bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Job 42
Job 42
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 41
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
1
تڏهن ايوب خداوند کي ورندي ڏيئي چيو تہ
2
”اي خداوند! آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون سڀ ڪجھہ ڪري سگھين ٿو، تنهنجو ڪوبہ ارادو روڪجي نہ ٿو سگھي.
3
تون چوين ٿو تہ مون تنهنجي حڪمت بابت پڇڻ جي جرئت ڪيئن ڪئي آهي، جڏهن تہ آءٌ بلڪل اڻڄاڻ آهيان. بيشڪ مون اهڙين حيرتناڪ ڳالهين بابت ڳالهايو آهي، جيڪي منهنجي سمجھہ کان گھڻو مٿي هيون ۽ جن بابت مون کي ڪا ڄاڻ نہ هئي.
4
تو مون کي چيو هو تہ ’منهنجي ٻڌ، آءٌ ڪجھہ ڳالهائيندس ۽ تو کان پڇندس، تون مون کي انهيءَ جو جواب ڏي.‘
5
اڳ آءٌ تو بابت رڳو ٻڌندو هئس، پر هاڻي جڏهن تو کي اکين سان ڏٺو اٿم،
6
تڏهن نہ رڳو پنهنجي چيل ڳالهين جي ڪري آءٌ پاڻ کي ننديان ٿو، بلڪ مٽي ۽ رک مٿي ۾ وجھي توبهہ ٿو ڪريان.“
7
پوءِ جڏهن خداوند ايوب سان اهي ڳالهيون ڪري بس ڪئي، تڏهن اليفز تيمانيءَ کي فرمايائين تہ ”مون کي تو تي ۽ تنهنجي ٻنهي دوستن تي ڪاوڙ آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان مون بابت حق جي ڳالهہ نہ ڪئي، جيئن منهنجي ٻانهي ايوب ڪئي.
8
تنهنڪري هاڻي اوهين ست ڍڳا ۽ ست گھٽا وٺي منهنجي ٻانهي ايوب وٽ اچو ۽ پنهنجي لاءِ ساڙڻ واري قرباني پيش ڪريو. منهنجو ٻانهو ايوب اوهان جي حق ۾ دعا گھرندو تہ آءٌ انهيءَ جي دعا قبول ڪندس ۽ اوهان جي بيعقليءَ مطابق اوهان سان هلت نہ ڪندس، جيتوڻيڪ اوهان مون بابت حق جي ڳالهہ نہ ڪئي جيئن منهنجي ٻانهي ايوب ڪئي.“
9
تڏهن اليفز تيمانيءَ، بلدد سوخيءَ ۽ سوفر نعماتيءَ وڃي ائين ئي ڪيو جيئن خداوند کين فرمايو ۽ خداوند ايوب جي دعا قبول ڪئي.
10
پوءِ جڏهن ايوب پنهنجي دوستن لاءِ دعا گھري بس ڪئي تڏهن خداوند کيس ٻيهر خوشحال بڻايو. هن ايوب کي انهيءَ کان بہ ٻيڻو ڏنو جيڪي اڳ ڏنو هئائينس.
11
تڏهن سندس سڀيئي ڀائر ڀينر ۽ اهي ماڻهو جن جي اڳي ساڻس واقفيت هئي، سي وٽس آيا. ساڻس گڏ ماني کاڌائون ۽ هن لاءِ افسوس ڪيائون ۽ جيڪا مصيبت خداوند مٿس نازل ڪئي هئي تنهن بابت کيس تسلي ڏنائون. انهن مان هر هڪ ڪجھہ چاندي ۽ هڪ هڪ سوني والي کيس نذراني طور ڏني.
12
خداوند ايوب جي پڇاڙي سندس شروعات کان وڌيڪ برڪت واري ڪئي. هو چوڏهن هزار رڍن ٻڪرين، ڇهہ هزار اٺن، هڪ هزار ڏاندن جي جوڙن ۽ هڪ هزار گڏهن جو مالڪ بڻجي ويو.
13
کيس ست پٽ ۽ ٽي ڌيئرون بہ ٿيون.
14
هن پهرين ڌيءَ جو نالو يميمہ، ٻيءَ جو قصياہ ۽ ٽينءَ جو قرنهپوڪ رکيو.
15
سڄيءَ دنيا ۾ ايوب جي ڌيئرن جهڙيون خوبصورت عورتون ڪٿي بہ ڏسڻ ۾ ڪين ٿي آيون. سندن پيءُ پنهنجي ميراث مان سندن ڀائرن سان گڏ کين حصو ڏنو.
16
انهيءَ کان پوءِ ايوب هڪ سؤ چاليهن سالن تائين زندہ رهيو ۽ پنهنجا پٽ ڌيئرون ۽ انهن جو اولاد، بلڪ چار پيڙهيون ڏٺائين.
17
پوءِ ايوب پوڙهو ٿي ويو ۽ وڏي عمر ماڻي وفات ڪيائين.
← Chapter 41
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42