bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ezekiel 17
Ezekiel 17
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 16
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 18 →
1
خداوند مون کي فرمايو تہ
2
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! بني اسرائيل کي هڪڙي نصيحت واري ڪهاڻي مثال طور ٻڌاءِ.
3
کين مون خداوند خدا جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ هڪڙو وڏو عقاب، جنهن کي وڏا پر ۽ ڊگھيون کنڀڙاٽيون هيون، سو پنهنجي خوبصورت کنڀن سان اڏامندو لبنان جي جبلن تي آيو، ۽ ديال جي وڻ جي چوٽيءَ واري ٽاري ڀڃي ڇڏيائين.
4
اها کڻي هو سوداگرن جي ملڪ ۾ ويو ۽ سندن هڪڙي شهر ۾ آڻي رکيائين.
5
پوءِ هن اسرائيل ملڪ مان ٻج بہ کنيو ۽ اهو آڻي جھجھي پاڻيءَ جي ڪناري واري زرخيز ٻنيءَ ۾ پوکيائين، تہ جيئن بيد جي وڻ وانگر
6
اهو ٻج اڀري. اهو هڪڙي ننڍي قد واري انگورن جي ول ٿي پيو. پوءِ انهيءَ ول پنهنجيون شاخون عقاب ڏانهن وڌايون ۽ هيٺ پاڙ هنيائين. انهيءَ کي تمام گھڻيون ٽاريون ۽ پنَ هئا.
7
اتي ئي هڪڙو ٻيو وڏو عقاب پڻ رهندو هو، جنهن کي وڏا وڏا پر ۽ گھڻا کنڀ هئا. هاڻي ڇا ڏسان! تہ انهيءَ انگورن جي ول پنهنجي ٻاريءَ کي ڇڏي پنهنجيون پاڙون انهيءَ عقاب ڏانهن ورايون، ۽ پنهنجيون ٽاريون انهيءَ ڏانهن وڌايائين، انهيءَ اميد سان تہ اهو ان کي وڌيڪ پاڻي مهيا ڪري.
8
پر انگورن جي اها ول اڳ ۾ ئي جھجھي پاڻيءَ جي ڀر واري زرخيز ٻنيءَ ۾ لڳائي ويئي هئي، تانتہ انهيءَ ۾ گھڻيون ٽاريون نڪرن ۽ اها جھجھو ڦر جھلي، ۽ منجھس عمدا انگور پيدا ٿين.
9
هاڻي اي حزقيايل! مون کي ٻڌاءِ تہ ڇا تون سمجھين ٿو تہ اها انگورن جي ول سرسبز رهندي؟ ڇا پهريون عقاب انهيءَ جون پاڙون پٽي ۽ انهيءَ جو ميوو وڍي نہ اڇلائيندو؟ اهو عقاب انهيءَ لاءِ ائين ڪندو تہ جيئن اها ول ڪومائجي وڃي، ۽ ان جا سڀيئي تازا نڪرندڙ پن سڪي سڙي وڃن. انهيءَ کي پاڙن کان پٽي ڪڍڻ لاءِ وڏيءَ طاقت يا گھڻن ماڻهن جي ضرورت نہ پوندي.
10
بيشڪ انهيءَ ول کي پوکيو تہ ويو آهي، پر ڇا اها سرسبز بہ رهندي؟ ڇا جھولو لڳڻ سان ئي اها بلڪل سڪي سڙي نہ ويندي؟ هائو، اها تہ پنهنجي ٻاريءَ ۾ ئي ڪومائجي ويندي.“
11
خداوند مون کي فرمايو تہ
12
”اي حزقيايل! هاڻي تون انهيءَ باغي قوم کان پڇ تہ ’ڇا اوهين انهن ڳالهين جي معنيٰ نہ ٿا سمجھو؟‘ هنن کي چئُہ تہ ’ڏسو، بابل جو بادشاهہ يروشلم تي چڙهائي ڪري آيو ۽ اتي جي بادشاهہ ۽ سندس اميرن کي گرفتار ڪري پاڻ سان گڏ بابل ڏانهن وٺي ويو.
13
هن يهوداہ جي بادشاهي گھراڻي جي هڪڙي ماڻهوءَ کي چونڊي ڪڍيو ۽ انهيءَ سان عهد اقرار ڪري کانئس وفاداريءَ جو قسم ورتائين. هو ملڪ جي وڏن اڳواڻن کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ويو.
14
انهيءَ لاءِ تہ اها بادشاهت حقير ٿي وڃي ۽ وري پنهنجو ڪنڌ مٿي کڻي نہ سگھي، پر ساڻس ڪيل عهد اقرار تي هلندي قائم رهي.
15
پر يهوداہ جي بادشاهہ ساڻس بغاوت ڪئي ۽ پنهنجا ايلچي مصر ڏانهن موڪليائين تہ هو کيس گھوڙا ۽ وڏو لشڪر ڏياري موڪلي. ڇا اهو بادشاهہ ڪامياب ٿيندو؟ ڇا هو اهڙا ڪم ڪري بابل جي بادشاهہ کان بچي ويندو؟ ڇا هو عهد اقرار ٽوڙي سزا کان بچي سگھندو؟
16
آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ يقيناً جنهن بادشاهہ انهيءَ کي يهوداہ جو بادشاهہ بڻايو ۽ جنهن جي قسم کي هن حقير ڄاتو ۽ سندس عهد اقرار کي هن ٽوڙيو، تنهن جي ملڪ بابل ۾ ئي هو مرندو.
17
پر جڏهن بابل وارا يهوداہ جي شهرن تي حملو ڪندي مٽيءَ جا دِڪا ٺاهيندا ۽ مورچا اڏيندا، انهيءَ لاءِ تہ يهوداہ جي ماڻهن کي ماري ڇڏين، تڏهن فرعون پنهنجي وڏي لشڪر ۽ ماڻهن جي وڏي انبوہ هوندي بہ جنگ ۾ يهوداہ جي مدد ڪري نہ سگھندو.
18
جيئن تہ يهوداہ جي بادشاهہ پاڻ قسم کي حقير ڄاتو ۽ عهد اقرار ٽوڙيو، تنهنڪري هو سزا کان بچي ڪين سگھندو.
19
تنهنڪري آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ جيئن تہ هن منهنجو نالو وٺي قسم کنيو هو ۽ عهد اقرار ڪيو هئائين. پر هاڻي جڏهن هن اهو قسم ٽوڙي منهنجي نالي کي حقير ڄاتو آهي سو آءٌ هن کي سندس ڪيل ڪم جي سزا ضرور ڏيندس.
20
آءٌ پنهنجو ڄار مٿس اڇلائي کيس ڦندي ۾ ڦاسائيندس. آءٌ کيس گهلي بابل ۾ وٺي ايندس ۽ اتي سزا ڏيندومانس، ڇاڪاڻ تہ هن مون سان بيوفائي ڪئي.
21
هن جا بهترين سپاهي جنگ ۾ مارجي ويندا ۽ باقي بچي ويل چئني طرفن ڏانهن ٽڙي پکڙي ڀڄي ويندا. تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ اهو مون خداوند جو ئي فرمان آهي.‘“
22
خداوند خدا فرمائي ٿو تہ ”آءٌ ڪنهن ڏينهن ڊگھي ديال جي وڻ جي مٿاهين چوٽيءَ مان هڪ ٽاري وڍي کڻندس. هائو، انهيءَ وڻ جي چوٽيءَ وارين ننڍين ٽارين مان آءٌ هڪڙي سنهڙي ٽاري وڍي انهيءَ جبل تي پوکيندس،
23
جيڪو بني اسرائيل جي ملڪ جو مٿاهون ۽ بلند جبل آهي. اها ٽاري شاخون ڪڍندي ۽ ڦر جھليندي ۽ ديال جو هڪ عاليشان وڻ ٿي پوندي. انهيءَ ۾ هر قسم جا پکي اچي رهندا ۽ ان جي ٽارين جي ڇانوَ ۾ پناهہ وٺندا.
24
ٻيلي جا سڀ وڻ ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان. آءٌ ئي آهيان جيڪو بلند وڻن کي هيٺ ڪيرائي ٿو ڇڏيان ۽ ننڍن وڻن کي وڌائي وڏو ٿو ڪريان. آءٌ ئي آهيان جيڪو سائي وڻ کي سڪائي ٿو ڇڏيان ۽ سڪل وڻ کي سائو ڪري ٿو ڇڏيان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي، ۽ اهو سڀ ڪجھہ آءٌ ئي ڪري ڏيکاريندس.“
← Chapter 16
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 18 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48