bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ezekiel 5
Ezekiel 5
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 6 →
1
خداوند وڌيڪ فرمايو تہ ”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! تون هڪڙي تکي تلوار کڻ ۽ حجام جي پاڪيءَ وانگر انهيءَ سان پنهنجي مٿي ۽ ڏاڙهيءَ جا وار ڪوڙ. پوءِ انهن وارن کي تارازيءَ ۾ توري ٽي حصا ڪر.
2
انهن جو پهريون حصو گھيري جي انهن ڏينهن جي پوري ٿيڻ کان پوءِ سر تي نڪتل شهر جي نقشي جي وچ ۾ باهہ سان ساڙي ڇڏ. ٻيو حصو کڻي شهر جي چوڌاري هيڏي هوڏي پکيڙي انهن وارن کي تلوار سان ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏ. وارن جي آخري ٽئين حصي کي تون هوا ۾ پکيڙي ڇڏ، تن وارن يعني ماڻهن جو آءٌ تلوار کڻي پيڇو ڪندس.
3
انهن وارن مان ڪي ٿورا کڻي پنهنجي دامن ۾ ٻڌي ڇڏ.
4
وري انهن مان ڪجھہ وار ڪڍي باهہ ۾ اڇلائي ساڙي ڇڏ. انهن مان هڪ اهڙي باهہ نڪرندي جيڪا بني اسرائيل جي پوري قوم ۾ ڦهلجي ويندي.“
5
تڏهن خداوند خدا مون کي سمجھايو تہ ”ڏس، هيءَ نقشي واري سر اهو ئي يروشلم آهي، جنهن کي مون ٻين سمورن ملڪن ۽ قومن کان وڌيڪ رتبو عطا ڪيو.
6
پر يروشلم وارن منهنجي حڪمن ۽ منهنجي شريعت خلاف بغاوت ڪئي ۽ پاڻ کي ٻين قومن ۽ آسپاس وارن ملڪن کان وڌيڪ بدڪار ثابت ڪيو. هنن منهنجي حڪمن کي رد ڪيو ۽ منهنجي شريعت تي هلڻ کان انڪار ڪيائون.
7
تنهنڪري اي يروشلم وارؤ! ٻڌو، آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ اوهين پنهنجي آسپاس وارين قومن کان وڌيڪ فسادي ٿي ويا آهيو ۽ منهنجي حڪمن تي نہ هليا آهيو، نڪي منهنجي قاعدن قانونن تي عمل ڪيو اٿوَ، بلڪ اوهان تہ پنهنجي آسپاس وارين قومن جي قاعدن قانونن تي بہ نہ هليا آهيو.
8
تنهنڪري آءٌ خداوند خدا اوهان کي ٻڌائي ٿو ڇڏيان تہ آءٌ اوهان جي خلاف اُٿي کڙو ٿيو آهيان ۽ اوهان کي سزا ڏيندس. اوهان جي آسپاس واريون سموريون قومون اهو سڀ ڪجھہ ڏسنديون.
9
اوهان جي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن جي ڪري آءٌ باقي بچيل يروشلم وارن تي اهڙي خوفناڪ سزا آڻيندس، جيڪا مون نہ ڪڏهن اڳ آندي آهي، نہ ئي وري اڳتي ڪڏهن آڻيندس.
10
هائو، آءٌ يروشلم شهر ۾ اهڙي تہ بک وجھندس جو والدين پنهنجي ٻارن کي کائيندا ۽ ٻار پنهنجي والدين کي. جيڪي انهيءَ سزا کان بچي ويندا، تن سڀني کي آءٌ چئني طرفن ڏانهن ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس.
11
آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ جيئن تہ اوهان پنهنجي سڀني ڪراهت جهڙين شين سان ۽ پنهنجي سڀني نفرت جهڙن ڪمن سان منهنجي مقدس هيڪل جي بيحرمتي ڪئي آهي، تنهنڪري آءٌ بہ بنا ڪنهن درگذر يا رحم ڪرڻ جي اوهان کي وڍي ڪيرائي ڇڏيندس.
12
باقي بچيل يروشلم وارن جو ٽن مان هڪ حصو شهر ۾ وبا ۽ ڏڪار سبب مري کپي ويندو، ٻيو حصو شهر جي ٻاهران تلوار سان قتل ڪيو ويندو ۽ باقي ٽئين حصي کي آءٌ چئني پاسن ڏانهن ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس، ۽ تلوار کڻي انهن جو پيڇو ڪندس.
13
اهڙيءَ طرح منهنجو غضب پورو ٿيندو ۽ آءٌ پنهنجو غصو انهن تي ڇنڊيندس، پوءِ مون کي آرام ملندو. هائو، جڏهن آءٌ مٿن پنهنجو قهر پورو ڪندس، تڏهن سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ مون خداوند اهو سڀ ڪجھہ پنهنجي غيرت وچان ڪيو هو.
14
تنهن کان سواءِ آءٌ اوهان جي شهر کي ويران ڪري ڇڏيندس ۽ آسپاس واريون قومون ۽ اتان لنگھندڙ هر ماڻهو اهو ڏسي اوهان کي ملامت ڪندو.
15
اهڙيءَ طرح جڏهن آءٌ قهر ۽ غضب وچان ۽ سخت ملامت سان باقي بچيل يروشلم وارن کي سزا ڏيندس، تڏهن انهن جي آسپاس واريون سڀيئي قومون ڊڄي وينديون. اهي انهن ڏانهن ڪراهت، طعني، عبرت ۽ هيبت وچان ڏسنديون. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.
16
آءٌ باقي بچيل يروشلم وارن جو رزق بند ڪري ڇڏيندس، سو اهي بکن وگھي پيا مرندا. اهي بک جي اهڙي تڪليف محسوس ڪندا، ڄڻڪ انهن کي ناس ڪرڻ لاءِ تکا تير هلايا ويا هجن.
17
اي يروشلم شهر! آءٌ تنهنجي رهاڪن کي مارڻ لاءِ ڏڪار ۽ جھنگلي جانور موڪليندس ۽ کين ناس ڪرڻ لاءِ تو ۾ وبا، خونريزي ۽ جنگ موڪليندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 6 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48