bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ezekiel 7
Ezekiel 7
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 8 →
1
خداوند مون کي فرمايو تہ
2
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! تون بني اسرائيل کي مون خداوند جو هي فرمان ٻڌائي ڇڏ تہ ’اوهان جو ملڪ جلد ئي پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچندو. هائو، سڄو ملڪ برباد ٿيڻ وارو آهي.
3
اي بني اسرائيل! هاڻي آءٌ اوهان جي ملڪ تي پنهنجو غضب نازل ڪري انهيءَ جي پڄاڻي ڪندس. هائو، اوهان جي چال چلت موجب اوهان جي عدالت ڪندس. آءٌ اوهان جي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن جي سزا اوهان جي ملڪ تي آڻيندس.
4
آءٌ اوهان سان هرگز درگذر نہ ڪندس، نڪي اوهان تي ڪو رحم ڪندس. بلڪ اوهان جي ڪيل بڇڙن ڪمن جي ڪري آءٌ اوهان جي ملڪ کي سزا ڏيندس، تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.
5
اي پنهنجي ملڪ ۾ باقي بچيل رهاڪؤ! آءٌ خداوند ئي چوان ٿو تہ ياد رکو، اوهان جي ملڪ تي مصيبت مٿان مصيبت اچڻ واري آهي،
6
پڇاڙي بلڪل اچي پهتي آهي، هائو، اوهان جي ملڪ مٿان اچي ڪڙڪي آهي. ڏسو، اها اچي ويئي آهي.
7
اوهان جي پڄاڻيءَ جو وقت ويجھو آهي. هائو، اهو ڏينهن اچي پهتو آهي، جڏهن جبلن تي بتپرستيءَ جون خوشيون نہ ملهايون وينديون، بلڪ اتي رڳو جنگ جا نعرا ٻڌا ويندا.
8
هاڻي عنقريب آءٌ پنهنجو قهر اوهان تي نازل ڪندس، ۽ پنهنجو غضب اوهان تي پورو ڪندس. آءٌ اوهان جي چال چلت موجب اوهان جي عدالت ڪندس، ۽ اوهان جي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن جي اوهان کي سزا ڏيندس.
9
اوهان جا گناهہ اهڙا تہ ڪراهت جهڙا آهن جو آءٌ اوهان سان هرگز درگذر نہ ڪندس، نڪي اوهان تي ڪو رحم ڪندس، بلڪ آءٌ اوهان کي اوهان جي چال چلت موجب سزا ڏيندس. تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان، جنهن اوهان کي اها سزا ڏني آهي.
10
ڏسو، اهو ڏينهن اچڻ وارو آهي، هائو، اهو ڏينهن اچي پهتو آهي. اوهان جي بدبختي اچي اوهان جي دروازي تي بيٺي آهي، ڇاڪاڻ تہ ظلم جي انتها ٿي چڪي آهي، ۽ مغروري چوٽ چڙهي ويئي آهي.
11
ظلم جي وڌڻ سان هر قسم جي بدڪاري وڌي ويئي آهي. سو اوهان مان ڪوبہ انهيءَ جي سزا مان بچي نہ نڪرندو. نہ اوهان جا ڪٽنب قبيلا رهندا، نہ مال وَ دولت، نہ ئي وري اوهان جو شان وَ شوڪت رهندو.
12
وقت اچي پهتو آهي، اهو ڏينهن ويجھو ايندو پيو وڃي. سو نہ خريد ڪندڙ خوشي ڪري، نہ وڪڻندڙ غمگين ٿئي، ڇاڪاڻ تہ مون خدا جو غضب سڀني تي هڪجهڙو اچي ڪڙڪندو.
13
بيشڪ وڪڻندڙ کي سڄي زندگيءَ ۾ اها شيءِ واپس ڪرڻ جو موقعو ئي نہ ملندو. منهنجو اهو فيصلو سڀني لاءِ آهي، ۽ انهيءَ ۾ ڪابہ تبديلي ڪانہ ايندي. هائو، ڪوبہ بدڪار ماڻهو سزا کان بچي نہ سگھندو.
14
جنگ جو توتارو وڄي رهيو آهي، ۽ سڀ هٿيار موجود آهن. پر اوهان مان اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو جنگ لاءِ ٻاهر نڪري اچي، ڇاڪاڻ تہ منهنجو غضب سڀني تي هڪجهڙو اچي ڪڙڪندو.
15
شهر کان ٻاهر جنگ جو خطرو آهي، ۽ شهر اندر وبا ۽ ڏڪار آهي. جيڪي بہ شهر کان ٻاهر نڪرندا سي جنگ ۾ ماريا ويندا، ۽ جيڪي بہ شهر ۾ آهن تن کي ڏڪار ۽ موتمار وبا ماري ناس ڪري ڇڏيندي.
16
تڏهن جيڪي انهن مان ڀڄي نڪرندا، سي بچي تہ ويندا، پر ماٿريءَ جي انهن ڪبوترن وانگر هوندا، جيڪي ڊپ وچان جبلن تي نڪري ويا هجن، ۽ اتي اهي ماڻهو پنهنجي بدڪاريءَ جي ڪري پيا روئندا رڙندا.
17
انهن جا هٿ ڏڪڻ لڳندا، ۽ سندن گوڏا ٿڙڪڻ لڳندا، ڇاڪاڻ تہ مٿن دهشت ڇائنجي ويئي آهي. اهي ڏک وچان کٿا ڍڪيندا، ۽ پنهنجا مٿا ۽ ڏاڙهيون ڪوڙي ڇڏيندا، ڇاڪاڻ تہ اهي سڀيئي خوار خراب ۽ ذليل ٿي ويا آهن.
19
اهي پنهنجو سون ۽ چاندي گند ڪچري جيان گھٽين ۾ اڇلائي ڇڏيندا، ڇاڪاڻ تہ جڏهن آءٌ خداوند مٿن پنهنجو غضب نازل ڪندس، تڏهن سندن اهو سون توڙي چاندي کين بچائي نہ سگھندا، نڪي سندن خواهشن کي اهي پورو ڪري سگھندا، ۽ نہ ئي وري سندن پيٽ ئي ڀري سگھندا، ڇاڪاڻ تہ اهي ئي شيون سندن گناهہ جو باعث بڻيون آهن.
20
اهو هيئن ٿيو جو هنن پنهنجي سون ۽ چانديءَ مان خوبصورت زيور جوڙايا ۽ انهن تي فخر ڪرڻ لڳا. پوءِ هنن وڌيڪ ڪراهت جهڙا هي ڪم ڪيا جو انهيءَ سون ۽ چانديءَ مان نفرت جهڙيون مورتيون جوڙايون. تنهنڪري آءٌ سندن اها دولت هنن لاءِ حرام ڪري ڇڏيندس.
21
هائو، اي پنهنجي ملڪ ۾ رهڻ وارؤ! آءٌ خداوند چوان ٿو تہ دنيا جي بدڪار ماڻهن هٿان آءٌ اوهان کي لُٽائي ڦرائي ڇڏيندس، ۽ اوهان جي دولت ڌارين کي مالِغنيمت طور ڏيئي ڇڏيندس، جنهن جي ڪري اها ناپاڪ ٿي ويندي.
22
اهي ڦورو مون لاءِ وقف ٿيل هيڪل ۾ گھڙي اچي انهيءَ کي پليت ڪندا، پر آءٌ ان تي ڪو ڌيان نہ ڏيندس.
23
اهو انهيءَ ڪري ٿيندو جو ملڪ ۾ گناهہ وڌي ويا آهن، هائو، هر هنڌ ظلم ئي ظلم لڳو پيو آهي، ۽ ناحق ماڻهو ماريا ٿا وڃن.
24
تنهنڪري آءٌ سڀني ظالم غير قومن مان وڌيڪ ظالم قوم کي هتي آڻيندس، جيڪي اوهان جي گھرن جا مالڪ ٿيندا. آءٌ انهن ظالمن جي هٿان اوهان جي پوڄا گھرن کي پليت ڪرائي ڇڏيندس. اهڙيءَ طرح آءٌ اوهان جي طاقتورن جو غرور ٽوڙي ڇڏيندس.
25
اوهان جي مٿان دهشت ڇائنجي ويندي. سو اوهين پريشانيءَ وچان هيڏانهن هوڏانهن پيا ڊوڙندا، پر اوهان کي ڪٿي بہ ڪا پناهہ نہ ملندي.
26
اوهان تي مصيبت مٿان مصيبت اچي ڪڙڪندي، ۽ ظالمن جي حملن بابت افواهن مٿان افواهہ پيا اٿندا. تڏهن ماڻهو منهنجي پيغام لاءِ نبين کي عرض ڪندا، پر کين ڪا تسلي نہ ملندي. بلڪ ڪاهن منهنجي شريعت جي تعليم بہ ڏيئي نہ سگھندا، نڪي بزرگ صلاح مصلحت ڏيڻ جي لائق رهندا.
27
اوهان جو بادشاهہ ۽ امير آسرو لاهي ويهندا، ۽ نااميديءَ وچان پيا روئندا رڙندا، جڏهن تہ رعيت خوف وچان پيئي ڏڪندي. آءٌ سڀني کي سندن چال چلت مطابق سزا ڏيندس، هائو، آءٌ اهڙا فيصلا ڪندس، جهڙا اوهان ٻين جا فيصلا ڪيا آهن. تڏهن سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 8 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48