bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Job 37
Job 37
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 36
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 38 →
1
هائو، انهيءَ طوفان جي ڪري منهنجي دل ڏڪي ٿي، ايتري قدر جو سيني کان ٻاهر نڪتي ٿي اچي.
2
اوهين سڀ ڌيان سان خدا جي ڳالهائڻ جو آواز تہ ٻڌو، هائو، سندس واتان نڪرندڙ اها گجگوڙ تہ ٻڌو.
3
هو پنهنجي وڄ کي عرش کان هيٺ ٿو موڪلي، ۽ اها ڌرتيءَ جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين وڃيو پهچي.
4
انهيءَ کان پوءِ سندس گجگوڙ جهڙو آواز ٻڌڻ ۾ ٿو اچي، هائو، هو پنهنجي جلال واري آواز سان گجي ٿو. جنهن وقت سندس آواز ٻڌڻ ۾ ٿو اچي، تنهن وقت هو وڄ جا چمڪاٽ موڪليندو ٿو رهي.
5
خدا پنهنجي آواز سان عجيب نموني گجگوڙ ٿو ڪري. هو وڏا وڏا معجزا ڪري ٿو، جيڪي اسين سمجھي نہ ٿا سگھون.
6
هو برف کي زمين تي ڪرڻ جو حڪم ٿو ڏئي، ساڳيءَ طرح برسات جي وڏ ڦڙي وسڪاري کي بہ حڪم ٿو ڏئي.
7
ائين هو سڀني ماڻهن کي پورهئي کان روڪي رکي ٿو، انهيءَ لاءِ تہ سندس مخلوق هن جي قدرت کي ڏسي.
8
انهيءَ وقت جھنگلي جانور بہ پنهنجي ڏرن ۾ وڃيو لڪن، ۽ پنهنجي پناهہگاهن ۾ ئي پئجي ٿا رهن.
9
ڏکڻ کان طوفاني هوائون ٿيون اچن، ۽ اتر کان ڏنگيندڙ ٿڌيون هوائون.
10
خدا جي ڦوڪ سان برف ڄمي پوي ٿي، ۽ پاڻيءَ جو مٿاڇرو ڌاتوءَ جهڙو سخت ٿي پوي ٿو.
11
هو گھاٽن ڪڪرن کي گھم سان ڀري ٿو، جيڪي سندس روشن وڄ کي هر طرف پکيڙي ڇڏين ٿا.
12
ڪڪر سندس اشاري سان چوڌاري ڦرن ٿا، تانتہ هو کين جيڪي بہ حڪم ڏئي، تنهن کي روءِزمين تي بجا آڻين.
13
پوءِ خواہ سيکت جي لاءِ توڙي رحمت جي لاءِ، هو اهو حڪم بجا آڻين ٿا.“
14
اليهوءَ وڌيڪ چيو تہ ”اي ايوب! هيءَ ڳالهہ ڌيان سان ٻڌ، ماٺ رهہ ۽ خدا جي عجيب وَ غريب ڪمن تي غور ڪر.
15
ڇا تون ڄاڻين ٿو تہ خدا ڪيئن ڪڪرن کي حڪم سان ٿو هلائي؟ ۽ ڪيئن انهن مان وڄ ٿو چمڪائي؟
16
ڇا تون ڄاڻين ٿو تہ ڪڪر آسمان ۾ ڪيئن ٿا ترن؟ هي عجيب وَ غريب ڪم انهيءَ جا ئي آهن، جيڪو علم ۾ ڪامل آهي.
17
جڏهن زمين سخت جھولي جي ڪري ويرانيءَ هيٺ اچي وڃي ٿي، تڏهن ڇا تون پنهنجي ڪپڙن ۾ آيل گرميءَ کان پاڻ کي بچائي ٿو سگھين؟
18
ان وقت ڇا تون آسمان ۾ آبهوا کي پکيڙڻ ۾ خدا جي مدد ڪري ٿو سگھين؟ هائو، انهيءَ آسمان ۾ جيڪو ٽامي جيان تپي باهہ ٿيل هجي.
19
جيڪڏهن تون ائين ڪري ٿو سگھين تہ ڀلا اسان کي بہ سمجھاءِ تہ اسين خدا آڏو بيهي ساڻس ڪيئن ڳالهايون، ڇاڪاڻ تہ اونداهيءَ ۾ هئڻ ڪري اسين ساڻس ڪو مقدمو وڙهي نہ ٿا سگھون.
20
پر نہ، آءٌ خدا سان ڳالهائڻ جي جرئت ئي نہ ٿو ڪري سگھان، ڇا ڪو اهڙو بيوقوف ٿيندو، جو چاهي تہ خدا کيس برباد ڪري ڇڏي؟
21
جڏهن هوا ڪڪرن کي هٽائي آسمان صاف ڪري ڇڏي ٿي، تڏهن ڪوبہ ماڻهو چمڪندڙ سج ڏانهن چتائي ڏسي نہ ٿو سگھي.
22
تهڙيءَ طرح جڏهن اتر کان خدا ڄڻ سونهري چمڪ ۾ اچي ٿو، تڏهن ڪير سندس هيبتناڪ جلال ڏسي سگھي ٿو؟
23
بيشڪ قادرِمطلق جي عظمت اسان جي سوچ کان بہ مٿاهين آهي، هن جي قدرت ۽ عدالت ايتري تہ عظيم آهي، جو هو انصاف کي ڪڏهن بہ نہ ٿو بگاڙي.
24
تنهنڪري اسين انسان سندس خوف ٿا رکون، پر جيڪي ماڻهو پاڻ کي وڏو عقلمند ٿا سمجھن، تن جو هو ڪو لحاظ نہ ٿو ڪري.“
← Chapter 36
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 38 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42