bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ezekiel 2
Ezekiel 2
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 3 →
1
اهو آواز مون حزقيايل سان مخاطب ٿيو تہ ”اي آدمزاد! پنهنجي پيرن تي اُٿي بيهہ تہ آءٌ تو سان ڳالهايان.“
2
جڏهن هن مون سان ڳالهايو تڏهن خدا جو روح مون ۾ داخل ٿيو، جنهن مون کي پيرن ڀر اٿاري بيهاريو. تڏهن اهو آواز وري مون سان مخاطب ٿيو تہ
3
”اي آدمزاد! آءٌ تو کي بني اسرائيل لاءِ ٿو مقرر ڪريان. هائو، آءٌ تو کي انهيءَ باغي قوم لاءِ مقرر ٿو ڪريان، جيڪا مون کان ڦري ويئي آهي. هنن ۽ سندن ابن ڏاڏن اڄ ڏينهن تائين منهنجي نافرماني پئي ڪئي آهي.
4
اهي گستاخ ۽ ضدي آهن. پر مون خداوند خدا تو کي انهيءَ لاءِ چونڊيو آهي تہ تون وڃي انهن کي منهنجو پيغام ٻڌاءِ.
5
جيئن تہ اهي باغي آهن، سو تنهنجيون ڳالهيون ٻڌن يا نہ، پر گھٽ ۾ گھٽ هو ايترو تہ ڄاڻي وٺندا تہ منجھن ڪو نبي اچي ويو آهي.
6
اي آدمزاد! تون انهن کان نہ ڊڄ، نڪي سندن ڳالهين کان ڪو خوف ڪر. جيتوڻيڪ اهي تنهنجي چوڌاري ڪنڊن ۽ ڪانڊيرن وانگر آهن جو ڄڻ تہ تون وڇُن جي وچ ۾ آهين، تہ بہ تون انهن باغين جي ڳالهين کان نہ ڊڄ، نڪي انهن جي چهرن کان ڪو خوف کاءُ.
7
سو تون منهنجيون چيل ڳالهيون انهن کي ٻڌاءِ، پوءِ هو اهي ٻڌن يا نہ، ڇاڪاڻ تہ اهي تہ آهن ئي باغي.
8
پر اي آدمزاد! جيڪي آءٌ تو کي چوان ٿو، سو تون ٻڌ. تون هنن باغين وانگر باغي نہ ٿيءُ، بلڪ پنهنجو وات کول ۽ جيڪي آءٌ تو کي ڏيان ٿو سو تون کاءُ.“
9
پوءِ جڏهن مون نهاري ڏٺو تہ ڇا ڏسان تہ هڪڙو هٿ مون ڏانهن وڌيو ۽ ڏٺم تہ انهيءَ ۾ هڪڙو چمڙي جو ويڙهوٽو هو.
10
اهو ويڙهوٽو کولي منهنجي آڏو رکيو ويو، جنهن جي ٻنهي پاسن تي گھڻو ڪجھہ لکيل هو. هائو، انهيءَ ۾ آہ وَ زاري، روڄ راڙو ۽ ڏک جا لفظ لکيل هئا.
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 3 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48