bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ezekiel 38
Ezekiel 38
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 37
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 39 →
1
خداوند مون کي فرمايو تہ
2
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! مسڪ ۽ توبل قومن جي حڪمرانِاعليٰ ياجوج خلاف تون اڳڪٿي ڪر، جيڪو ماجوج جي علائقي ۾ رهي ٿو. هائو، تون کيس ننديندي
3
مون خداوند خدا جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’ياد رک، اي مسڪ ۽ توبل جا حڪمرانِاعليٰ ياجوج! آءٌ تنهنجي خلاف آهيان.
4
آءٌ تو کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري تنهنجي ڄاڙين ۾ ڪنڍا وجھي جنگ ڪرڻ لاءِ تنهنجي علائقي مان گهلي ٻاهر ڪڍندس. تنهنجي وڏي لشڪر ۾ گھڻا ئي جنگي جوڌا، گھوڙا ۽ گھوڙي سوار هوندا جيڪي سڀيئي هٿياربند هوندا ۽ وٽن سپرون، ڍالون ۽ تلوارون هونديون، تن سڀني کي آءٌ گهلي ٻاهر ڪڍندس.
5
انهن سان گڏ فارس، سوڊان ۽ لبيا جي ماڻهن کي بہ گهلي ڪڍندس، جيڪي سڀيئي سپربردار ۽ جنگي ٽوپ پهريل هوندا.
6
انهن کان علاوہ جُمر ملڪ توڙي اتر جي ڏورانهن علائقن مان بيتتُجرماہ جا سڀيئي ويڙهاڪو، مطلب تہ تو سان گڏ گھڻين قومن کي آءٌ گهلي ٻاهر ڪڍندس.
7
سو تون تيار رهہ. هائو، تون پاڻ کي ۽ پاڻ سان گڏ پنهنجي سمورن ٽولن کي جيڪي تو وٽ اچي گڏ ٿيا هوندا، تن سڀني کي تيار رک. هائو، تون کين پنهنجي ضابطي ۾ رکي انتظار ڪر.
8
ڪجھہ سالن کان پوءِ آءٌ تو کي بني اسرائيل جي انهيءَ ملڪ تي چڙهائي ڪرڻ جو حڪم ڏيندس، جيڪو جنگ جي ڪري تباهہ ٿي ويو هو. انهيءَ ملڪ کي گھڻي وقت لاءِ برباد ڪيو ويو هو. انهيءَ ملڪ جا ماڻهو جيڪي ڪنهن وقت جلاوطن ٿي گھڻين غير قومن منجھہ رهندا آيا آهن، سي پنهنجي وطن ۾ اچي آباد ٿيندا. هائو، اهي سڀيئي بني اسرائيل امن وَ سلامتيءَ سان پنهنجي ملڪ جي جابلو علائقن ۾ رهندا.
9
مگر تون ۽ تنهنجا وڏا لشڪر ٻين قومن سان گڏجي خوفناڪ طوفان وانگر اچي انهن مٿان ڪڙڪندا ۽ ڪڪرن وانگر انهيءَ ملڪ مٿان ڇانئجي ويندا.‘“
10
خداوند ياجوج کي اهو بہ فرمائي ٿو تہ ”جڏهن اهو ڏينهن ايندو تڏهن آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون پنهنجيءَ دل ۾ هڪڙو برو منصوبو رٿيندين.
11
تون چوندين تہ ’آءٌ انهيءَ ڪمزور ملڪ تي چڙهائي ڪندس، جتي جا ماڻهو امن وَ سلامتيءَ سان رهن ٿا ۽ کين پنهنجا ڍور ڍڳا ۽ مال ملڪيت آهي. انهن جي شهرن کي نہ ڪوٽ قلعا آهن، نڪي وري دروازا ۽ گز. آءٌ انهن شهرن جي ماڻهن کي لٽيندس ۽ ڦريندس. اهي شهر ڪنهن وقت پٿرن جو ڍير هئا ۽ اتان جا ماڻهو غير قومن ۾ جلاوطن بڻجي ويا هئا. پر پوءِ اهي پنهنجي ملڪ ۾ موٽي اچي آباد ٿيا، جيڪو سڄي دنيا ۾ خاص اهميت رکي ٿو.‘
13
اي ياجوج! شبا ۽ ددان شهرن جا ماڻهو ۽ اسپين ملڪ جي شهرن جا سوداگر تو کي چوندا تہ ’واہ واہ! تون تہ لٽ جو مال هٿ ڪرڻ آيو آهين. هائو، تو پنهنجا لشڪر گڏ ڪري انهيءَ لاءِ اچي حملو ڪيو آهي تہ انهيءَ ملڪ مان سون چاندي، ڍور ڍڳا، مال ملڪيت ۽ ٻيو گھڻو لٽ جو مال هٿ ڪرين.‘
14
تنهنڪري اي حزقيايل، آدم جو اولاد! تون ياجوج کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’جڏهن منهنجي قوم بني اسرائيل امن وَ سلامتيءَ سان رهڻ لڳندي، تڏهن تو کي اها خبر پوندي.
15
تنهنڪري تون پنهنجي اتر وارن ڏورانهن علائقن کان هلندين ۽ تو سان گڏ گھڻين ئي قومن جا وڏا ٽولا هوندا ۽ اهي گڏجي هڪ وڏو لشڪر ٿي پوندا. اهي سڀيئي گھوڙن تي سوار هوندا.
16
تون منهنجي قوم بني اسرائيل تي چڙهائي ڪري ايندين ۽ ملڪ مٿان ڪڪرن وانگر ڇانئجي ويندين. اهو سڀ ڪجھہ اڳتي هلي ٿيندو. اي ياجوج! آءٌ تو کي پنهنجي انهيءَ ملڪ تي چاڙهي آڻيندس، انهيءَ لاءِ تہ ڌرتيءَ جي هر قوم تنهنجي انهن ڪمن مان ڄاڻي وٺي تہ مون خداوند ئي پنهنجي پاڪيزگي ظاهر ڪرڻ لاءِ ائين ڪيو آهي.
17
گھڻو اڳي مون پنهنجي نبين جي معرفت بني اسرائيل کي خبردار ڪيو هو تہ ڪجھہ عرصي بعد آءٌ سندن دشمن لشڪرن کي مٿن چاڙهي آڻيندس. سو اي ياجوج! سندن اهو دشمن تون ئي آهين ۽ اهو ڏينهن بہ اچڻ وارو آهي.‘ اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“
18
خداوند خدا فرمايو تہ ”اي حزقيايل! انهيءَ ڏينهن تي جڏهن ياجوج بني اسرائيل مٿان چڙهائي ڪري ايندو، تڏهن آءٌ نهايت غضبناڪ ٿي ويندس.
19
آءٌ پنهنجي غيرت ۽ قهر وچان اهڙو تہ خوفناڪ زلزلو موڪليندس جيڪو سڄي ملڪ کي لوڏي ڇڏيندو.
20
ايتري قدر جو ڌرتيءَ جو هر ساهوارو، هائو، مڇيون، پکي، جھنگلي جانور ۽ سرندڙ جيت توڙي هر انسان خوف وچان ڏڪڻ لڳندا. جبل پهاڙ هيٺ ڪري پوندا، اڀيون ٽڪريون توڙي شهرن جا قلعا اچي هيٺ ڦهڪو ڪندا.
21
آءٌ خداوند خدا بني اسرائيل جي سڀني جبلن تان ياجوج مٿان جنگ نازل ڪندس. ياجوج جي فوج ايڏي تہ دهلجي ويندي جو اهي هڪٻئي مٿان تلوار هلائيندا.
22
پوءِ آءٌ موتمار بيماري، خونريزي، سخت طوفاني برسات ۽ وڏن ڳڙن جي وسڪاري سان ياجوج ۽ سندس لشڪر کي سزا ڏيندس. آءٌ ياجوج، سندس لشڪر ۽ ساڻس گڏ جيڪي گھڻيون قومون هونديون، تن تي باهہ ۽ گندرف وسائيندس.
23
اهڙيءَ طرح آءٌ پنهنجي عظمت ۽ پاڪيزگي ظاهر ڪندس. آءٌ گھڻين قومن سان اهڙي نموني پيش ايندس جو اهي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“
← Chapter 37
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 39 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48