bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ezekiel 8
Ezekiel 8
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 9 →
1
اسان جي جلاوطنيءَ جي ڇهين سال، ڇهين مهيني جي پنجين تاريخ تي جڏهن آءٌ پنهنجي گھر ۾ ويٺو هئس ۽ يهوداہ جا جلاوطن اڳواڻ بہ منهنجي اڳيان ويٺا هئا، تڏهن اوچتو خداوند خدا جي قدرت وڏي زور سان اُتي منهنجي مٿان نازل ٿي.
2
مون اکيون کڻي نهاريو تہ رويا ۾ ڏٺم تہ باهہ جي شڪل واري هڪڙي انساني صورت بيٺي آهي. انهيءَ جو چيلهہ کان هيٺ وارو حصو باهہ جهڙو هو ۽ چيلهہ کان مٿي وارو حصو چمڪندڙ پتل جهڙو هئس.
3
هن هٿ جهڙي ڪا شيءِ ڊگھيڙي منهنجي مٿي جي وارن جي هڪڙي چڳ پڪڙي. تڏهن انهيءَ عجيب رويا ۾ خدا جو روح مون کي مٿي هوا ۾ بلنديءَ تي کڻي ويو ۽ پوءِ يروشلم جي ڪوٽ جي اندرين اتر واري دروازي وٽ آڻي لاٿائين، جتي هڪڙي مورتي کوڙيل هئي، جنهن خداوند کي غيرت ڏياري غضبناڪ بڻايو هو.
4
اتي مون تجليدار روشني ڏٺي، جنهن مان بني اسرائيل جي خدا جو جلوو ظاهر ٿي ٿيو، جيئن مون اڳ رويا ۾ ڪبار نهر جي ڀرسان ميدان منجھہ ڏٺو هو.
5
تڏهن خدا مون کي فرمايو تہ ”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! پنهنجيون اکيون کڻي اتر طرف نهار.“ سو جڏهن مون مڙي ڪري اتر طرف ڏانهن نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ دروازي جي لنگھہ وٽ جتي اها مورتي کوڙيل آهي جنهن خدا کي غيرت ڏياري هئي، تنهن جي هڪ قربانگاهہ بہ آهي.
6
تڏهن خدا مون کي فرمايو تہ ”اي آدمزاد! تون ڏسين ٿو تہ ڇا ٿي رهيو آهي؟ ڏس، بني اسرائيل منهنجي مقدس هيڪل کي ڇڏي هتي ڪهڙا نہ ڪراهت وارا ڪم ٿا ڪن! پر تون اڃا بہ کين انهيءَ کان بہ وڌيڪ ڪراهت جهڙا ڪم ڪندي ڏسندين.“
7
پوءِ هن مون کي هيڪل جي ٻاهرين اڱڻ جي دروازي وٽ آندو، جتي مون نهاريو تہ ڀت ۾ هڪڙو سوراخ نظر آيو.
8
پوءِ هن مون کي فرمايو تہ ”اي آدمزاد! هاڻي تون هتان ڀت کوٽ.“ جڏهن مون ڀت کوٽي تہ ڇا ڏسان تہ اتي هڪڙو ڪمرو آهي.
9
تڏهن هن مون کي فرمايو تہ ”انهيءَ ڀت کان اندر لنگھي وڃي ڏس تہ هو اتي ڪهڙا نہ ڪراهت جهڙا ڪم ڪن ٿا.“
10
سو آءٌ اندر گھڙي ويس ۽ جيئن ئي نهاريم تہ ڇا ڏسان تہ اتي هر قسم جي سرندڙ جيتن ۽ ناپاڪ حيوانن، يعني انهن سمورن مڪروهہ ديوتائن جون شڪليون چوڌاري ڀتين تي نقش ٿيل آهن جن جا بني اسرائيل پوڄاري بڻيا هئا.
11
اتي بني اسرائيل جي اڳواڻن مان ستر ڄڻا انهن بتن جي سامهون بيٺا هئا ۽ يازنياہ ولد سافن انهن جي وچ ۾ بيٺو هو. انهن سڀني جي هٿن ۾ لوباندان هئا، جن مان لوبان جو خوشبودار دونهون مٿي پئي اٿيو.
12
تڏهن خدا مون کان پڇيو تہ ”اي حزقيايل! اي آدمزاد! ڏس تہ بني اسرائيل جا اڳواڻ ڳجھہ ڳوهہ ۾ ڇا ٿا ڪن! اهي سڀ پنهنجي پنهنجي مورتين جي مخصوص جاين اڳيان انهن جي پوڄا ٿا ڪن. اهي بهانو بڻائي چون ٿا تہ ’ خداوند اسان کي نہ ٿو ڏسي، ڇاڪاڻ تہ هو اسان جي ملڪ کي ڇڏي هليو ويو آهي.‘“
13
پوءِ خداوند مون کي فرمايو تہ ”تون انهيءَ کان بہ وڌيڪ ڪراهت جهڙا ڪم ڏسندين، جيڪي بني اسرائيل ڪن ٿا.“
14
پوءِ هو مون کي پنهنجي هيڪل جي اتر طرف واري دروازي وٽ وٺي آيو. مون ڏٺو تہ اتي عورتن تموز ديوتا جي موت تي ويٺي ماتم ڪيو.
15
تڏهن هن مون کي فرمايو تہ ”اي آدمزاد! تو اهو سڀ ڪجھہ ڏٺو؟ بلڪ تون انهيءَ کان بہ وڌيڪ ڪراهت جهڙا ڪم ڏسندين.“
16
پوءِ هو مون کي پنهنجي هيڪل جي اندرين اڱڻ ۾ وٺي آيو. ڇا ڏسان تہ اتي خداوند جي هيڪل جي دروازي وٽ، ورانڊي ۽ قربانگاهہ جي وچ ۾ اٽڪل پنجويهہ ماڻهو بيٺا آهن، جن جون پٺيون خداوند جي هيڪل ڏانهن هيون ۽ سندن منهن اوڀر طرف هئا. اهڙيءَ طرح هنن اڀرندڙ سج جي پوڄا ٿي ڪئي.
17
تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي آدمزاد! تو اهو سڀ ڪجھہ ڏٺو؟ يهوداہ وارن جي نظر ۾ تہ اهي معمولي ڳالهيون آهن جو هو هتي ڪراهت وارا ڪم ڪن ٿا ۽ سڄي ملڪ ۾ ظلم وَ زبردستي برپا ڪري ڇڏي اٿن. پر هاڻي انهن ڪمن کان وڌيڪ ڪيئن نہ هو منهنجي هيءَ بيحرمتي ڪري مون کي چڙ ٿا ڏيارين ۽ مون کي وري غضبناڪ ڪيو اٿائون.
18
تنهنڪري آءٌ بہ ساڻن قهر واري هلت ڪندس. آءٌ هنن سان هرگز درگذر نہ ڪندس، نڪي مٿن ڪو رحم ڪندس، بلڪ توڙي جو هو وڏيون رڙيون ڪري مون آڏو فرياد ڪندا تہ بہ آءٌ مٿن ڪو ڌيان ڪونہ ڏيندس.“
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 9 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48