bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Job 7
Job 7
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 8 →
1
”ڇا ڌرتيءَ تي انسان جي زندگي جنگي بيگار نہ آهي؟ ڇا هن جا ڏينهن مزدور جي ڏينهن وانگر نہ آهن؟
2
جيئن اس ۾ ڪم ڪندڙ ڪو غلام ڇانوَ جي اجائي آرزو رکي ٿو، جيئن ڪو مزدور پنهنجي مزدوريءَ جي ملڻ جو بيفائدي انتظار ڪندو هجي،
3
تيئن ئي مهينن پٺيان مهينا منهنجي زندگي بيفائدي پيئي گذري، منهنجيون راتين پٺيان راتيون تڪليف ۾ ٿيون گذرن.
4
جڏهن آءٌ ليٽندو آهيان تڏهن سوچيندو آهيان تہ ’الاجي ڪڏهن ڏينهن ٿيندو.‘ رات ايتري تہ ڊگھي ٿي ويندي آهي، جو پرهہ ڦٽيءَ تائين رڳو پيو اٿلندو پٿلندو آهيان.
5
منهنجو ماس ڪينئن ۽ کرنڊن سان ڀريو پيو آهي. منهنجي چمڙي هڪ هنڌان ٺيڪ ئي نہ ٿي ٿئي تہ ٻئي هنڌان ڦاٽي پوي ٿي.
6
منهنجي حياتيءَ جا ڏينهن ڪوريءَ جي آڏاڻي واري لٺ کان بہ تيزيءَ سان ٿا هلن، اهي نااميديءَ ۾ پورا ٿيندا ٿا وڃن.
7
آءٌ خدا کي ياد ٿو ڏياريان تہ منهنجي زندگي تہ رڳو ڦوڪ مثل آهي، ۽ منهنجيون اکيون وري خوشي ڪين ڏسنديون.
8
جيڪي ماڻهو مون کي هينئر ڏسن ٿا، سي منهنجي موت بعد مون کي وري نہ ڏسندا. هائو، آءٌ ائين گم ٿي ويندس جو جڏهن خدا مون ڏانهن نهاريندو، تہ آءٌ هوندس ئي ڪونہ.
9
جيئن ڪو ڪڪر لنگھي گم ٿيو وڃي، تيئن قبر ۾ لهي وڃڻ وارو وري مٿي نہ ٿو اچي.
10
اهو پنهنجي گھر وري موٽي نہ ايندو، بلڪ پنهنجي گھر وارن کان بہ اهو وسري ويندو.“
11
”تنهنڪري آءٌ پنهنجي زبان کي ڪين روڪيندس، بلڪ آءٌ پنهنجي روح جي رنج مان ڳالهائيندس، آءٌ پنهنجي جان جي عذاب ڪري خدا سان شڪايت ڪندس:
12
آءٌ ڪا خونخوار سامونڊي بلا آهيان ڇا، جو تون منهنجي چوڌاري بند ٿو ٻڌين؟
13
جڏهن آءٌ سمهي آرام وٺڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو، تانتہ جيئن پنهنجي ڏک کي گھٽائي سگھان،
14
تڏهن تون وري خوابن ۾ مون کي ڊيڄارين ٿو، ۽ رويائن جي وسيلي مون کي دهشت وٺايو ڇڏين.
15
ايتري قدر جو منهنجي جان گھُٽجي مرڻ کي پسند ڪرڻ لڳي ٿي، هائو، ڏک جي ڪري موت کي پسند ڪرڻ لڳي ٿي.
16
مون کي پنهنجي حياتيءَ کان نفرت آهي، بس هاڻ آءٌ گھڻي وقت تائين ڪين جيئندس. سو هاڻ تہ مون کي ڇڏي پري ٿيءُ، ڇو تہ منهنجي حياتي ڪنهن دم جي مهمان آهي.
17
خسيس انسان کي تون ايڏي اهميت ڇو ٿو ڏئين؟ ڇو تون هن کي سدائين پنهنجي نظر ۾ ٿو رکين؟
18
جو هر صبح تون سندس تاڙ ڪرين، ۽ هر گھڙيءَ کيس آزمائش ۾ پيو وجھين.
19
ڪيستائين تون پنهنجي نظر مون تي ڄمايو رهندين؟ ڇا مون کي ايتري بہ مهلت نہ ڏيندين جو آءٌ ٿُڪ ڳهي وٺان؟
20
اي بني آدم مٿان داروغا! جيڪڏهن مون کان ڪو گناهہ ٿئي بہ تہ تنهنجو ڇا بگڙندو؟ تو ڇو مون کي پنهنجو نشانو بڻايو آهي؟ ڇا آءٌ تو تي بار بڻيو آهيان؟
21
ڀلا جي تون منهنجو ڪو قصور سمجھين ٿو تہ اهو معاف ڇو نہ ٿو ڪرين؟ تون منهنجي هيءَ مصيبت مون تان ڇو نہ ٿو ٽارين؟ ڇاڪاڻ تہ منهنجي قبر ۾ وڃي پوڻ ۾ ڪا دير ڪانهي. هائو، آءٌ ائين گم ٿي ويندس، جو جڏهن تون مون ڏانهن نهاريندين، تہ آءٌ هوندس ئي ڪونہ.“
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 8 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42