bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ezekiel 11
Ezekiel 11
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 12 →
1
پوءِ خدا جي روح مون حزقيايل کي مٿي کڻي هيڪل جي اوڀر واري دروازي وٽ آندو. اتي دروازي جي لنگھہ وٽ مون کي پنجويهہ ماڻهو ڏسڻ ۾ آيا، جن ۾ قوم جا ٻہ اڳواڻ يازنياہ ولد عزور ۽ فلطياہ ولد بناياہ پڻ شامل هئا.
2
خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! هي اهي ماڻهو آهن، جيڪي بدڪاريءَ جون رٿون ٿا رٿين ۽ هن شهر ۾ بڇڙيون صلاحون ٿا ڏين.
3
اهي چون ٿا تہ ’اسين جلد ئي وري گھرن کي اڏينداسين. هي شهر ديڳ مثل آهي ۽ اسين انهيءَ ۾ گوشت مثل آهيون. پر گھٽ ۾ گھٽ اها ديڳ اسان کي سڌي باهہ کان محفوظ رکي ٿي.‘
4
تنهنڪري هاڻي تون انهن جي خلاف منهنجو پيغام ٻڌائي ڇڏ. هائو، اي آدمزاد! تون کين ٻڌائي ڇڏ.“
5
پوءِ خداوند جو روح مون تي نازل ٿيو ۽ خداوند ماڻهن کي سندس هي پيغام ٻڌائڻ جو حڪم فرمايو تہ ”اي بني اسرائيل! اوهين جيڪي ڪجھہ چئو ٿا ۽ جيڪي بہ منصوبا دلين ۾ جوڙيو ٿا سي سڀ آءٌ ڄاڻان ٿو.
6
اوهان هن شهر ۾ ايترا تہ خون ڪيا آهن جو شهر جون گھٽيون لاشن سان ڀرجي ويون آهن.
7
تنهنڪري آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ هي شهر بيشڪ اها ديڳ آهي، پر اوهان جن کي قتل ڪري سڄي شهر ۾ لاشن جا ڍير ڪري ڇڏيا آهن، سي ئي اُنهيءَ محفوظ گوشت مثل آهن جيڪو ديڳ ۾ آهي، پر اوهين نہ. آءٌ تہ اوهان کي هن شهر کان ڪڍي ٻاهر اڇلائي ڇڏيندس.
8
جيئن تہ اوهين جنگ کان ڊڄو ٿا، سو مون خداوند جو اهو فرمان آهي تہ آءٌ جنگي لشڪر ئي اوهان تي چاڙهي آڻيندس.
9
آءٌ اوهان کي هن شهر مان تڙي ڪڍندس ۽ ڌارين جي حوالي ڪندس. آءٌ اوهان جي قتلام جو فيصلو ڪري چڪو آهيان.
10
سو اوهين پنهنجي ئي ملڪ اندر جنگ ۾ قتل ڪيا ويندا. پوءِ هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.
11
هي شهر ديڳ بڻجي اوهان جي حفاظت نہ ڪندو، نہ ئي وري اوهين انهيءَ ۾ گوشت بڻجي محفوظ ٿيندا، بلڪ اوهان جي خلاف منهنجو قتلام وارو فيصلو بني اسرائيل جي ملڪ جي حدن اندر ئي پورو ٿي ويندو.
12
تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان، جنهن جي حڪمن تي اوهين نہ هليا آهيو، نڪي منهنجي قاعدن قانونن جي تعميل ڪئي اٿوَ، بلڪ اوهان تہ پنهنجي آسپاس وارين قومن جي قاعدن قانونن تي ئي عمل ڪيو آهي.“
13
پوءِ جڏهن مون خداوند جو اهو پيغام پئي ٻڌايو، تڏهن اوچتو فلطياہ ولد بناياہ ڪري مري ويو. سو آءٌ منهن ڀر ڪري پيس ۽ وڏي آواز سان پڪاري چيم تہ ”هاءِ! اي خداوند! تون بني اسرائيل جي باقي بچيلن کي بہ ختم ڪري ڇڏيندين ڇا؟“
14
خداوند مون کي فرمايو تہ
15
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! يروشلم شهر جا رهڻ وارا دعويٰ ٿا ڪن تہ تون ۽ تنهنجا مٽ مائٽ، ۽ ٻيا بني اسرائيل جيڪي بابل ڏانهن جلاوطن ٿيل آهن سي مون خداوند جي حضور مان تڙيا ويا آهن. اهي اها بہ دعويٰ ڪن ٿا تہ هاڻي ورثي ۾ مليل ملڪ رڳو انهن کي ئي ڏنو ويو آهي.
16
پر تون جلاوطن ٿيلن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’جيتوڻيڪ مون ئي اوهان کي ڏورانهين قومن ۾ موڪلي ڇڏيو آهي ۽ ڌارين ملڪن ۾ پکيڙي ڇڏيو اٿم، تڏهن بہ جن جن ملڪن ۾ اوهين ويا آهيو اتي ڪنهن حد تائين اوهين منهنجي عبادت ڪري سگھو ٿا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان سان گڏ موجود آهيان.
17
اوهين جن جن ملڪن ۾ پکيڙيا ويا آهيو، آءٌ اوهان کي اتان ڪڍي پنهنجي ملڪ ۾ آڻيندس جيڪو وري اوهان جو ورثو ٿيندو.
18
جڏهن اوهين اتي موٽي ايندا، تڏهن سموريون بتپرستيءَ جون گنديون ۽ ڪراهت جهڙيون شيون ملڪ مان ڪڍي ڇڏيندا.
19
آءٌ اوهان کي هڪڙي نئين دل ۽ نئون ذهن عطا ڪندس. هائو، آءٌ اوهان جي بدن مان اها ضدي دل ڪڍي ڇڏيندس ۽ اوهان کي هڪڙي مڪمل فرمانبردار دل عطا ڪندس.
20
پوءِ اوهين منهنجي قاعدن تي هلندا ۽ دل وَ جان سان منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا. تڏهن اوهين حقيقت ۾ منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ اوهان جو خدا هوندس.
21
پر جن جي دل پنهنجي گندن ۽ ڪراهت جهڙن بتن جي پوڄا ڪرڻ ڏانهن مائل آهي، تن کي آءٌ سندن افعالن موجب ئي سزا ڏيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘“
22
خداوند جي ڳالهائڻ کان پوءِ پردار آسماني مخلوق پنهنجا پر پکيڙي اڏامڻ شروع ڪيو ۽ ڦيٿا بہ ساڻن گڏ هئا. بني اسرائيل جي خدا جي موجودگيءَ واري تجليدار روشني بہ سندن مٿان هئي.
23
پوءِ خداوند جي موجودگيءَ واري تجليدار روشني يروشلم شهر کي ڇڏي رواني ٿي ۽ يروشلم جي اوڀر طرف واري زيتون نالي جبل ڏانهن هلي ويئي.
24
پوءِ خداوند جي روح مون کي مٿي کڻي موٽائي آڻي بابل ۾ جلاوطنن وٽ لاٿو. تڏهن جيڪا رويا آءٌ ڏسي رهيو هئس سا پوري ٿي.
25
پوءِ مون جلاوطن ٿيلن کي خداوند جون اهي سڀيئي ڳالهيون بيان ڪري ٻڌايون، جيڪي رويا ۾ مون کي ڏيکاريون ويون هيون.
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 12 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48