bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ezekiel 6
Ezekiel 6
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 7 →
1
خداوند مون کي فرمايو تہ
2
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! تون پنهنجو منهن بني اسرائيل جي ملڪ جي جبلن ڏانهن ڪر ۽ انهن کي منهنجو هي پيغام ٻڌاءِ تہ
3
’اي جبل ۽ ٽڪريون! اي برساتي نهرون ۽ ماٿريون! اوهين ٻڌو. آءٌ خداوند اوهان جي خلاف ٿيڻ وارو آهيان، آءٌ اوهان جي انهن سڀني جاين کي جنگ دوران ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندس، جتي ڌارين معبودن جي پوڄا ڪئي ٿي وڃي.
4
اوهان جون قربانگاهون ڊاهيون وينديون ۽ اوهان جون لوبان ساڙڻ واريون قربانگاهون پڻ ڀورا ڀورا ڪيون وينديون. آءٌ بتن جي پوڄا ڪرڻ وارن سڀني کي سندن بتن جي اڳيان ماري اڇلائي ڇڏيندس.
5
هائو، آءٌ اوهان جي رهاڪن جا لاش سندن بتن اڳيان اڇلائي ڇڏيندس ۽ انهن جا هڏا سندن قربانگاهن جي چوڌاري پکيڙي ڇڏيندس.
6
آءٌ بني اسرائيل جي سڀني شهرن ۽ ٽڪرن تي ٺهيل سندن پوڄا گھرن کي ويران ڪري ڇڏيندس. هائو، نہ رڳو سندن بت، قربانگاهون ۽ لوبان ساڙڻ واريون قربانگاهون، بلڪ هنن جي ٺاهيل هر شيءِ کي آءٌ تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيندس.
7
سڄي ملڪ ۾ جتي ڪٿي ماڻهو قتل ڪيا ويندا ۽ جيڪي باقي بچندا سي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.
8
تنهن هوندي بہ آءٌ انهن مان ڪجھہ ماڻهن کي قتل ٿيڻ کان بچائيندس ۽ کين ٻين قومن ۽ ملڪن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندس،
9
جتي اهي جلاوطن ٿي رهندا. پوءِ جڏهن هو منهنجي باري ۾ سوچيندا تہ محسوس ڪندا تہ هنن مون سان بيوفائي ڪندي ۽ بتن جي پوڄا ڪندي منهنجي بيحرمتي ڪئي آهي. تڏهن اهي پنهنجي ڪيل ڪراهت جهڙن ڪمن سبب پاڻ کان نفرت ڪرڻ لڳندا.
10
هو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان، ۽ مون کين جيڪي تنبيهون ڪيون هيون سي خالي دڙڪا نہ هئا.‘“
11
پوءِ خداوند خدا فرمايو تہ ”اي حزقيايل! پنهنجي هٿ تي هٿ هڻ ۽ پنهنجو پير زمين تي هڻ، ۽ شوڪارو ڀري چئُہ تہ ’افسوس آهي بني اسرائيل تي جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم ڪن ٿا، ڇاڪاڻ تہ اهي سڀ جنگ، ڏڪار ۽ موتمار بيماريءَ سان ماريا ويندا.‘
12
بيشڪ جيڪي پري آهن سي وبا سان ماريا ويندا ۽ جيڪي ويجھو آهن سي جنگ ۾ ماريا ويندا. باقي جيڪي بچندا سي ڏڪار سان ماريا ويندا. اهڙيءَ طرح آءٌ پنهنجو غضب انهن تي پورو ڪندس.
13
پوءِ انهن ماڻهن جا لاش هر انهيءَ جاءِ تي پيا هوندا جتي هو پنهنجي بتن لاءِ خوشبودار نذرانا پيش ڪندا هئا. هائو، اهي اتي سندن قربانگاهن جي چوڌاري توڙي سندن بتن جي وچ ۾ پيا هوندا، يعني سندن سڀني ٽڪرين تي ٺهيل پوڄا گھرن ۾، سڀني جبلن جي چوٽين تي، هر سائي وڻ ۽ شاهہبلوط جي وڻ هيٺ. تڏهن سڄي بني اسرائيل قوم ڄاڻي وٺندي تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.
14
هائو، آءٌ هنن تي پنهنجو هٿ کڻندس، ۽ ڏکڻ ۾ بيابان کان وٺي اتر ۾ دبلا شهر تائين سندن سڀني رهڻ وارن هنڌن کي ويران ۽ غيرآباد ڪري ڇڏيندس. پوءِ هو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 7 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48