bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Job 29
Job 29
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 28
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 30 →
1
ايوب وڌيڪ ڳالهائيندي چيو تہ
2
”ڪاش! آءٌ اهڙو ئي هجان ها جهڙو اڳئين وقت ۾ هئس، هائو، انهن ڏينهن وانگر جڏهن خدا منهنجي حفاظت ڪندو هو.
3
تڏهن خدا هميشہ مون سان گڏ هوندو هو، ۽ سندس عطا ڪيل روشنيءَ جي مدد سان آءٌ اونداهيءَ مان بہ لنگھي ويندو هئس.
4
انهن ڏينهن ۾ آءٌ سکيو ستابو هوندو هئس، ۽ منهنجي گھر تي خدا جي ٻاجھہ هوندي هئي.
5
تڏهن قادرِمطلق اڃا مون سان گڏ هو، ۽ منهنجا ٻار منهنجي چوڌاري هوندا هئا.
6
انهن ڏينهن ۾ مون کي تمام گھڻو مال ۽ باغ باغيچا هوندا هئا، تنهنڪري مون وٽ کير ۽ تيل جون نديون وهنديون هيون.
7
جڏهن آءٌ شهر جي دروازي وٽ اڳواڻن جي مجلس ۾ ويهڻ لاءِ پنهنجي مسند ڏانهن ويندو هئس،
8
تڏهن جوان ماڻهو مون کي ڏسندي ئي هٽي رستو ڏيندا هئا، ۽ پوڙها منهنجي احترام ۾ اُٿي بيهندا هئا.
9
منهنجي اچڻ تي شهر جا امير احترام وچان پنهنجو ڳالهائڻ بند ڪري خاموش ٿي ويهندا هئا.
10
هائو، انهن جو آواز بلڪل بند ٿي ويندو هو، ڄڻ تہ سندن زبان وڃي تارونءَ سان لڳندي هئي.“
11
”جيڪي بہ ماڻهو منهنجي نيڪ ڪمن بابت ٻڌندا يا اُهي ڏسندا هئا، سي مون کي مبارڪ سڏيندا هئا، ۽ منهنجي نيڪيءَ جي شاهدي ڏيندا هئا.
12
انهيءَ سبب جو غريب جيڪي دانهون ڪندا هئا، ۽ يتيم جن جو ڪوبہ واهرو ڪونہ هو، تن جون مشڪلاتون آءٌ دور ڪندو هئس.
13
هائو، ڏک سهندي موت جي منهن مان بچي وڃڻ وارا بہ مون کي دعا ڪندا هئا، منهنجي مدد سان رننزالن کي بيانتها خوشي حاصل ٿيندي هئي.
14
سچائي ڄڻ لباس وانگر مون کي پهريل هوندي هئي، ۽ انصاف مون کي هڪ جبي ۽ دستار وانگر پهريل هو.
15
آءٌ انڌن جي لاءِ اکيون، ۽ منڊن جي لاءِ پير هوندو هئس.
16
محتاجن جي آءٌ پيءُ وانگر سار سنڀال لهندو هئس، ۽ جن کي آءٌ سڃاڻيندو ئي نہ هئس، عدالت ۾ تن جي بہ حقن جي حفاظت ڪندو هئس.
17
بدڪار ماڻهن جي ڏندن مان آءٌ شڪار ڇڪي ڪڍي وٺندو هئس، هائو، بدڪارن جون ڄاڙيون ڀڃي، تن کان ستايلن کي ڇڏائيندو هئس.“
18
”مون کي هميشہ اها اميد هئي تہ آءٌ وڏي ڄمار تائين جيئندس ۽ پنهنجي ئي ڪکن ۾ سڪون سان مرندس،
19
آءٌ هميشہ انهيءَ وڻ وانگر رهندس، جنهن جون پاڙون سدائين سايون رهنديون آهن، منهنجي ٽارين تي سڄي رات ماڪ پوندي، ۽ مون کي تازگي بخشيندي،
20
هر ڪو ماڻهو هميشہ منهنجي عزت ۽ احترام ڪندو رهندو، ۽ مون کي سدائين نئين طاقت عطا ٿيندي رهندي، هائو، مون کي هميشہ اها ئي اميد رهندي هئي.
21
اڳي جڏهن آءٌ ڪا صلاح مشورو ڏيندو هئس، تہ ماڻهو خاموش ٿي ويندا هئا، ۽ جيڪي ڪجھہ آءٌ چوندو هئس سو ڌيان ڏيئي ٻڌندا هئا.
22
منهنجي ڏنل صلاح هڪدم قبول ڪندي، اهي وڌيڪ بلڪل نہ ڳالهائيندا هئا. منهنجو ڳالهائڻ ٺوٺ ڌرتيءَ تي پوندڙ مينهن جي ڦڙن وانگر سندن دلين ۾ جذب ٿي ويندو هو.
23
ماڻهو منهنجي ڳالهائڻ لاءِ ائين منتظر رهندا هئا، جيئن سوڪهڙي ۾ برسات لاءِ واجھائيندا هجن. حقيقت ۾ اهي انهن فڪرمند هارين جيان هئا، جيڪي بهار جي آخري برسات لاءِ واجھائيندا هجن.
24
ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ جڏهن اهي نااميد ٿي ويندا هئا، تڏهن آءٌ اچي ساڻن ساٿ ڏيندو هئس، هائو، منهنجو مرڪندڙ چهرو سندن همتافزائي ڪندو هو.
25
آءٌ ئي سندن اڳواڻي ڪندو هئس، ۽ سندن لاءِ واٽون مقرر ڪندو هئس. آءٌ منجھن ائين رهندو هئس، جيئن ڪو بادشاهہ پنهنجي سپاهين ۾ رهي، آءٌ سندن ڏکن ۾ کين تسلي ڏيندو هئس.“
← Chapter 28
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 30 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42