bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ezekiel 32
Ezekiel 32
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 31
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 33 →
1
جلاوطنيءَ جي ٻارهين سال، ٻارهين مهيني جي پهرين تاريخ تي خداوند مون کي فرمايو تہ
2
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! مصر جي بادشاهہ لاءِ تون هي مرثيو پڙهندي منهنجي طرفان کيس پيغام ڏي تہ ’اي فرعون! تون پنهنجو پاڻ کي قومن منجھہ هڪڙي شينهن مثل ٿو سمجھين، پر تون نيل نديءَ جي هڪڙي اجگر بلا مثل آهين، جيڪا ندين ۾ پيئي ٿاڦوڙا هڻي. تون ندين جي پاڻيءَ کي پيرن سان ولوڙي ميرو ٿو ڪرين.
3
سو ٻڌي ڇڏ تہ آءٌ خداوند خدا تو تي پنهنجو ڄار اڇلائي تو کي ڦاسائيندس. پوءِ ٻين قومن هٿان تو کي گهلائي ڪناري تي ڪڍي آڻيندس.
4
آءٌ تو کي خشڪيءَ تي آڻي مارائي ڇڏيندس، ۽ تنهنجو لاش کُليل ميدان تي اڇلائي ڇڏيندس. پوءِ آءٌ سڀيئي پکي ۽ جانور تو تي ڇڏيندس، جيڪي سڀ تنهنجو ماس کائي ڍءُ ڪندا.
5
آءٌ تنهنجي باقي بچيل ڳريل سڙيل ڍونڍ سان جبلن ۽ ماٿرين کي ڀري ڇڏيندس.
6
تنهنجي ملڪ جي سڄي ڌرتيءَ کي ويندي جبلن تائين آءٌ تنهنجي رت جو ريج ڏيئي ڇڏيندس، ۽ ان جون سڀ نهرون تنهنجي خون سان ڀريل پيون وهنديون.
7
جڏهن آءٌ تو کي نابود ڪندس، تڏهن آسمان کي ڪڪرن سان ڍڪي ڇڏيندس. هائو، آءٌ تارن جي روشنيءَ کي ڍڪي ڇڏيندس، سج بہ ڪڪرن سان ڍڪجي ويندو، ۽ ڏسندي ڏسندي چنڊ جي روشنائي بہ نظر نہ ايندي.
8
آءٌ آسمان جي سڀني چمڪندڙ تارن کي تو مٿان اونداهو ڪري ڇڏيندس. هائو، آءٌ تنهنجي ملڪ تي اونداهي آڻيندس. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.
9
جڏهن آءٌ تنهنجي برباديءَ جو تنهنجي اڻڏٺل ملڪن ۾ اعلان ڪرائيندس، تڏهن تنهنجو حال ٻڌي گھڻين قومن کي هيبت وٺي ويندي.
10
جڏهن آءٌ انهن جي آڏو تو تي پنهنجي تلوار چمڪائيندس، تڏهن گھڻيون ئي قومون تو تي حيران ٿي وينديون، بلڪ سندن بادشاهن جي بہ لونءَ ڪانڊارجي ويندي. هائو، اهي تنهنجي ڪِرڻ واري ڏينهن تي هر گھڙيءَ پيا ڏڪندا ۽ ڪنبندا، متان انهن کي بہ نہ قتل ڪيو وڃي.
11
اي مصر جا بادشاهہ! هن پيغام جو مطلب سمجھي وٺ. آءٌ خداوند خدا بابل جي بادشاهہ کي تو مٿان چاڙهي آڻيندس.
12
آءٌ تنهنجي لشڪر کي اهڙن زورآورن جي هٿان مارائيندس، جيڪي سڀني قومن کان وڌيڪ هيبتناڪ آهن. اهي تنهنجي ملڪ جي مغروريءَ کي ٽوڙي ڇڏيندا، ۽ تنهنجي لشڪر کي نيست وَ نابود ڪري ڇڏيندا.
13
آءٌ تنهنجي نهرن جي ڀرسان چرندڙ ڍورن ڍڳن کي ڪهائي ڇڏيندس. پوءِ نہ ڪنهن انسان جو پير، ۽ نہ وري ڪنهن جانور جو کُر پاڻيءَ کي ميرو ڪندو.
14
تڏهن نهرن جو پاڻي صاف ٿي ويندو، ۽ درياءَ ماٺا ٿي وهندا. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.
15
جڏهن آءٌ مصر کي ويران ۽ سنسان ڪندس، ۽ اتي رهڻ وارن کي فنا ڪري ڇڏيندس، تڏهن هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.
16
اهو ئي مرثيو آهي جنهن سان ماتم ڪيو ويندو. هائو، ٻين قومن جون عورتون مصر، توڙي ان جي سڀني رهاڪن جي موت تي اهو مرثيو چوندي ماتم ڪنديون. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.‘“
17
جلاوطنيءَ جي ٻارهين سال، پهرئين مهيني جي پندرهين تاريخ تي خداوند مون کي فرمايو تہ
18
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! تون مصر وارن لاءِ واءِويلا ڪر، ڇاڪاڻ تہ آءٌ انهيءَ پيغام وسيلي کين طاقتور ماڻهن سان گڏ ماري پاتال ۾ اڇلائيندس جتي هو مئلن سان گڏ هوندا.
19
تون کين چئُہ تہ ’اي پاڻ کي ٻين کان وڌيڪ حسين سمجھندڙ مصر وارؤ! اوهين هاڻي پاتال ۾ اڻطهريلن سان گڏ وڃي پوندا.
20
اهو طئي ٿيل آهي تہ اوهان کي بہ ٻين قتل ٿيلن وانگر جنگ ۾ قتل ڪيو ويندو. اوهان سڀني کي قتل ڪرڻ جي لاءِ تلوار تيار آهي.
21
بهادر فوجي سالار ۽ اوهان جون اتحادي قومون جيڪي اڳي جنگ ۾ مارجي وڃي پاتال ۾ پيون آهن، سي اوهان جو وڏو آڌرڀاءُ ڪري چونديون تہ ”واہ واہ! هي بہ اڻطهريلن ۽ قتل ٿي ويلن سان گڏ اچي پاتال ۾ پيا آهن.“‘
22
اشور جو بادشاهہ بہ اتي پاتال ۾ آهي ۽ سندس سپاهين جون قبرون انهيءَ جي چوڌاري آهن. اهي ڪڏهن تہ جيئرن جي دنيا ۾ دهشت ڦهلائي ڇڏيندا هئا، پر هاڻي اهي سڀ پاڻ جنگ ۾ مارجي ويا آهن ۽ پاتال جي تري ۾ وڃي پيا آهن.
24
عيلام جو بادشاهہ بہ اتي آهي ۽ سندس سپاهين جون قبرون بہ انهيءَ جي چوڌاري آهن. اهي پنهنجي دشمنن ۾ دهشت ڦهلائي ڇڏيندا هئا. پر هاڻي اهي اڻطهريل جي حالت ۾ پاتال جي تري ۾ وڃي پيا آهن ۽ جنگ ۾ قتل ٿي ويلن سان گڏ ذليل وَ خوار آهن.
26
مسڪتوبل جو بادشاهہ بہ اتي آهي ۽ سندس سپاهين جون قبرون بہ سندس چوڌاري آهن. اهي سڀيئي اڻطهريل دنيا ۾ دهشت ڦهلائيندا هئا، پر هاڻي جنگ ۾ مارجي وڃي پاتال ۾ پيا آهن.
27
هنن کي پراڻي زماني جي بهادرن وانگر عزت ۽ احترام سان نہ دفنايو ويو. انهن بهادرن کي سندن جنگي هٿيارن سان دفنايو ويندو هو. سندن تلوارون سندن مٿن هيٺان ۽ ڍالون سندن سيني مٿان رکيون وينديون هيون، ڇاڪاڻ تہ اهي دنيا ۾ پنهنجي بهادريءَ سبب دهشت جو باعث هئا.
28
سو مصرين کي بہ چٿيو ويندو ۽ انهن کي بہ جنگ ۾ ماريل ٻين اڻطهريلن سان گڏ پاتال جي تري ۾ وڌو ويندو.
29
ادوم جا بادشاهہ ۽ امير بہ ٻين قتل ٿيلن وانگر اتي پاتال ۾ وڌا ويندا. اهي طاقتور هئڻ جي باوجود جنگ ۾ ماريا ويندا ۽ ٻين اڻطهريلن سان گڏ هوندا.
30
اتر جا سڀيئي حاڪم توڙي سڀيئي صيدوني پڻ پاتال ۾ وڌا ويندا. ڏهڪاءُ وجھندڙ هئڻ جي باوجود اهي اڻطهريل بہ اتي وڃي پوندا. هو ٻين جنگ ۾ مارجي ويلن سان گڏ ذليل وَ خوار هوندا.
31
جڏهن مصر جو بادشاهہ فرعون پاتال ۾ انهن سڀني کي اتي پوندي ڏسندو، تڏهن کيس پنهنجي ۽ پنهنجي لشڪر جي باري ۾ اها تسلي ٿيندي تہ نہ رڳو اهي ئي جنگ ۾ قتل ٿي وڃي پاتال ۾ پيا آهن، پر ٻين سان بہ ائين ئي ٿيو آهي.
32
ڪنهن زماني ۾ مون خداوند ئي فرعون جي هٿان سڄي جهان جي ماڻهن ۾ ڏهڪاءُ وڌو هو. پر هاڻي هو ۽ سندس لشڪر وارا قتل ڪيا ويندا ۽ کين اڻطهريلن ۽ ٻين جنگ ۾ مارجي ويلن سان گڏ پاتال ۾ وڌو ويندو. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“
← Chapter 31
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 33 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48