bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Job 8
Job 8
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 9 →
1
تڏهن بلدد سوخيءَ ورندي ڏيئي ايوب کي چيو تہ
2
”ڪيستائين تون اهي ڳالهيون پيو ڪندين؟ ڪيستائين تنهنجيون ڳالهيون آنڌي طوفان جيان هونديون؟
3
ڇا خدا عدل کي ڦيرائي ٿو ڇڏي؟ ڇا قادرِمطلق انصاف جو خون ٿو ڪري؟
4
جيڪڏهن تنهنجي اولاد سندس گناهہ ڪيو آهي، تہ هن انهن کي سندن ئي گناهہ جي سزا ڏني آهي.
5
پوءِ بہ جيڪڏهن تون خدا جي مدد جو طالبو ٿيندين، ۽ قادرِمطلق کي ٻاڏائيندين،
6
تڏهن جي تون پاڪ ۽ سچو هوندين، تہ پوءِ يقيناً هو تنهنجي مدد لاءِ اٿندو. هو تنهنجي سچائيءَ جي انعام طور تنهنجي گھراڻي کي وري بحال ڪندو.
7
ايتري قدر جو جيتوڻيڪ شروعات ۾ تو وٽ ٿورو ڪجھہ هو، تہ بہ پڇاڙيءَ ۾ تو وٽ تمام گھڻو هوندو.
8
گھڙي پلڪ لاءِ اڳين زمانن جي ڏاهپ بابت غور ويچار ڪري ڏس، ۽ ڄاڻي وٺ تہ اسان جي ابن ڏاڏن ڪهڙيون حقيقتون سکيون.
9
جڏهن تہ اسين ڪالهوڪا ٻار آهيون ۽ ڪجھہ نہ ٿا ڄاڻون، ڌرتيءَ تي اسان جا ڏينهن هڪ پاڇي وانگر گذريو وڃن.
10
ابن ڏاڏن جون اهي حقيقتون تو کي هي سيکارينديون، هائو، سندن دانائي تو کي هيءَ ڄاڻ ڏيندي تہ
11
ڪانو ڀلا سڪل زمين ۾ ڦٽي سگھي ٿو ڇا؟ يا ٻُوڙو پاڻيءَ کان سواءِ اڀري سگھي ٿو ڇا؟
12
جڏهن تہ اهو اڃا وڌندو ئي ويندو آهي، ۽ وڍيو بہ ڪين ويندو آهي، تہ پاڻي نہ ملڻ تي اهو ٻين ٻوٽن کان اڳي سڪي ويندو آهي.
13
خدا کي رد ڪندڙ ماڻهن جا رستا اهڙن ئي ٻُوڙن وانگر آهن، هائو، اهڙن بيدينن جي هر اميد نابود ڪئي ويندي.
14
انهن جو آسرو ٽوڙيو ويندو، ڇو تہ سندن ڀروسو ڪوريئڙي جي ڄار مثل آهي.
15
جيڪڏهن هو ڄاري کي ٽيڪ ڏيندا تہ ڇا اهو کين ڪِرڻ کان بچائيندو؟ جيڪڏهن هو ڄاري کي چنبڙندا تہ ڇا اهو کين جھلي بيهندو؟
16
بدڪار ماڻهو انهن ٻوٽن وانگر اڀرن ٿا، جيڪي سٺي موسم ۾ وڌن ٿا. انهن ٻوٽن جيان جيڪي سڄي باغ ۾ پکڙجي ٿا وڃن.
17
انهن جون پاڙون توڙي جو پٿرن جي ڍڳ کي چوڌاري ويڙهجي وڃن ٿيون، يا وري پٿريلي جاءِ ۾ داخل ٿين ٿيون،
18
پر جڏهن انهن کي پٽڻ وارو پٽي ڪڍي ٿو، تڏهن ڪنهن کي معلوم ئي نہ ٿو ٿئي تہ اتي انهن جي ڪا جاءِ بہ هئي.
19
هائو، بدڪار ماڻهوءَ جو اهو ئي انجام آهي، ائين سندس جاءِ تي وري ٻيو ڦٽي نڪري ٿو.
20
پر ياد رک، خدا بيقصور ماڻهوءَ کي ڪڏهن بہ ڇڏي نہ ٿو ڏئي، نڪي بدڪار ماڻهوءَ جا هٿ مضبوط ٿو ڪري.
21
سو اي ايوب! هو هاڻي بہ تنهنجو وات کِلَ سان، ۽ تنهنجا چپ ٽهڪن سان ڀري سگھي ٿو.
22
هائو، جيڪي تو کي ڌڪارين ٿا، سي بيحد شرمسار ٿيندا. خدا بدڪارن جي گھرن کي برباد ڪري ڇڏيندو.“
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 9 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42