bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Job 36
Job 36
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 35
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 37 →
1
اليهوءَ وڌيڪ هي چيو تہ
2
”ٿوري دير وڌيڪ صبر ڪري ٻڌ، آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو، جو مون کي اڃا بہ خدا جي پاران ڪي ڪجھہ چوڻو آهي.
3
منهنجو علم وسيع آهي، سو آءٌ پنهنجي ڄاڻ جي وسيلي پنهنجي خالق کي عادل ثابت ڪندس.
4
اها حقيقت آهي تہ منهنجي ڳالهين ۾ ڪوڙ بلڪل نہ آهي، آءٌ، جيڪو تو سان ويٺو ڳالهايان ٿو سو ڪامل علم رکان ٿو.
5
ياد رک، خدا قادر آهي، تنهن هوندي بہ هو ڪنهن کي حقير نہ ٿو ڄاڻي، ڇو تہ هو سمجھہ جي وڏي سگھہ رکندڙ آهي.
6
بدڪارن کي هو جيئرو رهڻ نہ ٿو ڏئي، پر ڏکويلن کي سندن حق ڏئي ٿو.
7
سچارن تان هو پنهنجي مهر جي نظر نہ ٿو هٽائي، بلڪ انهن کي بادشاهن وانگر هميشہ لاءِ تخت تي ويهاري ٿو، اهڙيءَ طرح هو کين سرفراز ڪري ٿو.
8
پر جيڪڏهن اهي زنجيرن ۾ ٻڌجن ٿا، ۽ پنهنجي عملن جي ڪري مصيبت ۾ ڦاسن ٿا،
9
تہ خدا کين انهيءَ رستي سندن گناهہ ڏيکاري ٿو، جيڪي هنن پنهنجي مغروريءَ ۾ ڪيا آهن.
10
هو انهن جي سڌاري لاءِ سندن ڪن کولي ٿو، ۽ کين هدايت ٿو ڪري تہ هو بدڪاريءَ کان مڙي وڃن.
11
پوءِ جيڪڏهن هو ٻڌندا ۽ سندس تابعداري ڪندا، تہ اهي امن ۽ خوشحاليءَ واري زندگي گذاريندا.
12
پر جي هو نہ ٻڌندا تہ ماريا ويندا، ۽ خدا جي نافرمانيءَ واري بيوقوفيءَ جي ڪري موت جي منهن ۾ وڃي ڪرندا.
13
ان کان علاوہ جيڪي خدا کي رد ڪندڙ آهن، سي پنهنجي غصي کي قائم رکندا ٿا اچن، ايتري قدر جو جڏهن خدا کين سزا ٿو ڏئي، تڏهن بہ اهي کيس مدد لاءِ نہ ٿا پڪارين.
14
بيشڪ اهي جوانيءَ ۾ ئي مري وڃن ٿا، ۽ سندن حياتي شرم ۾ ٻڏندي ختم ٿي وڃي ٿي.
15
پر خدا مصيبت ۾ ڦاٿلن کي انهيءَ مصيبت جي ذريعي صحيح رستي تي آڻي ٿو، هائو، هو مشڪلاتن جي ذريعي سندن اکيون کولي ٿو.“
16
”اهڙيءَ طرح خدا تو کي بہ مصيبت مان ڪڍي اهڙي ڪشاديءَ جاءِ ۾ پهچائي ها، جتي تنگي بلڪل نہ آهي. هو تنهنجي دسترخوان کي عمدن طعامن سان ڀري ڇڏي ها.
17
پر هاڻي تون شرير ماڻهن وانگر پوري سزا ڀوڳي رهيو آهين، انهيءَ ڪري جو خدا جي عدالت ۽ انصاف تو کي اچي پڪڙيو آهي.
18
سو خبردار، متان تنهنجو غصو تو کي وڌيڪ گمراهہ نہ ڪري ڇڏي، يا ناجائز دولت ميڙي سدائين قائم رهڻ واري تنهنجي سوچ تو کي ٻوڙي نہ ڇڏي.
19
ڇا تنهنجو روئڻ تو کي مصيبت مان ڇڏائي ٿو سگھي؟ يا تون پنهنجي ڀرپور طاقت، ۽ ڪوشش سان پاڻ کي بچائي ٿو سگھين؟
20
انهيءَ موت واري رات جي خواهش بہ نہ ڪر، جنهن رات ۾ قومن جون قومون بہ پنهنجي جاءِ تان مٽجيو وڃن.
21
خبردار، هاڻي بدڪاريءَ جي ويجھو نہ وڃ، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ جي ڪري ئي تون تباهيءَ جي راهہ تي لڳو آهين.
22
ياد رک، خدا پنهنجي قدرت جي ڪري سڀني کان عظيم آهي. ڇا اسان کي سيکارڻ لاءِ انهيءَ جهڙو عظيم استاد ڪو ٻيو آهي؟
23
ڪير آهي جيڪو خدا کي سيکاري سگھي تہ کيس ڇا ڇا ڪرڻو آهي؟ يا ڪير آهي جيڪو کيس چئي سگھي تہ ’تو بيانصافي ڪئي آهي؟‘
24
ياد رک، تو کي بہ انهيءَ جي ڪمن جي واکاڻ ڪرڻ گھرجي، جنهن جي واکاڻ ماڻهو هميشہ ڳائيندا رهيا آهن.
25
هر ڪو ماڻهو سندس ڪمن کي تہ ڏسي ٿو، پر اهي گھڻو پري کان مٿن نظر ڪن ٿا.“
26
”ڏس، خدا عظيم آهي، اسين سندس عظمت کي پوريءَ طرح نہ ٿا ڄاڻي سگھون. اسين نہ ٿا ٻڌائي سگھون تہ هو ڪيترن سالن کان آهي.
27
هو ئي آهي، جيڪو پاڻيءَ کي بخارن جي صورت ۾ زمين تان ڇڪي وٺي ٿو، ۽ اهو پاڻي وري مينهن جي صورت ۾ هيٺ ٽمڻ لڳي ٿو.
28
هائو، خدا ڪڪرن مان مينهن کي پلٽي ٿو، ۽ پوري انسانذات مٿان انهيءَ جو جھجھو ڦوهارو وسائي ٿو.
29
انهيءَ مينهن جي وسيلي هو ماڻهن جي پالنا ڪري ٿو، ۽ کين بيانداز خوراڪ عطا ڪري ٿو. ڇا ڪو انسان سمجھي سگھي ٿو تہ ڪڪر ڪيئن ٿا پکڙجن، ۽ سندس عرش مان ڪيئن ٿي گجگوڙ ٿئي؟ ڏس، هو پوري آسمان کي وڄ جي روشنيءَ سان چمڪائي ٿو، پر هو سمنڊ جي اونهاين کي اونداهو رکي ٿو.
32
هو وڄ کي پنهنجي هٿ ۾ کڻي ٿو، ۽ کيس حڪم ٿو ڏئي تہ وڃي پنهنجي نشان کي لڳي.
33
گجگوڙ طوفان جي اچڻ جو اعلان ٿي ڪري، ۽ چوپايو مال بہ انهيءَ جي اچڻ جي خبر ڏئي ٿو.
← Chapter 35
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 37 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42