bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Job 9
Job 9
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 8
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 10 →
1
تڏهن ايوب بلدد کي ورندي ڏيئي چيو تہ
2
”ٺيڪ آهي، تو جيڪي چيو سو آءٌ ڄاڻان ٿو، پر هڪ انسان ڪهڙيءَ طرح خدا جي آڏو سچو ثابت ٿي ٿو سگھي؟
3
جيڪڏهن انسان ساڻس بحث ڪرڻ بہ چاهي، تہ سندس هڪ هزار ڳالهين مان هڪڙيءَ جو بہ جواب ڏيئي ڪين سگھندو.
4
خدا بيحد ڏاهو ۽ نهايت قدرت وارو آهي. ڪير آهي جيڪو سندس مقابلي ۾ اچي سلامت رهيو هجي؟
5
خدا اوچتو ئي اوچتو جبلن کي هٽائي ٿو ڇڏي، بلڪ هو ڪاوڙ ۾ انهن کي اونڌو ڪري ٿو ڇڏي.
6
هو ڌرتيءَ کي سندس بنياد کان لوڏيو ڇڏي، ۽ ان جا ٿنڀا بہ ڏڪڻ ٿا لڳن.
7
هو سج کي حڪم ڏيئي اڀرڻ کان روڪي ٿو سگھي. هو تارن کي پڻ چمڪڻ کان روڪي ٿو سگھي.
8
اهو ئي آهي جيڪو اڪيلي سر آسمانن کي پکيڙي ٿو، ۽ سمنڊ جي ڇولين کي پنهنجي مٺ ۾ رکي ٿو.
9
هو ئي کٽ، ٽيڙو، ڪتيءَ ۽ ڏکڻ وارن برجن جو خالق آهي.
10
هو اهڙا تہ وڏا وڏا ۽ بيشمار عجيب ڪم ڪري ٿو، جيڪي سمجھہ کان ٻاهر آهن.
11
ڏس، جيڪڏهن هو منهنجي اڳيان گذري وڃي، تہ بہ آءٌ کيس ڏسي نہ ٿو سگھان. هو جيڪڏهن اڳتي لنگھي ٿو وڃي تہ بہ مون کي خبر نہ ٿي پوي.
12
جيڪڏهن هو ڪجھہ کسي وٺي تہ ڪير آهي جيڪو کيس روڪي سگھي؟ يا ڪنهن ۾ ايتري جرئت آهي جو کيس چوي تہ ’تون هي ڇا ٿو ڪرين؟‘
13
جڏهن خدا پنهنجي ڪاوڙ ڏيکاري، تڏهن سامونڊي بلا رهب جا ساٿي بہ ڊپ وچان سندس پيرن ۾ اچي جھڪيا.
14
پوءِ مون کي ڪهڙي طاقت آهي جو آءٌ ساڻس تڪرار ڪريان، ساڻس بحث ڪرڻ لاءِ لفظ ڪٿان آڻيان؟
15
جيتوڻيڪ آءٌ بيقصور بہ آهيان، تہ بہ آءٌ کيس جواب ڏيئي نہ ٿو سگھان، آءٌ پنهنجي ان ڏوهاري قرار ڏيندڙ کي رحم لاءِ رڳو منٿ زاري ئي ڪري سگھان ٿو.
16
جي کڻي خدا منهنجي معاملي کي پنهنجي عدالت ۾ هلائڻ لاءِ راضي بہ ٿئي، تہ بہ جيڪر آءٌ ويساهہ نہ ڪريان تہ هو ڪو منهنجي ٻڌندو.
17
انهيءَ سبب جو هو تِر جيتري ڳالهہ لاءِ بہ مون کي چيڀاٽي ٿو ڇڏي، هائو، هو بنا ڪنهن سبب جي منهنجا زخم وڌائي ٿو ڇڏي.
18
هو مون کي ساهہ پٽڻ نہ ٿو ڏئي، بلڪ مون کي سخت بيحاليءَ سان ڀري ٿو ڇڏي.
19
جيڪڏهن طاقت جي ڳالهہ آهي تہ بيشڪ هو ئي طاقتور آهي. جيڪڏهن انصاف جي ڳالهہ آهي تہ ڪير مون کي انهيءَ کان انصاف وٺي ڏيندو؟
20
جيتوڻيڪ آءٌ بيقصور آهيان، تہ بہ منهنجي زبان ئي مون کي قصوروار قرار ڏيندي. جيتوڻيڪ آءٌ بيگناهہ آهيان، تہ بہ اها مون کي گنهگار ثابت ڪندي.“
21
”آءٌ بيگناهہ تہ آهيان، پر هاڻي مون کي زندگيءَ جي ڪا پرواهہ ڪانهي. آءٌ پنهنجي حياتيءَ کي حقير ٿو ڄاڻان.
22
بيشڪ انهيءَ سان ڪو فرق نہ ٿو پوي، ڇو تہ خدا بيگناهہ ۽ بدڪار کي هڪجهڙو ئي ناس ٿو ڪري.
23
جيڪڏهن وبا اوچتو اچي مارو ٿي وجھي، تہ هو بيگناهہ جي مصيبت تي ويهي کلي ٿو.
24
خدا دنيا کي بدڪارن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي، ۽ انهيءَ جي ججن جون اکيون ٻڌي ڇڏيون اٿائين. ڀلا جي خدا ائين نہ ڪيو آهي تہ ٻيو ڪير آهي؟
25
منهنجي زندگيءَ جا ڏينهن بنا ڪنهن خوشي ڏسڻ جي نهايت تيزيءَ سان گذرندا ٿا وڃن. هائو، اهي بلڪل اڏامندا ٿا وڃن.
26
اهي ڪانن جي ٻيڙيءَ وانگر تيزيءَ سان لنگھي ويا آهن، هائو، انهيءَ باز وانگر، جيڪو تيزيءَ سان پنهنجي شڪار تي لامارو ڏئي ٿو.
27
جيڪڏهن آءٌ چوان تہ ’آءٌ پنهنجا ڏک وساري ڇڏيندس ۽ پنهنجي اداسي ڇڏي خوش گذاريندس،‘
28
تڏهن مون کي اڃا وڌيڪ ڏکن ملڻ جو ڊپ وٺيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ خدا مون کي بيقصور قرار نہ ڏيندو.
29
جڏهن تہ مون کي اڳ ۾ ئي ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي، تہ پوءِ آءٌ ڇا جي لاءِ اجائي جاکوڙ ڪريان؟
30
آءٌ پاڻ کي بيڏوهي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪيترو بہ کڻي ڪنهن صابڻ توڙي کار سان پاڻ کي ڌوئان،
31
تڏهن بہ هو مون کي بدبودار گپ واري ان کڏ ۾ غوطو ڏياريندو، ايتري قدر جو منهنجا ڪپڙا بہ مون کان نفرت ڪندا.
32
خدا مون وانگر انسان نہ آهي، جو آءٌ ساڻس تڪرار ڪريان، يا وري اسين ٻيئي گڏجي ڪنهن عدالت ۾ حاضر ٿيون.
33
ڪاش! اسان ٻنهي جي فيصلي لاءِ ڪو امين هجي، جيڪو اسان ٻنهي جي وچ ۾ انصاف ڪري.
34
پوءِ هو خدا جي لٺ مون تان پري ڪري، تہ جيئن سندس خوف مون کي وڌيڪ نہ ڊيڄاري.
35
تہ پوءِ آءٌ بيخوف ٿي ڳالهايان ۽ کانئس نہ ڊڄان. پر هاڻوڪي حالت ۾ تہ آءٌ ڳالهائي بہ ڪين ٿو سگھان.“
← Chapter 8
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 10 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42