bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ezekiel 22
Ezekiel 22
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 21
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 23 →
1
خداوند مون کي فرمايو تہ
2
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! ڇا تون يروشلم وارن کي سندن سزا ٻڌائڻ لاءِ تيار آهين؟ ڇا تون انهيءَ خوني شهر کي سندس خلاف فيصلو ٻڌائيندين؟ تون انهيءَ کي سندس ڪراهت وارا ڪم ياد ڏيار.
3
انهيءَ شهر کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي يروشلم! تو ۾ گھڻن ئي ماڻهن جي خونريزي ڪئي ويئي آهي ۽ بتن جي پوڄا ڪئي ويئي آهن. تنهنڪري جلد ئي تو کي سزا ڏني ويندي.
4
جيڪو خون تو ۾ وهايو ويو آهي تنهن جي ڪري تون ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهين ۽ تو ۾ ٺاهيل بتن جي ڪري تون پليت ٿي پيو آهين. ائين تو پنهنجا ڏينهن آڻي ويجھا ڪيا آهن ۽ پنهنجي پڄاڻيءَ تي اچي پهتو آهين. تنهنڪري آءٌ تو کي اهڙو بڻائيندس جنهن تي ٻيون قومون ۽ سڀيئي ملڪ ملامت ۽ کل ٺٺوليون ڪندا.
5
اي بدنام ۽ فساد سان ڀريل شهر! جيڪي بہ تو کي ويجھا يا پري آهن سي تو تي ٺٺوليون ڪندا.
6
ڏس، اي يروشلم! بني اسرائيل جا سمورا اڳواڻ پنهنجي پنهنجي طاقت آهر تو منجھہ رت وهائڻ ۾ مشغول آهن.
7
تو منجھہ ڪوبہ ماڻهو پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت نہ ٿو ڪري. تو ۾ رهندڙ ڌارين سان ناحق زبردستي ڪئي ٿي وڃي ۽ يتيمن ۽ رننزالن کي ستايو ٿو وڃي.
8
تو ۾ منهنجي مقدس جاين لاءِ ڪو احترام نہ رهيو آهي ۽ منهنجي سبت وارن ڏينهن جي بيادبي ڪئي ٿي وڃي.
9
تنهنجي رهاڪن مان ڪي چغلخوري ڪندي خون ٿا ڪرائين ۽ بتن تي قرباني ڪيل کاڌو ٿا کائين ۽ زناڪاري ۽ بدفعلي پيا ڪن.
10
ماڻهو پنهنجي پيءُ جي زال سان زناڪاري ٿا ڪن ۽ حيض وارين عورتن سان زبردستيءَ ٿا سمهن.
11
ان کان سواءِ تو منجھہ ڪي پاڙيسرين جي زالن سان بدڪاري ٿا ڪن ۽ ڪي وري پنهنجي ننهن توڙي پنهنجي ماٽيلين ڀينرن سان زناڪاري ڪري کين پليت ڪري ٿا ڇڏين.
12
تو منجھہ رشوت وٺي ماڻهن جو خون وهايو وڃي ٿو ۽ وڏو وياج ۽ ناجائز منافعو ورتو وڃي ٿو. لالچ وچان ظلم زبردستيءَ سان پنهنجي پاڙيسرين کي لٽيو ڦريو وڃي ٿو. مطلب تہ منهنجي حڪمن جي انحرافي ڪندي تنهنجي رهاڪن مون خداوند خدا کي بلڪل وساري ڇڏيو آهي.
13
تنهنڪري ياد رک، تو ۾ جيڪا لٽ ڦر ۽ خونريزي ڪئي ٿي وڃي، تنهن جي ڪري آءٌ تو تي پنهنجي غضب وچان هٿ کڻندس.
14
جڏهن آءٌ تو کان حساب وٺندس تڏهن ڇا تو ۾ ڪا همت هوندي يا تنهنجي بازن ۾ ڪا طاقت هوندي؟ اهو مون خداوند جو فرمان آهي جيڪو آءٌ پورو ڪري ڏيکاريندس.
15
آءٌ تنهنجي رهاڪن کي هر ملڪ ۽ هر قوم ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس. آءٌ تنهنجي پليتي تو مان بلڪل صاف ڪري ڇڏيندس.
16
تون ٻين قومن جي نظر ۾ ذليل ٿي ويندين، تڏهن تون ڄاڻي وٺندين تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“
17
خداوند فرمايو تہ
18
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! بني اسرائيل قوم منهنجي اڳيان بيڪار آهي. هائو، اهي سڀ جو سڀ چانديءَ کي صاف ڪرڻ کان پوءِ، کوري ۾ باقي بچيل ميرُ ٽامي، قلعي، لوهہ ۽ شيهي جيان آهن.
19
سو هاڻي آءٌ خداوند خدا کين ٻڌايان ٿو تہ ’اوهين سڀ بيڪار ميرُ ٿي پيا آهيو. تنهنڪري ڏسو، جهڙيءَ طرح چانديءَ، ٽامي، لوهہ، شيهي يا قلعيءَ جي ڌاتوءَ کي کوري ۾ گڏ ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ انهن تي باهہ ڦوڪي ويندي آهي تہ جيئن اهي پگھري وڃن، تهڙيءَ ئي طرح آءٌ پنهنجي غضب وچان اوهان بني اسرائيل کي يروشلم منجھہ گڏ ڪري ڌاتوءَ جيان پگھاري ڇڏيندس.
21
هائو، آءٌ اوهان سڀني کي گڏ ڪندس ۽ پنهنجي غضب جي باهہ اوهان تي ڦوڪيندس، انهيءَ لاءِ تہ اوهان کي پگھاري پاڻي ڪري ڇڏيان.
22
جيئن چاندي کوري ۾ پگھرندي آهي تيئن اوهين بہ يروشلم ۾ پگھري ويندا. تڏهن اوهان کي معلوم ٿي ويندو تہ مون خداوند اوهان تي پنهنجو غضب نازل ڪيو آهي.‘“
23
خداوند وري مون کي فرمايو تہ
24
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! يروشلم جي رهاڪن کي ٻڌائي ڇڏ تہ سندن ملڪ گناهن سان ڀرجي ويو آهي، تنهنڪري آءٌ پنهنجي غضب وچان سندن ملڪ تي مينهن ڪونہ وسائيندس.
25
ملڪ جي اڳواڻن جي فتنہانگيزي پيئي هلي. اهي گجندڙ شينهن جيان آهن جيڪو پنهنجي شڪار کي چيري ڦاڙي ٿو ڇڏي. هو ماڻهن کي ڳهيو ٿا ڇڏين ۽ سندن مال متاع ۽ قيمتي شيون ڦري لٽي ٿا ڇڏين. هنن مڙسن کي قتل ڪري رننزالن جو تعداد وڌائي ڇڏيو آهي.
26
ملڪ جي ڪاهنن منهنجي شريعت جي انحرافي ڪئي آهي ۽ منهنجي مخصوص شين کي ناپاڪ ڪيو اٿائون. هنن مخصوص ۽ عام شين ۾ ڪوبہ فرق نہ رکيو آهي، نڪي حلال ۽ حرام ۾ فرق رکڻ جي ڪا تعليم ڏني اٿائون، بلڪ هنن منهنجي سبت جي ڏينهنِ جو بہ ڪو لحاظ نہ رکيو آهي. ائين ڪرڻ ڪري منهنجي قوم منهنجي بيحرمتي ٿي ڪري.
27
بني اسرائيل جا اڳواڻ چير ڦاڙ ڪندڙ بگھڙن وانگر آهن، جيڪي ماڻهن کي زخم ٿا رسائين يا کين ماري ٿا ڇڏين. ائين ڪرڻ سان اهي اڳواڻ ناجائز فائدو حاصل ڪن ٿا.
28
بني اسرائيل جا نبي سڏائيندڙ ماڻهن کي ڪوڙيون رويائون ٻڌائي اڳواڻن جي گناهن کي گاري جي ليپي جيان ٿا ڍڪين. انهن جي غيبداني ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهي جڏهن اهي چون ٿا تہ ’اهو خداوند خدا جو پيغام آهي،‘ جڏهن تہ مون ساڻن ڪجھہ ڳالهايو ئي ڪونهي.
29
بني اسرائيل جي ماڻهن پاڻ بہ ظلم ۽ ڦرمار مچائي ڇڏي آهي. هائو، اهي غريبن ۽ محتاجن کي ستائين ٿا ۽ انهن سان گڏ رهندڙ ڌارين سان ناحق زبردستي ٿا ڪن.
30
مون انهن منجھہ ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ جي گھڻي ڳولا ڪئي، جيڪو ڪوٽ جي مرمت ڪري يعني اهو کين گناهہ ڪرڻ کان خبردار ڪري يا وري ڀڳل ٽٽل ڀت تي کڻي بيهي يعني اهو مون خداوند آڏو پڪاري تہ جيئن منهنجي قوم منهنجي ايندڙ غضب کان محفوظ رهي سگھي ۽ برباد نہ ٿئي، پر مون کي منجھن اهڙو ڪوبہ نہ مليو.
31
تنهنڪري آءٌ پنهنجي ڪاوڙ انهن تي ڇنڊيندس ۽ پنهنجي غضب جي باهہ سان کين ساڙي رک ڪري ڇڏيندس. آءٌ سندن عمل سندن ئي سر تي آڻيندس. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“
← Chapter 21
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 23 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48