bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ezekiel 21
Ezekiel 21
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 20
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 22 →
1
خداوند مون کي فرمايو تہ
2
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! پنهنجو منهن يروشلم ڏانهن ڪر ۽ اتان جي رهاڪن کي مقدس هيڪل خلاف پيغام ٻڌاءِ، بلڪ بني اسرائيل جي سڄي ملڪ کي خبردار ڪر تہ
3
’ياد رک، آءٌ خداوند خدا تنهنجي خلاف آهيان. آءٌ پنهنجي تلوار مياڻ مان ڪڍندس. پوءِ تو منجھہ رهندڙ بدڪارن توڙي سچارن کي قتل ڪري ڇڏيندس.
4
منهنجي تلوار ڏکڻ کان اتر تائين سڀني انسانن مٿان وهندي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو منجھہ رهندڙ بدڪارن توڙي سچارن کي قتل ڪري ڇڏيندس.
5
تڏهن هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ مون خداوند پنهنجي تلوار مياڻ مان ڪڍي آهي، جيڪا هاڻ موٽي مياڻ ۾ نہ ويندي.‘
6
تنهنڪري اي حزقيايل! آهون ۽ دانهون ڪر، هائو، ڏک ۽ صدمي وچان آهون دانهون ڪر، جيئن هر ڪو تو کي ڏسي.
7
جڏهن تو سان گڏ رهندڙ جلاوطن تو کان پڇن تہ ’تون ڇو ٿو آهون دانهون ڪرين؟‘ تڏهن کين ٻڌائي ڇڏج تہ انهيءَ اچڻ واري خوفناڪ خبر جي ڪري تون آهون دانهون ٿو ڪرين، جنهن جي ٻڌڻ سان سندن دليون خوف وچان ڌڙڪڻ ڇڏي ڏينديون، ڍڍر ڍرا ٿي پوندن ۽ گوڏا ڏڪڻ لڳندن. هائو، سندن همت بلڪل هارجي ويندي. ڏس، اها گھڙي اچڻ واري آهي بلڪ اچي پهتي آهي. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“
8
خداوند مون کي فرمايو تہ
9
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ تلوار، هائو، تلوار تکي ڪري چمڪائي ويئي آهي.
10
اها تلوار انهيءَ لاءِ تکي ڪئي ويئي آهي تہ وڏو ڪوس ڪري. اها انهيءَ لاءِ چمڪائي ويئي آهي تہ وڄ وانگر چمڪي. پوءِ منهنجي پٽ يهوداہ جي شاهي لٺ ۾ ڪابہ خوشي نہ رهندي، ڇاڪاڻ تہ تلوار اهڙي هر ڪنهن لٺ کي حقير ٿي سمجھي.
11
تلوار انهيءَ لاءِ چمڪائي ويئي آهي، تہ جيئن قاتل جي هٿ ۾ ڏني وڃي. هائو، اها تکي ڪئي ويئي آهي ۽ چمڪائي ويئي آهي، انهيءَ لاءِ تہ قاتل ڪوس وجھڻ لاءِ تيار رهي.
12
اي حزقيايل! ڏک وچان آهون ۽ دانهون ڪر، ڇاڪاڻ تہ اها تلوار منهنجيءَ قوم ۽ سندس سڀني اڳواڻن لاءِ ڪڍي ويئي آهي. هائو، اهي منهنجي باقي بچيل قوم وارن سان گڏ قتل ٿيڻ وارا آهن. تنهنڪري تون گوڏن تي هٿ هڻي واءِويلا ڪر.
13
آءٌ پنهنجيءَ قوم کي آزمائي رهيو آهيان. جيڪڏهن اها تلوار يهوداہ جي شاهي گھراڻي کي حقير سمجھي ناس ڪري ڇڏي، تہ پوءِ هو ڇا ڪري سگھندا؟
14
تنهنڪري اي حزقيايل، آدم جو اولاد! منهنجو اهو پيغام ٻڌاءِ، بلڪ تاڙيون وڄائي جنگ شروع ڪراءِ. منهنجي اها تلوار وري وري پيئي حملو ڪندي، جيڪا فتح ڪندڙ، دهشت ڏياريندڙ ۽ ماڻهن ۾ ڪوس وجھندڙ تلوار آهي.
15
اهي پنهنجي همت بلڪل هاري ويهندا، ۽ خوف وچان ٿاٻڙجڻ لڳندا، ڇاڪاڻ تہ منهنجي ڪوس وجھندڙ تلوار سندن شهر جي هر دروازي تي وڄ جيان چمڪندي ۽ قتل ڪرڻ لاءِ تيار هوندي.
16
اها تلوار ساڄي توڙي کاٻي پاسي وڍيندي ويندي. هائو، اڳيان توڙي پٺيان جيڏانهن بہ انهيءَ جو منهن ٿيندو، قتلام ڪندي ويندي.
17
آءٌ ڪاوڙ ۾ پنهنجا هٿ هڻندس جيستائين منهنجو غضب ڍرو ٿئي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
18
خداوند مون کي فرمايو تہ
19
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! هڪڙو نقشو ٺاهہ جنهن ۾ بابل جي بادشاهہ جو تلوار سميت ٻاهر نڪرڻ جو رستو نشان طور ڏيکار. پر اڳتي هلي انهيءَ مان ٻن رستن جي نڪرڻ جو نشان ڏيکار. هڪڙو رستو هڪڙي شهر ڏانهن وڃي ۽ ٻيو رستو ٻئي شهر ڏانهن وڃي. انهن شهرن جي نالن جون تختيون لڳل بہ ڏيکار.
20
جن مان هڪڙو رستو بني عمون جي گاديءَ واري شهر ربہ ڏانهن ويندڙ هجي ۽ ٻيو رستو يهوداہ جي ڪوٽ واري شهر يروشلم ڏانهن ويندڙ هجي.
21
انهيءَ کان پوءِ تون جلاوطن ڪيلن کي سمجھاءِ تہ هاڻي جڏهن بابل جو بادشاهہ تلوار سميت انهيءَ نشان ڏيکاريل ٻہ واٽي تي اچي بيهندو، تڏهن هو ڦال وجھندو تہ ڪهڙي رستي سان وڃي. ان لاءِ هو پنهنجا تير لوڏيندو، پنهنجي بتن سان صلاح مشورو ڪندو ۽ قرباني ڪيل جانورن جي جيري کي آزمائيندو.
22
پوءِ ڇا ٿيندو جو ڦال ۾ هن جي ساڄي هٿ ۾ تير ايندو جنهن تي يروشلم لاءِ نشان لکيل هوندو. تڏهن هو هڪدم اشارو ڏيندو تہ جنگ جو نعرو هنيو وڃي، يروشلم شهر جي ڀتين تائين مٽيءَ جا دِڪا ٻڌا وڃن، مورچا ٺاهيا وڃن، دروازن ڀڃڻ واريون مشينون لڳايون وڃن ۽ ماڻهن کي قتل ڪيو وڃي.
23
يروشلم وارا بابل سان کنيل قسم جي ڪري يقين نہ ڪندا تہ ڦال وجھڻ جو اهڙو نتيجو نڪرندو. پر بابل جي بادشاهہ جي تلوار کين سندن ڪيل گناهن واري راهہ ياد ڏياريندي ۽ اهي بابلين جي قبضي هيٺ اچي ويندا.
24
اي حزقيايل! تون يروشلم جي ماڻهن ۽ سندن اڳواڻن جي خلاف مون خداوند خدا جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’اوهان جي بدڪاري ثابت ٿي آهي ۽ اوهان جي خطاڪاري ظاهر ٿي پيئي آهي. ايتري قدر جو اوهين جيڪي ڪجھہ ڪريو ٿا سا بدڪاري آهي ۽ انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو تہ اوهين ڪيڏا نہ گنهگار آهيو. هائو، اوهين ڏوهاري آهيو، تنهنڪري اوهان کي قيدي بڻائي دشمنن جي حوالي ڪيو ويندو.
25
اي بڇڙا ۽ پليت اسرائيل جا بادشاهہ! تنهنجو ڏينهن، هائو، تنهنجي آخري سزا جو ڏينهن اچي پهتو آهي.
26
آءٌ خداوند خدا تو کي حڪم ٿو ڏيان تہ تون هاڻي پنهنجي شاهي پڳ ۽ تاج لاهي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ هر شيءِ بدلجي ويندي. جيڪي پست آهن تن کي بلند ڪيو ويندو ۽ جيڪي بلند آهن تن کي پست ڪيو ويندو.
27
بربادي، بربادي، هائو، آءٌ يروشلم کي برباد ڪري ڇڏيندس. پر اهو تڏهن ٿيندو جڏهن اهو شخص ايندو، جنهن کي مون سزا ڏيڻ لاءِ چونڊيو آهي. پوءِ آءٌ اهو شهر سندس حوالي ڪندس.‘“
28
خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! عمونين جيڪا بني اسرائيل جي بيعزتي ڪئي آهي، تنهن کي ننديندي کين مون خداوند جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’تلوار، هائو، تلوار مياڻ مان ڪڍي ويئي آهي. اها ڪوس لاءِ تيار آهي. انهيءَ کي چمڪائي تيار ڪيو ويو آهي تہ جيئن اها وڄ جي چمڪاٽ وانگر تيزيءَ سان قتلام ڪري.
29
اي بدڪار ۽ پليت عمونيؤ! اوهين ڪوڙيون رويائون ٻڌايو ٿا ۽ ڪوڙين اڳڪٿين تي يقين ٿا ڪريو. اوهان جي سزا جو ڏينهن اچي ويجھو پهتو آهي جڏهن منهنجي تلوار اوهان ۾ ڪوس وجھندي.‘“
30
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي تلوار! تون هاڻي پنهنجي مياڻ ۾ وڃي پئُہ. آءٌ تنهنجي ڄمڻ واري هنڌ، تنهنجي وطن ۾ ئي تو کي سزا ڏيندس.
31
آءٌ تو تي پنهنجو غضب نازل ڪندس، ۽ پنهنجي قهر جي باهہ تو تي ڀڙڪائيندس. آءٌ تو کي ظالم ماڻهن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس، جيڪي ماري چٽ ڪرڻ ۾ ماهر آهن.
32
تون باهہ جو کاڄ بڻبينءَ، ۽ تنهنجو رت تنهنجي ڌرتيءَ تي ئي وهايو ويندو. پوءِ تنهنجو نالو نشان بہ نہ رهندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
← Chapter 20
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 22 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48