bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ezekiel 13
Ezekiel 13
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 14 →
1
خداوند مون کي فرمايو تہ
2
”اي حزقيايل! آدم جو اولاد! بني اسرائيل جي نبي سڏائيندڙن خلاف منهنجو هي پيغام ٻڌاءِ. هائو، انهن جي خلاف اڳڪٿي ڪر، جيڪي پنهنجي دل مان ڳالهيون ٺاهي اڳڪٿيون ٿا ڪن. کين چئُہ تہ اهي مون خداوند جو هي فرمان ٻڌن.
3
آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ ويل آهي انهن احمق نبي سڏائيندڙن لاءِ! جيڪي پنهنجيءَ دل جي پيروي ڪن ٿا ۽ ڪابہ رويا ڪين ڏٺي اٿائون.
4
بني اسرائيل جا نبي سڏائيندڙ انهن لومڙين جيان بيڪار آهن جيڪي تباهہ ٿيل شهر جي ويران جاين ۾ شڪار لاءِ رلن ٿيون.
5
اهي بني اسرائيل جي بچاءَ لاءِ ڪوٽ جي مرمت نہ ٿا ڪن يعني اهي کين گناهہ ڪرڻ کان خبردار نہ ٿا ڪن، نڪي وري انهن جي طرفان ڀڳل ٽٽل ڀتين تي ٿا بيهن يعني مون خداوند آڏو اهي نہ ٿا پڪارين تہ جيئن منهنجي عدالت واري ڏينهن بني اسرائيل جيئرا رهي سگھن.
6
سندن رويائون ڪوڙيون آهن ۽ سندن غيبداني ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهي. اهي دعويٰ ٿا ڪن تہ اهي مون خداوند جو پيغام ٿا ٻڌائين، جڏهن تہ مون هنن کي موڪليو ئي ڪونهي. پوءِ بہ هو بني اسرائيل کي اهو آسرو ٿا ڏين تہ آءٌ سندن ڳالهہ پوري ڪندس.
7
پر آءٌ انهن کي ٻڌايان ٿو تہ ’اي نبي سڏائيندڙؤ! اوهان جون رويائون ڪوڙيون آهن ۽ اوهان جي غيبداني ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهي. اوهين ماڻهن کي چئو ٿا تہ اهو مون خداوند جو فرمان آهي، جڏهن تہ مون اوهان سان ڳالهايو ئي ڪونهي.‘
8
آءٌ کين وڌيڪ چوان ٿو تہ ’اي نبي سڏائيندڙؤ! ياد رکو، جيئن تہ اوهان ڪوڙيون ڳالهيون ڪيون آهن ۽ ڪوڙيون رويائون ٻڌايون اٿوَ، تنهنڪري آءٌ خداوند خدا اوهان جي خلاف آهيان.
9
اوهان جي ڪوڙين رويائن ۽ گمراهہ ڪندڙ اڳڪٿين جي ڪري آءٌ اوهان کي سزا ڏيڻ وارو آهيان. اوهين منهنجي قوم جي وڏن جي ٽولي ۾ شامل نہ هوندا، نڪي اوهان جا نالا بني اسرائيل جي گھراڻن ۾ ليکيا ويندا ۽ نہ ئي وري ڪڏهن اوهين جلاوطنيءَ کان پنهنجي وطن ۾ موٽي ايندا. تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.
10
اوهان منهنجي قوم کي ائين چئي گمراهہ ڪيو آهي تہ سڀ ڪجھہ ٺيڪ آهي. جڏهن تہ ڪجھہ بہ ٺيڪ نہ آهي. اهو سڀ ائين آهي جيئن منهنجي قوم ڪچين ڀڳل سرن جي ڀت ٺاهي هجي ۽ اوهان اچي انهيءَ ڀت کي گاري سان ليپو ڏيئي ڇڏيو هجي تہ جيئن اها مضبوط ڏسڻ ۾ اچي، جڏهن تہ اصل ۾ ائين نہ آهي.
11
سو اي ڀت کي گارو هڻڻ وارؤ! ٻڌي ڇڏيو تہ اها ڀت ڪيئن بچندي؟ جڏهن تمام سخت برساتون وسنديون ۽ وڏا وڏا ڳڙا پوندا ۽ طوفاني هوائون ان کي ڪيرائي وجھنديون،
12
تڏهن هر ڪو اوهان کان نہ پڇندو ڇا تہ ”اوهان جي لڳايل گاري کان پوءِ بہ ڀت ڇو ڪري؟“
13
آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ اهو بلڪل ائين ئي ٿيندو. اها ڀت يروشلم شهر آهي، جنهن کي آءٌ پنهنجي غضب وچان سخت طوفان موڪلي ۽ پنهنجي قهر مان تمام زوردار برساتون ۽ غضبناڪ ڳڙا موڪلي ڀڃي چٽ ڪري ڇڏيندس.
14
اهڙيءَ طرح جنهن شهر جي رهاڪن جا گناهہ اوهان لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، تنهن کي آءٌ ڀڃي ڪيرائي ڇڏيندس، ايتري قدر جو انهيءَ جا بنياد ظاهر ٿي پوندا. اهو اوچتو ئي ڊهي پوندو ۽ انهيءَ جي هيٺان اچي اوهين سڀ مري چٽ ٿي ويندا. تڏهن اوهين سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘
15
اهڙيءَ طرح آءٌ انهيءَ ڀت تي ۽ انهيءَ کي ڪچي گاري سان لنبڻ وارن تي پنهنجو قهر نازل ڪندس. پوءِ آءٌ اعلان ڪندس تہ ’نہ اها ڀت رهي آهي ۽ نہ وري انهيءَ کي لنبڻ وارا،
16
هائو، بني اسرائيل جا اهي سڀ نبي سڏائيندڙ جيڪي يروشلم جي باري ۾ اڳڪٿيون ڪندا هئا ۽ ان جي خير وَ سلامتيءَ جون ڪوڙيون رويائون ٻڌائيندا هئا، جيتوڻيڪ سلامتي تہ هئي ئي ڪونہ.‘ اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“
17
خداوند فرمايو تہ ”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! تون پنهنجي قوم جي انهن عورتن ڏانهن ڌيان ڏي، جيڪي پنهنجي دلين مان ڳالهيون ٺاهي اڳڪٿيون ٿيون ڪن. تون انهن جي خلاف
18
مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’ويل آهي اوهان عورتن لاءِ! جيڪي هر ڪنهن هٿ جي ويڻيءَ لاءِ جادوءَ وارو تعويذ ٿيون سبو ۽ هر ڪنهن مٿي لاءِ جادوءَ وارو رومال ٿيون ٺاهيو، انهيءَ لاءِ تہ اهي ماڻهو ٻين ماڻهن کي شڪار ڪن. اوهين منهنجي قوم جي ماڻهن جو شڪار ڪرائي پنهنجو مقصد حاصل ڪنديون رهنديون ڇا؟
19
اوهان جَوَن جي چند مُٺين ۽ مانيءَ جي چند ٽُڪرن حاصل ڪرڻ خاطر منهنجي قوم آڏو منهنجي بيحرمتي ڪئي آهي. اوهان انهن جانين کي مارڻ جون اڳڪٿيون ٿيون ڪريو جيڪي مرڻ جي لائق نہ آهن ۽ انهن جانين کي بچائڻ جون اڳڪٿيون ٿيون ڪريو جيڪي بچائڻ جي لائق نہ آهن. سو اوهين منهنجي قوم کي ڪوڙيون ڳالهيون ٻڌايو ٿيون ۽ اهي اوهان جي ڳالهين تي يقين ٿا ڪن.
20
هاڻي ڏسو، آءٌ خداوند خدا اوهان جي انهن تعويذن کان نفرت ٿو ڪريان جن سان اوهين جانين جو شڪار ٿيون ڪريو. آءٌ اهي اوهان جي ٻانهن تان ڇني ڦاڙي ڇڏيندس ۽ انهن جانين کي آزاد ڪري ڇڏيندس جن جو اوهين شڪار ٿيون ڪريو.
21
آءٌ اوهان جا رومال بہ ڦاڙي ڇڏيندس ۽ پنهنجي قوم کي اوهان جي هٿن کان ڇڏائيندس. پوءِ اهي جانيون اوهان جي هٿن جو شڪار نہ ٿينديون. تڏهن اوهين ڄاڻي وٺنديون تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.
22
اوهان پنهنجن ڪوڙن سان سچارن جون دليون ٽوڙي وڌيون آهن، جيتوڻيڪ آءٌ انهن جو غمگين ٿيڻ نہ ٿو چاهيان. ان کان علاوہ اوهان بدڪارن جا هٿ مضبوط ڪيا آهن، جنهن جي ڪري اهي خراب رستي کان باز اچي پنهنجي جان نہ ٿا بچائين.
23
تنهنڪري هاڻي اوهين وڌيڪ ڪوڙيون رويائون ڪڏهن بہ نہ ٻڌائي سگھنديون، نڪي گمراهہ ڪندڙ اڳڪٿيون ئي ڪري سگھنديون، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پنهنجي قوم کي اوهان جي هٿن کان ڇڏائيندس. پوءِ اوهين ڄاڻي وٺنديون تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 14 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48