bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ezekiel 27
Ezekiel 27
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 26
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 28 →
1
خداوند مون کي فرمايو تہ
2
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! تون صور شهر تي مرثيو ڳاءِ.
3
اهو صور شهر جيڪو ڀونوچ سمنڊ جي لنگھن وٽ قائم آهي ۽ گھڻن ئي سامونڊي ملڪن لاءِ تجارتگاهہ آهي، تنهن جي ايندڙ برباديءَ بابت کيس مون خداوند خدا جو فرمان ٻڌاءِ تہ ’اي صور شهر! تون ٻٽاڪ هڻي چيو آهي تہ ”آءٌ حسن ۾ ڪامل آهيان.“
4
بيشڪ، تون سمنڊ مٿان قائم هئين، ۽ تنهنجي اڏيندڙن تو کي خوبصورت جهاز جهڙو ٺاهيو هو.
5
هنن تنهنجا سڀ ٻاهريان تختا حرمون جبل جي صنوبر وڻ جي ڪاٺ مان جوڙايا هئا. تنهنجو کوهو جوڙڻ لاءِ هنن لبنان مان ديال وڻ جو ڪاٺ آندو هو.
6
تنهنجا ونجھہ هنن بسن علائقي جي شاهہبلوط وڻ جي ڪاٺ مان جوڙايا هئا، ۽ هنن قبرص ٻيٽ مان شمشاد جو ڪاٺ آڻي تنهنجا اندريان مٿيان تختا ٺاهيا هئا جن تي عاج جڙايو هئائون.
7
تنهنجو سِڙهہ سنهي عمدي سڻيءَ جي ڀرت ڀريل ڪپڙي جو هو، جيڪو مصر مان آندو ويو هو، انهيءَ لاءِ تہ اهو تنهنجي واسطي جھنڊي جو ڪم ڏئي. تنهنجو شاميانو عمدي ڪپڙي جو ۽ آسماني ۽ واڱڻائي رنگ جو هو، جيڪو قبرص ٻيٽ مان آندو ويو هو.
8
تنهنجا ونجھہ هلائڻ وارا صيدا ۽ اروَد شهرن جا رهاڪو هئا. اي صور! تنهنجا پنهنجا ڏاها ماڻهو تنهنجا ناکئا هئا.
9
جِبل شهر جا تجربيڪار ماڻهو ۽ اتي جا ڏاها ماڻهو تنهنجي سار سنڀال رکندا هئا، ۽ تو ۾ پيل سوراخن جي مرمت ڪندا هئا. سمنڊ جا سڀ جهاز ۽ انهن جا خلاصي تو وٽ ايندا هئا، انهيءَ لاءِ تہ تنهنجي واسطي تجارت جو ڪم ڪن.
10
فارس، لود ۽ لبيا جا ماڻهو تنهنجي لشڪر جا بهادر سپاهي هئا. انهن جي ڍالن ۽ جنگي ٽوپن جي ڏسڻ سان تنهنجو شان وَ شوڪت وڌيو پئي.
11
اروَد جا ماڻهو تنهنجي لشڪرن سان گڏ چوڌاري تنهنجي ڀتين تي پهرو ڏيندا هئا، ۽ جماد جا ماڻهو تنهنجي ٺُلهن تي پهرو ڏيندا هئا. هنن چوڌاري تنهنجي ڀتين تي پنهنجا هٿيار ٽنگي ڇڏيا هئا، جنهن سان تنهنجو حسن ڪامل ٿي پيو هو.
12
تون واپار جو هڪڙو وڏو مرڪز هئين، ۽ هر طرح جي مال جي تو وٽ گھڻائي هئي. تنهنڪري ترسيس جا واپاري تنهنجي بازارن ۾ چاندي، لوهہ، قلعي ۽ شيهو آڻي واپار ڪندا هئا.
13
توبل، مسڪ ۽ يونان وارن واپارين بہ تو سان تجارت ٿي ڪئي. هو واپار لاءِ ٻانها ٻانهيون ۽ پتل جا ٿانوَ تو وٽ آڻيندا هئا.
14
بيتتُجرماہ وارا تنهنجي بازارن ۾ گھوڙا ۽ خچر آڻيندا هئا.
15
روڊس جي ٻيٽ جا ماڻهو بہ تنهنجا واپاري هئا. ان کان علاوہ سامونڊي ڪناري واريون گھڻيون قومون تنهنجي شين جي بدلي ۾ آبنوس جو ڪاٺ ۽ عاج تو وٽ آڻينديون هيون.
16
تو وٽ دستڪاريءَ جو بہ واپار گھڻو ٿيندو هو. تنهنڪري ادوم وارا تو وٽ زمرد، واڱڻائي ڪپڙو، چڪندوزي ڪم، سنهي وٽيل سڻيءَ جو عمدو ڪپڙو، مرجان ۽ لعل آڻيندا هئا.
17
يهوداہ ۽ اسرائيل ملڪن جا رهاڪو پڻ تو سان واپار ڪندا هئا. هو تنهنجي شين جي بدلي ۾ پنهنجي عمدي ڪڻڪ ۽ ٻيو اناج، ماکي، زيتون جو تيل ۽ سرهاڻ تو وٽ آڻيندا هئا.
18
آران جي شهر دمشق وارا بہ تنهنجي گھڻين ڪاريگريءَ جي شين، ۽ هر طرح جي مال جي گھڻائيءَ سبب تو سان واپار ڪندا هئا. هو تنهنجي شين جي بدلي حلبون ڳوٺ جو شراب، اڇي پشم،
19
اوزال جي مئي جا ڊرم، گھڙيل لوهہ ۽ مصالحا بہ تنهنجي بازارن ۾ آڻيندا هئا.
20
ددان شهر جا ماڻهو گھوڙي جي پٺيءَ تي رکڻ وارا گدا آڻي تنهنجي بازارن ۾ واپار ڪندا هئا.
21
عرب ۽ قيدار علائقن جا سڀ سردار واپار ۾ تنهنجا ساٿي هئا، ۽ رڍون ۽ ٻڪريون آڻي تو سان واپار ڪندا هئا.
22
شبا ملڪ ۽ رعماہ علائقي جا واپاري هر قسم جون عمديون خوشبودار شيون، مختلف قسمن جا قيمتي پٿر، ۽ سون ڏيئي تنهنجو مال خريد ڪندا هئا.
23
شبا جي واپارين کان علاوہ حاران، ڪنہ، عدن، اشور ۽ ڪلمد شهرن جا واپاري پڻ تو سان واپار ڪندا هئا.
24
اهي ڪمخواب جا عمدا ڪپڙا، آسماني چڪندوزيءَ جي ڪم سان ڀريل جُبا، ۽ ٻيون قيمتي پوشاڪون، رنگين غاليچا ۽ مضبوط رسا تنهنجي بازارن ۾ واپار لاءِ آڻيندا هئا.
25
ترسيس جا وڏا جهاز تنهنجي تجارتي مال لاءِ استعمال ٿيندا هئا. اي صور! تون سمنڊ ۾ انهيءَ جهاز جيان هئين، جيڪو ڀاري مال سان ڀريل هجي.
26
تنهنجي ونجھہ هلائڻ وارن تو کي اونهي پاڻيءَ ۾ آندو آهي. پر اوڀر کان گھلندڙ واءُ تو کي وچ سمنڊ ۾ ڀڃي وڌو آهي.
27
سو تنهنجو مال متاع، تنهنجو تجارت وارو سامان، تنهنجا وانجھي توڙي ناکئان، تنهنجي مرمت ڪندڙ تو ڙي مال جا سوداگر، تو ۾ موجود سڀ جنگي جوڌا، هائو، اهو پورو ٽولو جيڪو تو ۾ موجود هو، سي سڀيئي تنهنجي برباديءَ واري ڏينهن سمنڊ ۾ ٻڏي ويا.
28
تنهنجي ٻڏندڙ ناکئاين جون رڙيون ٻڌندي ڪناري وارا سڀ ماڻهو خوف وچان ڏڪن ٿا.
29
ٻين جهازن جا سڀيئي وانجھي توڙي خلاصي ۽ سمورا ناکئان پنهنجن جهازن مان نڪري خشڪيءَ تي اچي بيٺا آهن.
30
اهي وڏي آواز سان تنهنجي اهڙي حال تي زاروزار روئي رهيا آهن. هنن پنهنجن مٿن ۾ خاڪ وڌي آهي، ۽ مٽيءَ ۾ ليٿڙيون پيا پائين.
31
تنهنجي ڪري هنن وار ڪوڙايا آهن، ۽ پنهنجي چيلهہ سان کٿا ٻڌا اٿائون. هو تنهنجي ارمان ۾ درد وچان روئندي رڙندي تو لاءِ ڏاڍو ماتم ٿا ڪن.
32
هو واءِويلا ڪندي تو تي هي مرثيو ڳائيندي چون ٿا تہ ”هاءِ! اي صور شهر! هاءِ! اهڙو ڪير آهي جيئن تون سمنڊ جي وچ ۾ هڪ مناري جيان بيٺو هئين؟
33
اي صور! جڏهن تنهنجو تجارت وارو مال سمنڊ جي رستي سان ايندو ويندو هو، تڏهن تنهنجي انهيءَ مال سان گھڻيون ئي قومون مالا مال ٿي ٿيون. تو پنهنجي جھجھي دولت ۽ تجارتي مال جي گھڻائيءَ سان دنيا جي بادشاهن کي دولتمند بڻائي ڇڏيو.
34
مگر هاڻ پاڻيءَ جي زور تو کي اونهي سمنڊ ۾ ڀڃي وڌو آهي. سو تو سان گڏ تنهنجو تجارت وارو مال، ۽ ماڻهن جا ٽولا بہ غرق ٿي ويا آهن.“
35
آسپاس ٻيٽن وارا توڙي ڪناري وارا سڀيئي ماڻهو اهو ڏسي دهلجي ويا آهن. سندن بادشاهن کي ڏاڍو خوف وٺي ويو آهي، ۽ منهن هيڊو ٿي ويو اٿن.
36
سڄي دنيا جا سوداگر تو تي افسوس وچان شوڪارا ٿا ڀرين. تون سڀني لاءِ عبرت جي نشاني بڻيو آهين، ۽ هاڻي ابد تائين تون فنا ئي رهندين.‘“
← Chapter 26
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 28 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48