bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Job 32
Job 32
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 31
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 33 →
1
آخرڪار ايوب جي ٽنهين دوستن ساڻس بحث ڪرڻ کان بس ڪئي، ڇاڪاڻ تہ هن پاڻ کي سچو ٿي سمجھيو.
2
تڏهن رام خاندان جي بوز گھراڻي جو اليهو ولد براڪيل پنهنجي ڪاوڙ کي وڌيڪ روڪي نہ سگھيو، ڇاڪاڻ تہ ايوب پنهنجو پاڻ کي سچو ٿي قرار ڏنو ۽ خدا تي الزام ٿي هنيائين.
3
اليهوءَ جو غصو ايوب جي ٽنهين دوستن تي بہ ڀڙڪي اٿيو، ڇاڪاڻ تہ هو ايوب کي غلط ثابت ڪري نہ سگھيا هئا ۽ ائين هنن خدا کي ڏوهاري قرار ڏنو هو.
4
جيئن تہ اليهو انهن سڀني کان ننڍو هو، تنهنڪري هن تيستائين ايوب سان ڳالهائڻ جو انتظار ٿي ڪيو جيستائين هر ڪنهن ڳالهائي بس ڪئي.
5
پر جڏهن هن ڏٺو تہ اهي ٽيئي ايوب کي ڪا ورندي ڏيئي نہ سگھيا آهن، تڏهن کيس چڙ وٺي ويئي.
6
تڏهن اليهو ولد براڪيل بوزيءَ کين ورندي ڏيئي چيو تہ ”آءٌ عمر ۾ ننڍو آهيان ۽ اوهين تمام پيرسن آهيو، انهيءَ ڪري مون ماٺ ڪئي هئي ۽ پنهنجي راءِ ڏيڻ جي جرئت نہ ٿي ڪيم.
7
مون سوچيو تہ ’بزرگن کي ئي ڳالهائڻ گھرجي، ۽ وڏي عمر وارن کي ئي حڪمت سيکارڻ کپي.‘
8
پر نہ، اهو تہ خدا قادرِمطلق جو روح ئي آهي، جيڪو انسان ۾ اچي ٿو ۽ انهيءَ کي سمجھہ عطا ڪري ٿو.
9
اهو ضروري ناهي تہ وڏي عمر وارا ئي ڏاها هجن، يا پيرسن ماڻهو ئي حق سچ جي سمجھہ رکندا هجن.
10
تنهنڪري هاڻ، منهنجي ڳالهہ ڌيان ڏيئي ٻڌو، جيڪي آءٌ ڄاڻان ٿو سو آءٌ بہ اوهان کي ٻڌائيندس.
11
ڏسو، جيستائين اوهين ڳالهائيندا رهيا، تيستائين آءٌ خاموش رهيس، ۽ جيستائين اوهين پنهنجا دليل ڳولي پيش ڪندا رهيا، تيستائين مون ويٺي اهي ٻڌا.
12
هائو، منهنجو سڄو ڌيان اوهان ڏانهن هو. پر اوهان ۾ ڪوبہ اهڙو نہ هو، جيڪو ايوب کي قائل ڪري سگھي، يا سندس ڳالهين جو جواب ڏيئي سگھي.
13
پوءِ اوهين ڪيئن ٿا دعويٰ ڪريو تہ ’اسان کي ڏاهپ تہ مليل آهي، پر ايوب کي خدا ئي لاجواب ڪري سگھي ٿو، نڪي ڪو انسان.‘
14
جيئن تہ ايوب جون ڪيل ڳالهيون منهنجي خلاف نہ هيون، سو آءٌ اوهان جهڙين حجتن دليلن سان کيس ورندي ڪين ڏيندس.“
15
”اي ايوب! تنهنجا ٽيئي دوست بيهمت ٿي پيا آهن، ۽ تو کي وڌيڪ ڪو جواب ڏيئي نہ ٿا سگھن، وٽن چوڻ لاءِ ڪجھہ بہ نہ رهيو آهي.
16
آءٌ منتظر رهيس تہ هو وڌيڪ ڳالهائيندا، پر هو چپ چاپ ويٺا آهن ۽ ڪو جواب نہ ٿا ڏين.
17
سو هاڻي آءٌ جواب ڏيندس، آءٌ جيڪي ڄاڻان ٿو سو آءٌ اوهان کي ٻڌائيندس.
18
منهنجي اندر ۾ کوڙ ڳالهيون ڀريل آهن، سو منهنجي دل مون کي ڳالهائڻ تي مجبور ٿي ڪري.
19
ڏسو، جيڪڏهن مون کي ڳالهائڻ نہ ڏنوَ، تہ آءٌ منجھي منجھي انهيءَ سانداريءَ وانگر ڦاٽي پوندس، جيڪا نئين مئي سان ڀريل هجي.
20
آءٌ ضرور ڳالهائيندس، تہ جيئن مون تان بار هلڪو ٿئي، آءٌ ضرور پنهنجا چپ کوليندس ۽ ورندي ڏيندس.
21
آءٌ ڪنهن بہ انسان جو لحاظ نہ ڪندس، نڪي ڪنهن ماڻهوءَ جي خوشامند ئي ڪندس.
22
آءٌ خوشامند ڪرڻ ڄاڻان ئي ڪين، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن آءٌ ائين ڪريان ها تہ منهنجو خالق مون کي سگھو کڻي وٺي ها.
← Chapter 31
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 33 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
Recommended Reading
Commentary
Job Commentaries
→
Devotional
Job Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→