شرابي ماڻهوءَ وانگر ٿيڙ کائيندا ٿا وتن.“
← Chapter 11
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 13 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42