bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Job 19
Job 19
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 18
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 20 →
1
تڏهن ايوب ورندي ڏيئي چيو تہ
2
”ڪيستائين اوهين منهنجي جان جھوريندا رهندا؟ ڪيستائين پنهنجي ڳالهين سان اوهين مون کي وڍ ڏيندا رهندا؟
3
بار بار اوهان مون کي ملامت ڪندا رهيا آهيو، اوهان کي شرم نہ ٿو اچي جو مون کي ستايو ٿا؟
4
ڀلا، جيڪڏهن مون کان سچ پچ ڪا خطا ٿي آهي، تہ پوءِ ان مان اوهان کي ڪهڙو نقصان رسيو آهي؟
5
اوهين پاڻ کي هر ڳالهہ ۾ مون کان مٿاهون پيا سمجھو، ۽ سمجھو ٿا تہ منهنجي مصيبت منهنجي گناهہ جي ثابتي آهي،
6
پر ائين نہ آهي بلڪ خدا پنهنجي ڪنهن منصوبي تحت مون کي پستيءَ ۾ اڇلايو آهي، هائو، هن مون کي ڦاسائڻ لاءِ منهنجي چوڌاري پنهنجو ڄار وڌو آهي.
7
ڏسو، آءٌ انهيءَ ظلم جي خلاف پڪاريان پيو، پر منهنجي ٻڌي نہ ٿي وڃي، هائو، آءٌ مدد لاءِ روئان رڙان پيو، پر مون سان انصاف نہ ٿو ٿئي.
8
خدا منهنجي راهہ ۾ اهڙو لوڙهو هڻي ڇڏيو آهي، جو آءٌ لنگھي نہ ٿو سگھان. هن منهنجي رستن کي اونداهو ڪري ڇڏيو آهي.
9
هن منهنجي عزت مون کان کسي ورتي آهي، هائو، منهنجي مٿي تان ڄڻ تاج لاهي ورتو اٿس.
10
هن مون کي هر طرف کان برباد ڪري ڇڏيو آهي، هائو، آءٌ تہ ناس ٿي ويو آهيان. هن منهنجي اميد کي وڻ وانگر پاڙان پٽي اڇلايو آهي.
11
هن مون تي پنهنجو اهڙو غضب نازل ڪيو آهي، جو ڄڻ تہ آءٌ سندس دشمنن ۾ شامل آهيان.
12
هن مون تي حملي ڪرڻ لاءِ ڄڻ مصيبتن جون فوجون موڪليون آهن، جيڪي منهنجي گھر جي چوڌاري مورچا ٺاهي گھيرو ڪيو ويٺيون آهن.
13
هن منهنجي مائٽن هٿان مون کي ڌڪاري ڪڍيو آهي، بلڪ منهنجا ڄاڻ سڃاڻ وارا بہ مون کان بيگانا ڪري ڇڏيا اٿائين.
14
منهنجا مٽ مائٽ مون کان بيزار ٿي ويا آهن، ۽ گھاٽن دوستن مون کي وساري ڇڏيو آهي.
15
منهنجي گھر ۾ رهڻ وارن مون کي وساري ڇڏيو آهي، منهنجيون ٻانهيون بہ مون کي ڌاريو ٿيون سمجھن، ۽ سندن نظرن ۾ آءٌ بيگانو ٿي پيو آهيان.
16
آءٌ پنهنجي ٻانهي کي سڏ ٿو ڪريان، بلڪ کيس منٿ ٿو ڪريان، تہ بہ هو مون کي ورندي ڪين ٿو ڏئي.
17
منهنجي زال کي مون مان بدبوءِ ٿي اچي، ۽ منهنجا سڳا ڀائر بہ مون کي ڌڪارين ٿا.
18
ايتري قدر جو ننڍا ٻار بہ مون کان نفرت ٿا ڪن، جڏهن هو مون کي ڏسن ٿا تہ مون تي ٺٺوليون ڪري کلن ٿا.
19
منهنجا سڀيئي همراز دوست مون کان ڪراهت ٿا ڪن، جن سان منهنجي محبت آهي، سي بہ منهنجي خلاف ٿي ويا آهن.
20
مون وٽ باقي رهيو ئي ڇا آهي؟ رڳو موت جو مزو نہ چکيو اٿم، هائو، مون وٽ بنا ماس جي هي هڏائون پڃرو ئي باقي وڃي رهيو آهي.
21
اي منهنجا دوستؤ! گھٽ ۾ گھٽ اوهين تہ مون تي رحم ڪريو، ڇو تہ خدا جو ڳرو هٿ مون تي اچي پيو آهي.
22
اوهين ڇو خدا وانگر مون کي ستايو ٿا، ۽ منهنجي حال تي رحم نہ ٿا ڪريو؟
23
ڪاش! منهنجيون هي ڳالهيون لکيون وڃن ها. ڪاش! اهي ڪنهن ڪتاب ۾ درج ڪيون وڃن ها.
24
ڪاش! اهي ڇيڻيءَ سان پٿر تي اُڪريون وڃن ها، انهيءَ لاءِ تہ جيئن هميشہ لکيل رهن ها.
25
تنهن هوندي بہ مون کي يقين آهي تہ هڪڙو آهي جيڪو مون کي سچو قرار ڏيندو، هائو، آخرڪار اهو هن ڌرتيءَ تي منهنجي لاءِ اُٿي کڙو ٿيندو.
26
بيشڪ آءٌ پنهنجي هن ئي بدن ۾ رهي خدا آڏو ضرور بيهندس، توڙي جو منهنجي کل کي ماس کان ڳاري لاٿو وڃي،
27
هائو، آءٌ پاڻ انهيءَ کي ڏسندس، منهنجيون پنهنجيون اکيون کيس ڏسنديون، نہ ڪنهن ٻئي جون. انهيءَ گھڙيءَ جي انتظار ۾ منهنجي دل ڪيڏي نہ سڪي ٿي!
28
سو جيڪڏهن اوهين اڃا بہ چئو ٿا تہ ’اسين ڪهڙن طريقن سان هن کي ستايون، تہ جيئن اهو ثابت ڪريون تہ سندس مصيبتن جو بنياد هو پاڻ آهي.‘
29
تہ پوءِ اوهين حق جي تلوار کان ڊڄو، ڇاڪاڻ تہ خدا جو قهر تلوار جون سزائون آڻي ٿو، پوءِ اوهين ڄاڻي وٺندءُ تہ عدالت ضرور لڳندي.“
← Chapter 18
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 20 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42