bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Job 11
Job 11
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 12 →
1
تڏهن ضوفر نعماتيءَ ورندي ڏيئي چيو تہ
2
”ڇا ڊگھين ڳالهين ڪرڻ واري کي جواب نہ ڏجي؟ ڇا گھڻي ڳالهائڻ وارو ماڻهو سچو سمجھيو ويندو؟
3
اي ايوب! ڇا تنهنجيون ٻٽاڪون ٻڌي ڪري ماڻهن کي ماٺ ڪري ويهڻ گھرجي؟ جڏهن تون ٺٺوليون ڪرين، تڏهن ڪو تو کي شرمندو بہ نہ ڪري ڇا؟
4
تون دعويٰ ٿو ڪرين تہ تون جيڪي چوين ٿو سو سڀ سچ آهي، ۽ خدا جي نظر ۾ تون بلڪل پاڪ صاف آهين.
5
پر ڪهڙو نہ چڱو ٿئي جو خدا پاڻ ڳالهائي، ۽ تنهنجي خلاف پنهنجا چپ کولي!
6
ڪاش! هو تو کي پنهنجي حڪمت جا راز کولي ٻڌائي، جيڪا انساني سمجھہ کان تمام گھڻي مٿاهين آهي. پوءِ تون ڄاڻي سگھندين تہ تنهنجي گناهن جي ڀيٽ ۾ خدا تو سان ڪيتري نرمي ڪئي آهي.
7
ڇا تون خدا جي ڳجھين ڳالهين کي سمجھي ٿو سگھين؟ ڇا تون قادرِمطلق جي راز کي معلوم ڪري ٿو سگھين؟
8
هرگز نہ، اهي ڳالهيون آسمان کان بہ مٿاهيون آهن، تون انهن کي ڇا سمجھي سگھندين؟ اهي تہ پاتال کان بہ اونهيون آهن، تون انهن کي ڇا ڄاڻي سگھندين؟
9
انهن جي ڊيگھہ زمين کان گھڻي آهي، انهن جي ويڪر سمنڊ کان وڌيڪ آهي.
10
جيڪڏهن خدا اچي تو کي قيد ڪري ڇڏي، ۽ تو کي گهلي عدالت ۾ آڻي تہ ڪير کيس روڪي ٿو سگھي؟
11
خدا بدڪار ماڻهن کي سڃاڻي ٿو، ۽ سندن بدڪاريءَ کي بہ ڏسي ٿو، بيشڪ هو سندن بدڪاريءَ کي نظرانداز نہ ٿو ڪري.
12
پر بيوقوف ماڻهن جو انهن ڳالهين کي سمجھڻ ايترو ئي ناممڪن آهي، جيترو ڪنهن جھنگلي جانور جو گھريلو جانور کي ڄڻڻ.“
13
”اي ايوب! جيڪڏهن تون پنهنجي دل خدا ڏانهن مائل رکندين، ۽ پنهنجا هٿ هن ڏانهن ڊگھيريندين،
14
جيڪڏهن تون پاڻ کي بدڪاريءَ کان پري رکندين، ۽ شرارت جي ويجھو نہ ويندين،
15
تڏهن يقيناً تون پنهنجو بيداغ منهن مٿي کڻي سگھندين. هائو، تون ثابت قدم رهندين ۽ بلڪل ڪين ڊڄندين.
16
تڏهن تون پنهنجي مصيبتن کي ائين وساري ڇڏيندين، جيئن پل هيٺان پاڻي گذري ٿو وڃي.
17
تنهنجي زندگيءَ جي اونداهي گھڙي بہ صبح جهڙي روشن ٿيندي، هائو، تنهنجي زندگي منجھند جي روشنيءَ کان بہ وڌيڪ روشن ٿيندي.
18
تون اميد سان ڀرپور ۽ اطمينان واري زندگي گذاريندين. هائو، تون آسپاس کان بيخوف ٿي آرام سان ننڊ ڪندين.
19
تون زندگي آرام سان گذاريندين، ۽ ڪوبہ تو کي نہ ڊيڄاريندو، بلڪ گھڻا ئي تنهنجو راضپو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.
20
پر شريرن کي ڪا ڀلائي ڏسڻ ۾ ڪين ايندي. کين ڀڄڻ جو ڪو رستو ڪونہ ملندو. سندن آخري اميد رڳو موت ئي هوندي.“
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 12 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42