bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ezekiel 28
Ezekiel 28
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 27
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 29 →
1
خداوند مون کي فرمايو تہ
2
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! صور جي بادشاهہ کي مون خداوند خدا جو هيءُ پيغام ٻڌاءِ تہ ’جيئن تہ تنهنجي دل تڪبر سان ڀرجي ويئي آهي، تڏهن ئي تو چيو آهي تہ ”آءٌ خدا آهيان ۽ سمنڊ جي وچ ۾ پنهنجي خدائي تخت تي ويٺو آهيان.“ هائو، تون پنهنجيءَ دل ۾ پاڻ کي خدا ٿو سمجھين، جڏهن تہ تون خدا نہ پر رڳو فاني انسان آهين.
3
تون سمجھين ٿو تہ تون دانيال کان بہ وڌيڪ داناءُ آهين، ۽ اهڙو ڪوبہ ڳجھہ ناهي جيڪو تو کان لڪل هجي.
4
تو پنهنجيءَ ڏاهپ ۽ سمجھہ سان ئي پنهنجي لاءِ مال ملڪيت هٿ ڪيو آهي، ۽ سون ۽ چانديءَ سان پنهنجا خزانا ڀري ڇڏيا اٿيئي.
5
وڏيءَ ڏاهپ سان واپار ڪندي تو پنهنجي دولت کي وڌايو آهي. تنهنجي انهيءَ دولت جي ڪري تنهنجيءَ دل ۾ ڪيڏو نہ تڪبر اچي ويو آهي!
6
انهيءَ ڪري آءٌ خداوند خدا تو بابت چوان ٿو تہ جيئن تہ تون پنهنجيءَ دل ۾ پاڻ کي خدا ٿو سمجھين،
7
سو ياد رک، آءٌ تو تي اهڙا ڌاريا ماڻهو چاڙهي آڻيندس، جيڪي قومن ۾ نهايت هيبتناڪ آهن. هو تنهنجو هنرمنديءَ واري واپار سان اڏيل شاندار شهر تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيندا.
8
اتي ئي سمنڊ جي وچ ۾، اهي تو کي تلوار سان ماري پاتال ۾ غرق ڪري ڇڏيندا.
9
جڏهن تنهنجا قاتل تو آڏو اچي بيهندا تہ پوءِ تون اڃا پاڻ کي خدا سڏائيندين؟ جڏهن تہ تنهنجا قاتل ڄاڻن ٿا تہ تون خدا نہ بلڪ رڳو هڪڙو فاني انسان آهين.
10
تون ڌارين ماڻهن جي هٿان ڪتي جي موت مرندين، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند خدا جو تو لاءِ اهو ئي فرمان آهي.‘“
11
خداوند وڌيڪ مون کي فرمايو تہ
12
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! صور جي بادشاهہ لاءِ هي مرثيو ڳاءِ. هائو، چوينس تہ هن لاءِ آءٌ خداوند خدا هيئن ٿو چوان تہ ’اي صور جا بادشاهہ! تون ڪڏهن ڪماليت ۾ يڪتا ۽ حسن ۾ ڪامل هئين،
13
تون منهنجي باغِ عدن ۾ رهندو هئين. هر قسم جا قيمتي پٿر تنهنجي پوشاڪ جي زينت لاءِ، يعني لعل، پکراج ۽ هيرا، فيروزا، سليماني پٿر ۽ زبرجد، نيلم، زمرد ۽ شبچراغ چونڊيا ويا هئا. انهن سڀني کي سون ۾ ٻڙي جيان جڙي ٺاهي تنهنجي پيدائش واري ڏينهن ئي تيار ڪيا ويا هئا.
14
مون تو کي پنهنجي پاڪ جبل تي، چونڊيل پردار آسماني مخلوق جي حفاظت ۾ رکيو، جتي تون آتشي پٿرن جي وچ ۾ گھمندو هئين.
15
بيشڪ تون پنهنجي پيدائش جي ڏينهن کان ئي منهنجو مڪمل فرمانبردار هئين، پر بعد ۾ تو بدڪاريءَ وارا ڪم ڪرڻ شروع ڪيا.
16
تون ٻين قومن سان گھڻو واپار ڪندي ظلم سان ڀرجي ويو آهين. هائو، ظلم ۽ بدڪاريءَ سان ڀرجي تو گناهہ ڪري وڌو. سو مون تو کي پليت ڄاڻي پنهنجي جبل تان اڇلائي ڇڏيو، ۽ جيڪا پردار آسماني مخلوق تنهنجي حفاظت ڪندي هئي، تنهن تو کي ڀڄائي آتشي پٿرن کان دور ڪري ڇڏيو.
17
تون پنهنجي حسن جي ڪري ئي مغرور ٿي وئين. هائو، تنهنجي سونهن تنهنجي ڏاهپ کي بگاڙي ڇڏيو. تنهنڪري ئي مون تو کي ڌرتيءَ تي اڇلائي ڇڏيو، ۽ ٻين بادشاهن جي آڏو تو کي ذليل وَ خوار ڪيو اٿم.
18
تو پنهنجي گھڻي بدڪاريءَ ۽ واپار ۾ بيايمانيءَ جي ڪري، پنهنجي مذهبي پاڪ جاين کي بہ پليت ڪري ڇڏيو آهي. تنهنڪري مون تنهنجي شهر کي باهہ ڏيئي ساڙي رک ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي جتي تنهنجو شهر اڏيل هو، تتي هر ڪنهن کي رڳو رک ئي رک ڏسڻ ۾ ٿي اچي.
19
ٻين قومن مان جيڪي ماڻهو تو کي سڃاڻين ٿا، سي تنهنجو اهو حال ڏسي دهلجي ويا آهن. تون ٻين لاءِ عبرت جو نشان بڻجي ويو آهين، ۽ وري ابد تائين نابود ئي رهندين.‘“
20
خداوند وري مون کي فرمايو تہ
21
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! صيدا شهر ڏانهن پنهنجو رخ ڪري ان جي خلاف اڳڪٿي ڪر.
22
تون شهر جي رهاڪن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي صيدا وارؤ! آءٌ اوهان جي خلاف آهيان. آءٌ اوهان کي سزا ڏيئي پنهنجو جلال ۽ پاڪيزگي ظاهر ڪندس. هائو، ان وقت ماڻهو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.
23
آءٌ اوهان جي شهر ۾ وبا موڪليندس. آءٌ هڪ قاتل لشڪر پڻ آڻيندس، جيڪو شهر ۾ هر طرف کان حملا ڪندي گھٽين ۾ خونريزي ڪندو. تڏهن هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“
24
خداوند فرمايو تہ ”جڏهن اهي اڳڪٿيون پوريون ٿينديون، تڏهن هي قومون جيڪي بني اسرائيل جي آسپاس آهن ۽ جيڪي کانئن حقارت ٿا ڪن، سي وري ڪڏهن بہ بني اسرائيل لاءِ چڀندڙ ڪنڊو يا ايذائيندڙ ڪانڊيرو ڪونہ رهنديون. پوءِ هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ خداوند خدا آءٌ ئي آهيان.“
25
خداوند خدا وڌيڪ فرمايو تہ ”جن قومن ۾ بني اسرائيل ڪڻو ڪڻو ٿي ويا آهن، تن مان جڏهن آءٌ کين آڻي گڏ ڪندس، تڏهن آءٌ قومن جي روبرو هنن کان پنهنجي پاڪيزگي ظاهر ڪرائيندس. پوءِ بني اسرائيل پنهنجي انهيءَ ملڪ ۾ رهندا، جيڪو مون پنهنجي ٻانهي يعقوب کي عطا ڪيو هو.
26
انهيءَ ملڪ ۾ هو سلامتيءَ سان رهندا، گھر جوڙيندا ۽ انگورن جا باغ لڳائيندا. هائو، جڏهن آءٌ سندن آسپاس وارا سڀيئي ماڻهو جيڪي کانئن حقارت ڪندا هئا، تن کي سزا ڏيندس، تڏهن اهي امن وَ امان ۾ پيا گذاريندا. پوءِ هو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند سندن خدا آهيان.“
← Chapter 27
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 29 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48