bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ezekiel 18
Ezekiel 18
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 17
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 19 →
1
خداوند مون حزقيايل کي بني اسرائيل لاءِ هي پيغام ڏنو تہ
2
”اي بني اسرائيل! اوهين پنهنجي ملڪ تي آيل مصيبت بابت اها پراڻي چوڻي ڇو استعمال پيا ڪريو تہ ’کٽا انگور کاڌا ابن ڏاڏن، ڏند کٽا ٿي پيا وري سندن اولاد جا‘؟
3
پر هاڻي آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ اها چوڻي اڳتي وري اوهان ۾ ٻڌڻ ۾ نہ ايندي.
4
ياد رکو، اوهان جون سڀ جانيون منهنجيون آهن، جهڙي والدين جي جان تهڙي اولاد جي جان. جيڪا جان گناهہ ڪندي سا ئي موت جي سزا لوڙيندي.
5
فرض ڪريو تہ اوهان مان ڪو ماڻهو سچار هجي ۽ هميشہ انصاف ۽ سچائيءَ وارا ڪم ڪندو هجي.
6
هن ڪڏهن بہ بتن تي قربان ڪيل گوشت نہ کاڌو هجي ۽ نہ وري اوهان بني اسرائيل جي بتن جي پوڄا ڪئي هجائين. هن پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال جي بيحرمتي نہ ڪئي هجي ۽ نہ وري ڪنهن عورت جي حيض واري وقت ۾ ساڻس ستو هجي.
7
هن ڪنهن تي ظلم نہ ڪيو هجي، بلڪ قرضدار کي سندس گروي رکيل شيءِ بہ موٽائي ڏني هجي. هن ڪنهن کي بہ زور زبردستيءَ سان لٽيو ڦريو نہ هجي، بلڪ بکايلن کي پنهنجي مانيءَ مان ڏنو هجي ۽ اگھاڙن کي ڪپڙا ڍڪايا هجن.
8
هن ڪڏهن بہ وياج تي پئسا نہ ڏنا هجن. اهو بڇڙائيءَ کان پري رهيو هجي ۽ ماڻهن جي وچ ۾ صحيح انصاف ڪندو هجي.
9
اهو منهنجي قاعدن قانونن تي هليو هجي ۽ منهنجي حڪمن تي عمل ڪندي سچائيءَ واري هلت هلندو رهيو هجي. اهو ئي سچار ٻانهو آهي ۽ آءٌ خداوند خدا واعدو ٿو ڪريان تہ اهو مرندو ڪونہ پر جيئرو رهندو.
10
پر انهيءَ ماڻهوءَ جو ڪو پٽ جيڪڏهن ڌاڙيل يا خوني هجي ۽ هن انهن گناهن مان سڀيئي گناهہ ڪيا هجن
11
جيڪي سندس پيءُ ڪڏهن نہ ڪيا هئا، جيئن تہ بتن آڏو پيش ڪيل قربانيون کائڻ، پنهنجيءَ زال کان سواءِ ٻي ڪنهن عورت سان زنا ڪرڻ،
12
مسڪينن ۽ محتاجن تي ظلم ڪرڻ، زور ۽ زبردستيءَ سان ڦر مار ڪرڻ، ماڻهن جون گروي رکيل شيون کين موٽائي نہ ڏيڻ، بتن جي پوڄا ۽ ٻيا ڪراهت جهڙا ڪم ڪرڻ
13
۽ وياج تي پئسا ڏيڻ، تہ پوءِ ڇا اهو ماڻهو جيئرو رهي سگھندو؟ نہ، اهو هرگز جيئرو نہ رهندو. هائو، جنهن اهي سڀ ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا آهن، سو ضرور لوڙيندو ۽ اهو پنهنجي خون جو پاڻ ذميوار هوندو.
14
پر فرض ڪريو تہ انهيءَ گنهگار شخص کي هڪ اهڙو پٽ پيدا ٿئي ٿو جيڪو پنهنجي پيءُ جي ڪيل سڀني گناهن کي ڏسي بيزار ٿئي ٿو ۽ پيءُ جهڙا ڪم نہ ٿو ڪري.
15
هو اوهان بني اسرائيل جي بتن جي پوڄا نہ ٿو ڪري، نہ وري انهن بتن آڏو ڪيل قربانيون کائي ٿو. اهو پنهنجيءَ زال کان سواءِ ٻي ڪنهن بہ عورت سان زنا نہ ٿو ڪري.
16
اهو نہ ڪنهن تي ظلم ٿو ڪري ۽ نہ وري ڪنهن کان اوڌر جي بدلي شيون گروي رکي ٿو. اهو ڪنهن کان زور زبردستي ڦرلُٽ نہ ٿو ڪري. اهو بکايلن کي پنهنجي کاڌي مان کارائي ٿو ۽ اگھاڙن کي ڪپڙا ڍڪائي ٿو.
17
اهو بڇڙائيءَ کان باز رهي ٿو ۽ وياج نہ ٿو کائي، بلڪ اهو منهنجي حڪمن کي مڃي ٿو ۽ منهنجي قاعدن قانونن تي عمل ٿو ڪري. اهو پنهنجي پيءُ جي گناهن جي ڪري نہ لوڙيندو ۽ ضرور جيئرو رهندو.
18
باقي سندس پيءُ، جنهن بيرحميءَ سان ظلم ڪيا، پنهنجي قوم وارن کي زور زبردستيءَ سان ڦريو ۽ پنهنجي قوم ۾ نيڪوڪار نہ رهيو، سو پنهنجي بدڪاريءَ جي ڪري ضرور لوڙيندو.
19
انهيءَ هوندي بہ اوهين پڇو ٿا تہ ’ائين ڪيئن ٿو ٿي سگھي جو اولاد پنهنجي والدين جي گناهن جي سزا نہ لوڙي!‘ انهيءَ جو جواب هي آهي تہ جيڪڏهن اولاد مان ڪو انصاف ۽ سچائيءَ وارا ڪم ڪري ٿو ۽ منهنجي سڀني قاعدن قانونن کي مڃيندي انهن تي عمل ڪري ٿو تہ اهو ضرور جيئرو رهندو ۽ والدين جي ڪري نہ لوڙيندو.
20
رڳو اهو ئي ماڻهو سزا لوڙيندو جيڪو گناهہ ڪري ٿو. نڪي اولاد والدين جي گناهن جي سزا لوڙيندو ۽ نہ وري والدين اولاد جي گناهن جي. نيڪ ماڻهوءَ کي سندس نيڪيءَ جو اجر ملندو ۽ بدڪار ماڻهوءَ کي سندس ڪيل بڇڙائين جي سزا ملندي.
21
پر جيڪڏهن ڪو بدڪار ماڻهو پنهنجي سڀني گناهن کان باز ايندو ۽ توبهہتائب ٿيندو ۽ منهنجي سڀني قاعدن قانونن کي مڃيندي انهن تي انصاف ۽ سچائيءَ سان عمل ڪندو تہ اهو ضرور جيئرو رهندو ۽ لوڙيندو نہ.
22
انهيءَ جا سموارا گناهہ معاف ڪيا ويندا ۽ جيڪا نيڪي هو ڪندو تنهن جي ڪري هو جيئرو رهندو.
23
ڇا اوهين سمجھو ٿا تہ آءٌ خداوند خدا بدڪارن کي موت جي سزا ڏيندي خوش ٿو ٿيان؟ نہ، هرگز نہ، بلڪ منهنجي خوشي تہ انهيءَ ۾ آهي تہ هو پنهنجي بري راهہ کان باز اچي ۽ جيئرو رهي.
24
پر جيڪڏهن ڪو سچار ماڻهو پنهنجي سچائيءَ کان ڦري وڃي ٿو ۽ گناهہ ڪري ٿو ۽ اُهي سڀ ڪراهت جهڙا ڪم ڪري ٿو جيڪي بدڪار ماڻهو ڪندا آهن، تڏهن ڇا اهو جيئرو رهندو؟ نہ، هرگز نہ، بلڪ هن جيڪي بہ سچائيءَ جا ڪم ڪيا هوندا سي وساريا ويندا. هو پنهنجي نافرمانيءَ ۽ ڪيل گناهن جي ڪري ضرور لوڙيندو.
25
انهيءَ هوندي بہ اوهين شڪايت ٿا ڪريو تہ ’ پروردگار جيڪي ڪجھہ اسان سان ڪري ٿو سو درست نہ آهي.‘ پر هاڻي اي بني اسرائيل! اوهين جيڪي منهنجي ڪيل ڪمن کي درست نہ ٿا سمجھو، سي ٻڌو، اوهان جا تہ پنهنجا ئي عمل درست نہ آهن.
26
جڏهن ڪو سچار ماڻهو پنهنجي سچائيءَ کان ڦري گناهہ ڪرڻ لڳي ٿو، تڏهن هو پنهنجي ڪيل گناهن جي ڪري ئي لوڙيندو.
27
وري جڏهن ڪو بدڪار ماڻهو پنهنجي ڪيل بڇڙاين کان توبهہتائب ٿئي ٿو ۽ منهنجي قاعدن قانونن کي مڃيندي انهن تي عمل ڪري ٿو، تڏهن اهو پنهنجي موت جي سزا کان بچي وڃي ٿو.
28
جيئن تہ هو سوچي سمجھي پنهنجي سڀني ڪيل گناهن کان توبهہتائب ٿئي ٿو، تنهنڪري هو يقيناً جيئرو رهندو ۽ موت جي سزا نہ لوڙيندو.
29
انهيءَ هوندي بہ اوهين ڪيئن ٿا چئو تہ ’ پروردگار جيڪي ڪجھہ اسان سان ڪري ٿو سو درست نہ آهي‘؟ سو اي بني اسرائيل! منهنجو اهو عمل ڪيئن درست ناهي؟ جڏهن تہ اوهان جا پنهنجا عمل ئي غلط آهن.
30
هاڻي اي بني اسرائيل! آءٌ خداوند خدا اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ آءٌ اوهان مان هر هڪ کي سندس عملن موجب بدلو ڏيندس. تنهنڪري اوهين توبهہتائب ٿيو ۽ پنهنجي گناهن کان باز اچو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جي بڇڙائي اوهان جي برباديءَ جو سبب نہ بڻجي.
31
جن گناهن ڪرڻ ڪري اوهين گنهگار بڻيا آهيو، تن سڀني کان پاڻ کي پري رکو. اوهين پنهنجي سوچ بدلائي نئين دل ۽ نئون ذهن پيدا ڪريو. اي بني اسرائيل! ڇو اوهين مرڻ ٿا گھرو؟
32
مون خداوند خدا کي ڪنهن جي بہ مرڻ تي خوشي ڪانہ ٿي ٿئي، تنهنڪري پنهنجي گناهن کان توبهہتائب ٿيو تہ جيئن جيئرا رهي سگھو.“
← Chapter 17
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 19 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48