bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ezekiel 14
Ezekiel 14
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 13
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 15 →
1
تنهن کان پوءِ بني اسرائيل جي اڳواڻن مان ڪي خداوند جي مرضي معلوم ڪرڻ لاءِ مون وٽ آيا.
2
تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ
3
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! هنن ماڻهن بتن جي پوڄا شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن جي ڪري هو وڌيڪ گناهن ۾ غرق ٿيندا پيا وڃن. ڇا اهي اڃا بہ ائين سمجھن ٿا تہ آءٌ کين ڪو جواب ڏيندس؟
4
تنهنڪري تون هنن سان ڳالهاءِ ۽ کين مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ بني اسرائيل قوم مان جيڪي بہ ماڻهو بتن جي پوڄا ڪندي گناهن ۾ غرق ٿيندا ٿا وڃن ۽ پوءِ بہ اهي نبيءَ وٽ مون کان صلاح مشورو گھرڻ لاءِ ٿا اچن تہ اهي ياد رکن آءٌ خداوند خود انهن کي سندن گھڻي بتپرستيءَ جي گناهہ مطابق جواب ڏيندس.
5
اهي بتن جي پوڄا ڪري مون کان ڌار ٿي ويا آهن. سو آءٌ سندن بتپرستيءَ جي دلي خواهش مطابق کين سزا ڏيندس.
6
تنهنڪري هاڻي اي حزقيايل! تون سڄي بني اسرائيل کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اوهين توبهہتائب ٿيو ۽ پنهنجي ڪراهت جهڙن بتن کان منهن موڙي ڇڏيو.
7
جڏهن اوهان جي قوم بني اسرائيل مان ڪو ماڻهو يا بني اسرائيل جي ملڪ ۾ رهندڙ ڌارين مان ڪوبہ مون کي ڇڏي بتن جي پوڄا ڪندي وڌيڪ گناهن ۾ غرق ٿيندو ٿو وڃي ۽ پوءِ بہ هو نبيءَ وٽ اچي ٿو تہ جيئن انهيءَ جي معرفت مون کان پڇا ڪري، تڏهن انهيءَ کي آءٌ خداوند پاڻ جواب ڏيندس.
8
جواب هي آهي تہ آءٌ انهيءَ جي خلاف ٿي بيهندس ۽ انهيءَ کي عبرت جو نشان ۽ هڪڙو پهاڪو بڻائي ڇڏيندس. آءٌ پنهنجي قوم منجھان سندس نالو نشان مِٽائي ڇڏيندس. پوءِ اوهان مان هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.
9
جيڪڏهن ڪو نبي سڏائيندڙ گمراهہ ٿي ڪري ڪوڙو پيغام ڏئي ٿو، تہ ائين چيو ويندو تہ مون خداوند ئي انهيءَ کي گمراهيءَ ۾ وڌو آهي. سو آءٌ انهيءَ تي پنهنجو هٿ کڻندس ۽ پنهنجي قوم بني اسرائيل منجھان کيس ڪڍي ڇڏيندس.
10
پوءِ اهو نبي سڏائيندڙ توڙي کانئس سوال پڇندڙ ٻيئي پنهنجي بدڪاريءَ جي سزا ڀوڳيندا، ڇاڪاڻ تہ نبي سڏائيندڙ جو گناهہ بہ اوترو ئي هوندو جيترو کانئس سوال پڇڻ واري جو.
11
آءٌ اهو سڀ انهيءَ لاءِ ڪندس تہ جيئن اوهين بني اسرائيل اڳتي وري مون کان گمراهہ نہ ٿي وڃو ۽ نہ وري پنهنجي گناهن جي گھڻائيءَ ڪري پليت ٿيو. سو مون آڏو توبهہتائب ٿيو، تڏهن اوهين منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ اوهان جو خدا هوندس.‘ اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“
12
خداوند مون کي فرمايو تہ
13
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! فرض ڪر تہ ڪا قوم مون کي ڇڏي گناهہ ٿي ڪري ۽ آءٌ کين سزا ڏيندي سندن فصل تباهہ ٿو ڪريان ۽ منجھن ڏڪار ٿو موڪليان ۽ انهن جا ماڻهو توڙي جانور ماري ٿو ڇڏيان.
14
پوءِ جيتوڻيڪ هي ٽي ماڻهو نوح ، دانيال ۽ ايوب انهن سان گڏ رهندا هجن، تڏهن بہ انهن جي نيڪي رڳو انهن ٽن کي ئي بچائي سگھندي، ٻين کي نہ. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.
15
يا فرض ڪر تہ آءٌ ڪنهن قوم کي سزا ڏيڻ لاءِ منجھن خونخوار جھنگلي جانور موڪليان، جيڪي سندن ماڻهن کي چيري ڦاڙي سندن ملڪ ويران ڪري ڇڏين، ايتري قدر جو انهن جانورن جي ڪري ڪوبہ انهيءَ ملڪ مان لنگھي نہ سگھي.
16
تڏهن بہ آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ جيتوڻيڪ اهي ٽيئي ماڻهو انهيءَ قوم سان رهندا هجن تہ بہ اهي پنهنجي ٻارن کي بہ بچائي نہ سگھندا. هو رڳو پاڻ بچي ويندا، باقي سڄو ملڪ ويران ٿي ويندو.
17
يا جيڪڏهن آءٌ انهيءَ ملڪ تي جنگ موڪليان ۽ موتمار هٿيارن سان انهيءَ ملڪ جي انسانن توڙي حيوانن کي قتل ڪرائي ڇڏيان،
18
تڏهن بہ آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ جيتوڻيڪ اهي ٽيئي ماڻهو انهيءَ ملڪ ۾ رهندا هجن تہ بہ اهي پنهنجن ٻارن کي بہ بچائي نہ سگھندا. هو رڳو پاڻ ئي بچي سگھندا.
19
يا فرض ڪر تہ آءٌ انهيءَ ملڪ ۾ وبا موڪليان ۽ خونريزيءَ وسيلي ملڪ تي پنهنجو قهر نازل ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ انهيءَ ملڪ جي انسانن توڙي حيوانن کي ماري چٽ ڪري ڇڏيان.
20
تڏهن جيڪڏهن نوح ، دانيال ۽ ايوب بہ انهيءَ ملڪ ۾ رهندا هجن تہ بہ آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ اهي پنهنجن ٻارن مان ڪنهن هڪ کي بہ بچائي نہ سگھندا. اهي پنهنجي نيڪيءَ جي ڪري رڳو پنهنجي ئي جان بچائي سگھندا.
21
سو هاڻ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ آءٌ پنهنجيون اهي چار ئي وڏيون آفتون يعني جنگ، ڏڪار، خونخوار جھنگلي جانور ۽ وبا يروشلم تي نازل ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ اتي جي انسانن توڙي حيوانن کي ماري چٽ ڪريان ۽ پوءِ بني اسرائيل ملڪ جو حال ڪيڏو نہ وڌيڪ خراب هوندو!
22
انهيءَ هوندي بہ يروشلم جي رهاڪن مان ڪي باقي بچندا، جيڪي پنهنجي ملڪ مان جلاوطن ٿي اوهان وٽ ايندا. اي حزقيايل! جڏهن توهين انهن جي چال چلت ۽ بڇڙا ڪم ڏسندا تڏهن ڄاڻي وٺندا تہ مون يروشلم تي اهي آفتون ۽ مصيبتون نازل ڪري ڪيڏو نہ صحيح ڪم ڪيو آهي.
23
هائو، جڏهن اوهين انهن جا طور طريقا ۽ افعال ڏسندا تڏهن اوهان کي معلوم ٿيندو تہ مون انهن سان جيڪي ڪجھہ ڪيو آهي سو بيسبب نہ ڪيو اٿم. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
← Chapter 13
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 15 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48