bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ezekiel 25
Ezekiel 25
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 24
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 26 →
1
خداوند مون کي فرمايو تہ
2
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! عمونين ڏانهن ڌيان ڏي ۽ سندن خلاف اڳڪٿي ڪر.
3
کين مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي عمونيؤ! جنهن وقت مقدس هيڪل کي پليت ڪيو ويو، بني اسرائيل جي ملڪ کي ويران ڪيو ويو ۽ يهوداہ وارن کي جلاوطن ڪيو ويو، تنهن وقت اوهان ”واہ واہ“ چئي خوشيون ملهايون.
4
تنهنڪري هاڻي آءٌ اوهان جي ملڪ کي اوڀر جي بيابان وارن قبيلن جي حوالي ڪري ڇڏيندس، انهيءَ لاءِ تہ اهي اچي اوهان جي ملڪ تي قبضو ڪن ۽ اوهان جي ملڪ ۾ پنهنجا خيما کوڙي رهي پون. اهي اوهان جي ملڪ جا ميوا کائيندا ۽ کير پيئندا.
5
آءٌ اوهان جي گاديءَ واري شهر ربہ کي اٺن جي چراگاهہ بڻائيندس ۽ اوهان جي سڄي عمون ملڪ کي رڍن جي چراگاهہ ڪري ڇڏيندس. پوءِ اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.
6
اوهان بني اسرائيل سان ايتري تہ سخت نفرت ڏيکاري آهي جو انهن جي ملڪ جي برباديءَ تي تاڙيون وڄائي خوشيءَ مان ٽپا ڏنا اٿوَ ۽ دل وَ جان سان جشن ملهايا اٿوَ.
7
تنهنڪري ياد رکو، آءٌ اوهان تي پنهنجو هٿ کڻي اوهان کي دشمنن جي حوالي ڪندس، جيڪي اوهان کي لٽيندا ڦريندا. آءٌ اوهان کي پوريءَ طرح برباد ڪري ڇڏيندس، ايتري قدر جو اڳتي اوهين ڪا قوم نہ رهندا، نڪي وري اوهان جو پنهنجو ڪو ملڪ ئي رهندو. هائو، آءٌ اوهان کي ناس ڪري ڇڏيندس، تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ اهو سڀ ڪجھہ مون خداوند ئي ڪيو آهي.‘“
8
خداوند خدا وڌيڪ فرمايو تہ ”اي حزقيايل! جيئن تہ موآب جي ماڻهن طعنا هڻي چيو آهي تہ ’واہ! يهوداہ وارا بہ تہ عام قومن وانگر ٿي ويا آهن!‘
9
تنهنڪري ڏس، آءٌ موآب ملڪ جي اولهہ طرف واري سرحد دشمنن جي حملي لاءِ کولي ڇڏيندس، انهيءَ لاءِ تہ انهيءَ سرحد جا شهر توڙي ملڪ جا ٻيا شاندار شهر بيتيسيموت، بعلمعون ۽ قريتائم بہ ناس ٿي وڃن.
10
ٻئي پاسي آءٌ موآب ملڪ کي اوڀر جي بيابان وارن ساڳين قبيلن جي حوالي ڪري ڇڏيندس، جيئن عمونين کي سندن حوالي ڪندس، جن جو نالو نشان ئي قومن ۾ نہ رهندو.
11
جڏهن آءٌ موآبين کي سزا ڏيندس، تڏهن اهي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“
12
خداوند خدا وڌيڪ فرمايو تہ ”اي حزقيايل! ادوم جي ماڻهن وڏي بڇڙائي ڪري يهوداہ وارن کان وير ورتو. هائو، انهن کانئن بدلو وٺي هڪڙو وڏو گناهہ ڪيو آهي.
13
تنهنڪري آءٌ خداوند خدا ادومين کي بہ سزا ڏيندس ۽ انهن جي ملڪ ۾ رهندڙ هر انسان توڙي حيوان کي ناس ڪري ڇڏيندس. آءٌ تيمان شهر کان وٺي ددان شهر تائين انهيءَ ملڪ کي ويران ڪري ڇڏيندس ۽ ماڻهن کي جنگ ۾ مارائي ڇڏيندس.
14
آءٌ پنهنجي قوم بني اسرائيل جي هٿان ادومين کان پنهنجو بدلو وٺندس. اهي منهنجي قهر ۽ غضب موجب ادومين سان سلوڪ ڪندا. تڏهن ادوم وارن کي معلوم ٿي ويندو تہ منهنجو انتقام ڇا ٿيندو آهي. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“
15
خداوند خدا وڌيڪ فرمايو تہ ”اي حزقيايل! فلستين عداوت رکندي يهوداہ وارن کان بدلو وٺڻ لاءِ هر وقت کين ناس ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي.
16
تنهنڪري هاڻي آءٌ خداوند خدا اعلان ٿو ڪريان تہ آءٌ انهن تي حملو ڪري اتان جي سڀني ماڻهن کي ماري ڇڏيندس. ڪريتي قبيلي کان وٺي سمنڊ جي ڪناري وارن ماڻهن تائين، سڀيئي فلستي ناس ٿي ويندا.
17
آءٌ پنهنجي سخت قهر وچان کين سزا ڏيندس ۽ کانئن سخت انتقام وٺندس. هائو، آءٌ جڏهن پنهنجو غضب نازل ڪري کانئن بدلو وٺندس، تڏهن اهي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“
← Chapter 24
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 26 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48