bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Job 15
Job 15
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 14
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 16 →
1
تڏهن اليفز تيمانيءَ ورندي ڏيئي چيو تہ
2
”ڇا تو جهڙي ڏاهي ماڻهوءَ کي اهو جڳائي ٿو تہ تون اجايون ڳالهيون جوڙي جواب ڏئين، ۽ پنهنجو پاڻ کي هوا سان ڦنڊائين؟
3
ڇا تو کي اهو جڳائي ٿو تہ بيفائدي گفتگوءَ سان پنهنجو بچاءُ ڪرين، ۽ اهڙيون ڳالهيون ڪرين جيڪي بلڪل بيڪار هجن؟
4
بلڪ تون تہ خداترسيءَ کي ڀڄائي ٿو ڪڍين، ۽ خدا جي حضور ۾ عبادت کي وڃائي ٿو ڇڏين.
5
تنهنجيون بڇڙايون تنهنجي زبان کولائين ٿيون، انهيءَ ڪري تون ٺڳن واريون ڳالهيون ٿو ڪرين.
6
خود تنهنجي پنهنجي زبان تو کي گنهگار ٿي قرار ڏئي، نڪي آءٌ. هائو، خود تنهنجيون ڳالهيون تنهنجي خلاف شاهدي ٿيون ڏين.
7
ڇا سڀ کان پهريون انسان تون ئي پيدا ٿيل آهين؟ ڇا تنهنجي پيدائش جبلن ٺهڻ کان پهريائين ئي ٿي هئي؟
8
ڇا خدا جي ڳجھي مصلحت تو ٻڌي ورتي آهي؟ تہ پوءِ تون ڪيئن پاڻ کي ئي ڏاهپ جو ٺيڪيدار ٿو سمجھين؟
9
تون اهو ڇا ٿو ڄاڻين جيڪو اسين نہ ٿا ڄاڻون؟ تو ۾ اها ڪهڙي سمجھہ آهي جيڪا اسان ۾ نہ آهي؟
10
گھڻا ئي اڇي مٿي وارا اسان جهڙي سوچ رکن ٿا، جن ۾ اهڙا پوڙها بہ آهن، جيڪي تنهنجي پيءُ کان بہ عمر ۾ وڏا آهن.
11
خدا جو دلاسو تنهنجي نظر ۾ ڇو بلڪل خسيس آهي؟ ۽ اهي ڳالهيون پڻ، جيڪي تو سان نرميءَ سان ڪيون وڃن ٿيون؟
12
ڇو تون خدا جي مخالفت لاءِ آمادہ ٿيو وڃين، ۽ پنهنجي واتان اهڙيون ڳالهيون ٿو ڪڍين؟ ايتري قدر جو تنهنجي دل جوش وچان تيزيءَ سان ٿي ڌڙڪي، ۽ تنهنجيون اکيون ڳاڙهيون ٿيو وڃن؟
14
انسان آهي ڇا جو پاڪ ٿي سگھي؟ هائو، ڇا فاني انسان ڪو سچار ٿي سگھي ٿو؟
15
جڏهن تہ خدا پنهنجي ملائڪن تي بہ ڀروسو نہ ٿو رکي، توڙي جو آسمان بہ سندس نظر ۾ پاڪ نہ آهي،
16
تہ پوءِ ڀلا ڪراهت جهڙن، ۽ خراب انسانن جو ڪهڙو ذڪر ڪجي، جيڪي گناهہ کي پاڻيءَ وانگر پي وڃن ٿا.“
17
”هاڻي ٻڌ اي ايوب! آءٌ تو کي سمجھايان ٿو، جيڪي ڪجھہ مون ڏٺو آهي سو آءٌ بيان ڪريان ٿو.
18
يعني آءٌ اها ڏاهپ بيان ڪندس، جيڪا ڏاهن ماڻهن پنهنجن ابن ڏاڏن کان ٻڌي ٻين کي ٻڌائي آهي ۽ لڪائي ڪين اٿائون.
19
خدا رڳو انهن ڏاهن کي ئي ملڪ عطا ڪيو، ۽ ڪوبہ ڌاريو ماڻهو سندن دليون خدا کان ڦيري نہ سگھيو.
20
شرير ماڻهو پنهنجي سڄي عمر سورن منجھہ پيا گذارين، يعني سمورا سال، جيڪي ظالمن لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن.
21
دهشتناڪ آواز هنن جي ڪنن ۾ گونجندا ٿا رهن، سندن سک ۽ سانت جي ڏينهن ۾ ڦُرلٽ ڪرڻ وارا اچي مٿن ڪڙڪندا.
22
شريرن کي اميد ئي ڪانهي تہ هو ڪو اونداهيءَ جي حالت مان نڪري ايندا، بلڪ هو ڄاڻين ٿا تہ سندن موت جو ڏينهن تمام ويجھو آهي. بيشڪ تلوار هنن لاءِ منتظر آهي، ۽ سندن لاشن کي ڳجھن جي کائڻ لاءِ اڇلايو ويندو.
24
مصيبت ۽ تنگي کين اهڙي بادشاهہ وانگر ٿيون ڊيڄارين، جيڪو جنگ جي لاءِ تيار هجي. اهي مٿن غالب پون ٿيون.
25
اهو سڀ ان ڪري آهي جو شريرن خدا کي للڪاريو آهي، ۽ قادرِمطلق خلاف مغروريءَ سان هليا آهن.
26
هو ڪنڌ آڪڙائي پنهنجي ٿلهن بونبن واري ڍال سان ساڻس مقابلي ڪرڻ لاءِ ڪاهون ڪن ٿا.
27
جيتوڻيڪ سندن منهن تي ٿولهہ اچي ويئي آهي، ۽ خوشحاليءَ سندن بدن تي چرٻيءَ جا تهہ ڄمائي ڇڏيا آهن،
28
تنهن هوندي بہ هو ويران شهرن ۾ رهندا، هائو، اهڙن غير آباد گھرن ۾، جيڪي ڊهي ڍير ٿيڻ وارا آهن.
29
هو دولتمند نہ رهندا، نڪي سندن مال ملڪيت جٽاءُ ڪندو، نڪي اهڙن جي ملڪيت ڌرتيءَ تي وڌندي ويجھندي.
30
هو موت جي پاڇي مان ڀڄي نہ سگھندا. جيڪڏهن هو بيهودگيءَ تي ڀروسو ڪري پاڻ کي گمراهہ ڪندا، تہ بيهودگي ئي سندن اجر ٿيندو. هو اهڙي وڻ جيان آهن، جنهن جي نرم ٽارين کي شعلا ساڙي سڪائي ٿا ڇڏين، خدا جي هڪڙي ڦوڪ کين اڏائي ڇڏيندي.
32
هائو، وقت کان اڳ هن جون شاخون ڪومائجي وينديون، سندس ٽاريون سايون نہ رهنديون.
33
شرير انگورن جي انهيءَ ول وانگر آهن، جنهن جا انگور ڪچا ئي ڇڻي ويندا آهن. هو زيتون جي انهيءَ وڻ وانگر آهن، جنهن جو ٻور ئي ڇڻيو وڃي.
34
بيشڪ اهي خدا کي رد ڪندڙ آهن، جيڪي بياولاد ئي رهندا، انهن رشوتخورن جي گھرن کي باهہ ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.
35
جيئن تہ شرارت هنن جي پيٽ ۾ آهي، سو هو بدڪاري ئي ڄڻين ٿا. بيشڪ سندن پيٽن ۾ ٺڳي پيئي نسري.“
← Chapter 14
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 16 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42