bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ezekiel 9
Ezekiel 9
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 8
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 10 →
1
پوءِ مون وڏي آواز ۾ خداوند جي هڪل ٻڌي تہ ”اي اوهين! جن کي يروشلم شهر جي برباديءَ لاءِ چونڊيو ويو آهي، سي شهر ڏانهن هليا اچو. اوهين پنهنجا موتمار هٿيار پاڻ سان کنيو اچو.“
2
تڏهن مون ڏٺو تہ هيڪل جي اتر طرف واري ٻاهرين دروازي کان ڇهہ ماڻهو هڪدم اچي حاضر ٿيا، جن مان هر هڪ کي موتمار هٿيار هٿ ۾ هو. انهن جي وچ ۾ هڪڙو ماڻهو عمدي سڻيءَ جي پوشاڪ پهريل هو، جنهن جي چيلهہ سان ڪاتبن وارو قلمدان ٻڌل هو. اهي سڀ اندر لنگھي آيا ۽ ساڙڻ وارين قربانين جي پتل واري قربانگاهہ جي پاسي ۾ اچي بيٺا.
3
تڏهن مون ڏٺو تہ بني اسرائيل جي خدا جي موجودگيءَ واري تجليدار روشني، جيڪا مقدس ترين جاءِ ۾ پردار آسماني مخلوق مٿان هئي، سا اتان نڪري هيڪل جي دروازي وٽ آئي. پوءِ خداوند انهيءَ عمدي سڻيءَ واري پوشاڪ پهريل ماڻهوءَ کي سڏيو، جنهن کي ڪاتبن وارو قلمدان چيلهہ سان ٻڌل هو.
4
خداوند کيس فرمايو تہ ”تون يروشلم جي سڄي شهر وچان لنگھي وڃ ۽ انهن ماڻهن جي پيشانيءَ تي نشان ڪر، جيڪي شهر ۾ ڪراهت جهڙن ڪمن ٿيڻ ڪري دانهون ڪن ٿا ۽ روئن رڙن ٿا.“
5
پوءِ مون ٻڌو تہ خداوند ٻين ڇهن ماڻهن کي فرمايو تہ ”اوهين هن جي پٺيان شهر وچان لنگھي وڃو ۽ قتلام ڪريو. اوهين ڪنهن کي بہ نہ ڇڏيو، نڪي ڪنهن تي ڪو رحم ڪريو.
6
پوڙهن توڙي نوجوانن، مردن توڙي عورتن، والدين توڙي سندن ٻارن، سڀني کي ماري فنا ڪري ڇڏيو. پر جنهن ماڻهوءَ جي پيشانيءَ تي نشان هجي تنهن کي هٿ بہ نہ لائجو. اوهين شروعات هتان منهنجي هيڪل کان ئي ڪريو.“ سو هنن شروعات انهن اڳواڻن کان ئي ڪئي جيڪي اتي هيڪل ۾ بيٺا هئا.
7
خدا کين وڌيڪ فرمايو تہ ”هيڪل جي اڱڻن ۾ لاشن جا ڍير ڪري منهنجي هيڪل کي ناپاڪ ڪري ڇڏيو. نڪرو جلدي ڪريو.“ تڏهن هو نڪري ويا ۽ شهر ۾ ڪوس شروع ڪري ڏنائون.
8
هاڻي جڏهن هنن ماڻهو پئي ماريا تڏهن آءٌ اڪيلو وڃي بچيس. پوءِ آءٌ منهن ڀر سجدي ۾ ڪريس ۽ دانهون ڪري چوڻ لڳس تہ ”هاءِ! اي خداوند خدا! تون يروشلم تي پنهنجو قهر نازل ڪري اسرائيل ۽ يهوداہ ملڪن جي باقي رهيل سڀني ماڻهن کي بہ ناس ڪري ڇڏيندين ڇا؟“
9
تڏهن خداوند وراڻيو تہ ”يهوداہ وارن، بلڪ سڄي بني اسرائيل جو گناهہ تمام وڏو آهي. هنن پنهنجي ملڪ کي خونن سان ڀري ڇڏيو آهي ۽ يروشلم شهر کي تہ هنن بيانصافي ۽ ظلم جو ڳڙهہ بڻائي ڇڏيو آهي. هو سمجھن ٿا تہ آءٌ خداوند سندن ملڪ کي ڇڏي هليو ويو آهيان، ۽ اهو بہ سمجھن ٿا تہ هو جيڪي ڪجھہ ڪن ٿا تنهن جي مون کي خبر نہ ٿي پوي.
10
سو آءٌ کانئن هرگز درگذر نہ ڪندس، نڪي مٿن ڪو رحم ڪندس، بلڪ آءٌ ساڻن اهو ئي ڪجھہ ڪندس جيڪي هنن ٻين سان ڪيو آهي.“
11
پوءِ مون ڏٺو تہ جنهن ماڻهوءَ کي عمدي سڻيءَ جي پوشاڪ پهريل هئي ۽ سندس چيلهہ سان قلمدان ٻڌل هو، سو موٽي آيو ۽ خداوند کي اچي اطلاع ڏنائين تہ ”جيئن تو حڪم ڏنو هو، تيئن مون ڪري ڇڏيو آهي.“
← Chapter 8
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 10 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48