bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ezekiel 35
Ezekiel 35
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 34
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 36 →
1
خداوند مون کي فرمايو تہ
2
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! پنهنجو رخ ادوم جي جابلو ملڪ ڏانهن ڪر ۽ انهيءَ ملڪ جي ماڻهن جي خلاف اڳڪٿي ڪندي
3
مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي ادوم ملڪ وارؤ! ٻڌي ڇڏيو تہ آءٌ خداوند اوهان جي خلاف آهيان. آءٌ اوهان جي ملڪ تي هٿ کڻندس، ۽ انهيءَ کي سڃ ۽ ويران ڪري ڇڏيندس.
4
آءٌ اوهان جا شهر اجاڙي ڇڏيندس، ۽ ملڪ کي برباد ڪري ڇڏيندس. پوءِ اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.
5
اوهين بني اسرائيل سان شروع کان ئي دشمني رکندا پيا اچو. جڏهن اهي سندن مصيبت جي ڏينهن ۾ بدڪاريءَ سبب ٻين جي هٿان تباهہ وَ برباد پئي ٿيا ۽ منجھن قتلام ۽ خونريزي ڪئي ٿي ويئي، تڏهن اوهان ساڻن ڌوڪو ڪندي انهن جي ڪا مدد نہ ڪئي.
6
تنهنڪري آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ جيئن تہ اوهان جو اهو ڏوهہ قتلام ڪندڙن جي ڏوهہ ۾ ليکيو ويو آهي، سو اوهين بہ خون جا ئي سزاوار ٿيندا. هائو، خوني اوهان جي پٺيان پوندا جنهنڪري اوهان جو بہ خون وهايو ويندو.
7
بلڪ جيڪو بہ اوهان جي جابلو ملڪ مان گذرندو تنهن کي بہ آءٌ قتل ڪرائيندس. اهڙيءَ طرح ادوم سڃ ۽ ويران ٿي ويندو.
8
آءٌ اوهان جي جابلو علائقي کي قتل ٿي ويلن جي لاشن سان ڀري ڇڏيندس. هائو، آءٌ اوهان جي ٽڪرين، ماٿرين ۽ سڀني نهرن ۾ تلوار سان ڪٺلن کي ڪيرائي وجھندس.
9
آءٌ اوهان جي ملڪ کي هميشہ لاءِ ويران ڪري ڇڏيندس ۽ اوهان جا شهر وري آباد نہ ٿيندا. تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.
10
اوهان چيو آهي تہ ”اسين يهوداہ ۽ اسرائيل وارن جي ٻنهي ملڪن تي قبضو ڪنداسين تہ جيئن اسين ئي انهن جا مالڪ ٿيون.“ توڙي جو اهي ملڪ مون خداوند جا ئي آهن.
11
تنهنڪري آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي ٿو چوان تہ آءٌ اوهان جي انهيءَ نفرت ۽ حسد مطابق اوهان سان پيش ايندس، جهڙيءَ طرح اوهان پنهنجي دشمنيءَ جي ڪري هنن سان پيش آيا آهيو. جڏهن آءٌ اوهان سان اهڙي ئي نموني پيش ايندس تڏهن بني اسرائيل ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي اوهان کي سزا ٿو ڏيان.
12
پوءِ اوهين بہ ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان. بني اسرائيل جي ملڪ جي جابلو علائقن بابت اوهان جيڪا بڪواس ڪئي آهي تہ ”هاڻي اهو ملڪ اهڙيءَ حالت ۾ آهي جو اسين ان کي آسانيءَ سان ڳهي سگھون ٿا.“ اهو سڀ ڪجھہ مون خداوند ٻڌو آهي.
13
اوهان پاڻ پنهنجي واتان پاڻ کي پڏايو آهي ۽ مون سان گستاخي ڪئي اٿوَ. هائو، اوهان منهنجي خلاف گھڻي ئي بڪواس ڪئي آهي، جيڪا سڄي مون ٻڌي آهي.
14
سو آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ آءٌ اوهان کي برباد ڪري ڇڏيندس ۽ اوهان جي برباديءَ تي سڄي دنيا خوشيون ملهايندي.
15
اوهان تہ بني اسرائيل جي ميراث واري ملڪ جي برباد ٿيڻ تي خوشيون ملهايون هيون. پر هاڻي اي ادوم وارؤ! انهيءَ ڪري آءٌ اوهان کان بدلو وٺندس ۽ اوهان جي سعير جبلن بلڪ سڄي ادوم ملڪ کي بلڪل ئي ويران ڪري ڇڏيندس. تڏهن بني اسرائيل ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“
← Chapter 34
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 36 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48