bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ezekiel 34
Ezekiel 34
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 33
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 35 →
1
خداوند مون کي فرمايو تہ
2
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! بني اسرائيل جي اڳواڻن جي خلاف اڳڪٿي ڪر. کين مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي اڳواڻؤ! ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي بني اسرائيل لاءِ ڌنار مثل آهيو. اوهين رڳو پنهنجا پيٽ ٿا پاليو، جڏهن تہ ڌنارن جو ڪم رڍن ٻڪرين جو پيٽ پالڻ ۽ سنڀال ڪرڻ آهي.
3
اوهين رڍن ٻڪرين جو کير تہ پيئو ٿا، انهن جي اُن مان پنهنجا ڪپڙا تہ ٺاهيو ٿا ۽ انهن مان ٿلهيون متاريون رڍون ٻڪريون کائڻ لاءِ تہ ڪُهو ٿا. پر ڌڻ جي سنڀال نہ ٿا ڪريو.
4
اوهان ڪڏهن بہ ضعيفن کي طاقت نہ ڏني آهي، نڪي بيمارن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو اٿوَ، نہ وري ڀڳل عضون کي ٻڌي سڄو ڪيو اٿوَ. اوهان ڀٽڪي ويلن کي موٽائي نہ آندو آهي، نڪي گم ٿي ويلن کي ڳولي لڌو اٿوَ، بلڪ اوهان تہ زور ۽ زبردستيءَ سان مٿن حڪم پئي هلايو آهي.
5
جيئن تہ رڍن ٻڪرين جي سار سنڀال لهڻ وارو ڪوبہ ڌنار ڪونہ هو، تنهنڪري اهي چئني طرفن ڏانهن ٽڙي پکڙي ويون ۽ جھنگلي جانورن انهن کي ماري پنهنجو کاڄ بڻائي ڇڏيو.
6
سو منهنجيون رڍون ٻڪريون هر پهاڙ ۽ اوچي ٽڪر تي رلنديون رهيون. هائو، منهنجيون رڍون ٻڪريون سڄيءَ دنيا ۾ ڪڻو ڪڻو ٿي ويون. مگر اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو جيڪو انهن کي ڳولي يا پٺيان پئي کين هٿ ڪري.
7
تنهنڪري هاڻي اي بني اسرائيل جا اڳواڻؤ! ٻڌو تہ آءٌ خداوند خدا اوهان جي لاءِ ڇا ٿو چوان.
8
منهنجيون رڍون ٻڪريون شڪار ٿي ويون آهن ۽ سڀني جھنگلي جانورن جي خوراڪ بڻيون آهن، ڇو تہ اوهان مان ڪوبہ انهن جي سار سنڀال لهڻ وارو ڪونهي، نڪي ڪو گم ٿيل رڍن ٻڪرين کي ڳولي ٿو. اوهان منهنجي رڍن ٻڪرين کي چارڻ بدران پنهنجا ڍڍ پئي ڀريا آهن. سو اي اوهين! جن کي ڌنار جي ذميواري ڏني ويئي هئي، تن کي آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ
10
ياد رکو، هاڻي آءٌ اوهان جي خلاف آهيان. آءٌ اوهان کان حساب وٺندس ۽ پنهنجيون رڍون ٻڪريون ڇڪي موٽائيندس ۽ وري ڪڏهن بہ اوهان کي انهن جو ڌنار ٿيڻ نہ ڏيندس، نڪي اوهين اڳتي انهن مان پنهنجا ڍڍ ڀريندا. هائو، آءٌ اوهان کان پنهنجو ڌڻ ڇڏائي وٺندس، انهيءَ لاءِ تہ اڳتي اهي اوهان جي خوراڪ نہ بڻجن. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.‘“
11
خداوند خدا وڌيڪ فرمايو تہ ”آءٌ پاڻ پنهنجي رڍن ٻڪرين کي ڳولي لهندس ۽ پاڻ انهن جي سار سنڀال ڪندس.
12
هائو، آءٌ بلڪل اهڙيءَ طرح سندن سار سنڀال لهندس جيئن ڪو ڌنار پنهنجي ٽڙي پکڙي ويل رڍن ٻڪرين کي وري آڻي گڏ ڪندو آهي. آءٌ پنهنجي رڍن ٻڪرين کي انهن سڀني جاين تان آڻي وري گڏ ڪندس، جن جاين ڏانهن اهي اونداهي ۽ مصيبت واري ڏينهن ڇڙوڇڙ ٿي ويون هيون.
13
آءٌ انهن کي غير قومن ۽ ٻين ملڪن مان ڪڍي آڻي سندن وطن ۾ آباد ڪندس. آءٌ انهن جو ڌنار ٿيندس ۽ کين سندن ملڪ جي جابلو علائقن ۾، ندين وٽ، ۽ سڀني سرسبز چراگاهن ۾ چاريندس.
14
هائو، آءٌ انهن کي سٺن چراگاهن ۾ چاريندس. انهن جو واڙو سندن ملڪ جي مٿاهن جبلن تي هوندو، جتي اهي سرسبز چراگاهن ۾ سائي گاهہ تي آرام سان پيون چرنديون.
15
آءٌ خداوند خدا پاڻ پنهنجين رڍن ٻڪرين جو ڌنار ٿيندس ۽ کين سلامتيءَ واريءَ جاءِ ۾ رکندس.
16
آءٌ پنهنجي گم ٿي ويل رڍن ٻڪرين کي ڳولي لهندس ۽ ڌڻ مان نڪري ويلن کي موٽائي آڻيندس. آءٌ عضوي ڀڳل رڍن ٻڪرين جا عضوا ٻڌي ٺيڪ ڪندس، ۽ بيمارن ۽ ڪمزورن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندس. مگر جيڪي ٻين جي حصي جو گاهہ کائي ٿلهيون متاريون ۽ زورآور ٿيون هونديون تن کي ڪُهي ڇڏيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ سدائين انصاف ڪندڙ آهيان.
17
سو هاڻي اي منهنجا ڌڻ! جيڪو بہ تڪرار تو منجھہ رڍن ٻڪرين ۾ ٿئي، تن جو آءٌ خداوند خدا پاڻ انصاف ڪندس. اي زورآور ۽ ٿلهي متاري رڍ ۽ ٻڪري!
18
ڇا اوهين انهيءَ ڳالهہ کي خسيس ٿيون سمجھو، جو اوهين بهترين چراگاهہ مان گاهہ چرو ٿيون ۽ ڍءُ ڪرڻ بعد باقي گاهہ کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙي خراب ٿيون ڪريو؟ اوهين پاڻ تہ صاف پاڻي پي ڍءُ ٿيون ڪريو ۽ باقي بچيل پاڻيءَ کي پنهنجي پيرن سان لتاڙي خراب ڪري ٿيون ڇڏيو؟
19
ڏسو، منهنجي ٻين رڍن ٻڪرين کي اوهان جو لتاڙيل گاهہ کائڻو ٿو پوي ۽ اوهان جو پيرن سان ڪنو ڪيل پاڻي پيئڻو ٿو پوي.
20
تنهنڪري آءٌ خداوند خدا، هائو، آءٌ ئي اوهان ٿلهين متارين زورآور ۽ ڏٻرين رڍن ٻڪرين جي وچ ۾ انصاف ڪندس.
21
جيئن تہ اوهين سڀيئي ڪمزورن کي پاسا ۽ ڪلها هڻي ڌڪا ٿيون ڏيو ۽ سڀني بيمارن کي پنهنجا سڱ هڻي پري پري تائين ڀڄائي ٿيون ڪڍو.
22
پر آءٌ پنهنجي ڌڻ کي بچائيندس ۽ انهن کي اڳتي شڪار ٿيڻ نہ ڏيندس. آءٌ پنهنجي رڍن ٻڪرين جي هر هڪ تڪرار کي انصاف سان نبيريندس.
23
آءٌ پنهنجي ٻانهي دائود جي گھراڻي مان هڪڙو ڌنار اوهان تي مقرر ڪندس، جيڪو منهنجي ڌڻ جي چڱيءَ طرح سار سنڀال ڪندو.
24
اهو ئي اوهان جو حاڪم هوندو ۽ آءٌ خداوند ئي اوهان جو خدا هوندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
25
خداوند وڌيڪ فرمايو تہ ”بني اسرائيل منهنجيون رڍون ٻڪريون آهن ۽ آءٌ قسم کڻي ساڻن واعدو ٿو ڪريان تہ اهي پنهنجي ملڪ ۾ امن وَ سلامتيءَ سان زندگي گذاريندا. آءٌ بيابان ۽ ٻيلي مان هر جھنگلي جانور کي ختم ڪري ڇڏيندس، سو منهنجيون اهي رڍون ٻڪريون بيخوف ٿي سلامتيءَ سان پيون رهنديون.
26
آءٌ مندائتو مينهن موڪلي پنهنجي پاڪ جبل جي چوڌاري زمين بلڪ سڀني جاين کي پنهنجي برڪتن سان نوازيندس. هائو، زمين تي برڪتون ئي برڪتون ٿي وينديون.
27
پوءِ وڻن ۾ ميوو ٿيندو ۽ ٻنين ۾ فصل ٿيندا. آءٌ بني اسرائيل کي غلاميءَ جي پاڃاريءَ مان آزاد ڪندس ۽ جيڪي هنن کان خدمت چاڪري وٺندا هئا، تن جي هٿان کين ڇڏائي سندن وطن ۾ امن وَ سلامتيءَ سان رهائيندس. تڏهن هو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.
28
پوءِ جھنگلي جانور وري منهنجي ڌڻ کي ماري نہ کائيندا. هائو، اڳتي اهي غير قومون ڪڏهن بہ منهنجي قوم کي پنهنجو شڪار نہ بڻائينديون، بلڪ هو امن وَ سلامتيءَ سان گذاريندا ۽ ڪوبہ کين نہ ڊيڄاريندو.
29
آءٌ سندن ٻنين ۾ تمام جھجھا فصل اپائيندس، تنهنڪري هو وري ڪڏهن بہ ڏڪار سبب نہ مرندا ۽ نہ وري غير قومن جا ڪي طعنا سهندا.
30
پوءِ هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ بني اسرائيل منهنجي قوم آهي ۽ آءٌ خداوند ئي سندس خدا ۽ حفاظت ڪرڻ وارو آهيان. اهو منهنجو واعدو آهي.
31
هائو، اهي انسان ئي منهنجو ڌڻ آهن جن جي آءٌ سار سنڀال ٿو ڪريان ۽ آءٌ ئي سندن خدا آهيان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
← Chapter 33
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 35 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48