bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ezekiel 37
Ezekiel 37
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 36
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 38 →
1
هڪڙي دفعي مون حزقيايل تي خداوند جي قدرت وڏي زور سان نازل ٿي. هن جي روح مون کي کڻي هڪڙي اهڙي ماٿريءَ ۾ آڻي لاٿو، جيڪا انساني هڏين سان ڀري پيئي هئي.
2
هن مون کي ماٿريءَ ۾ چوڌاري گھمايو ڦيرايو ۽ مون ڏٺو تہ هڏيون تمام گھڻيون پيون هيون ۽ اهي سڀيئي بلڪل سڪل هيون.
3
خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! انهن هڏين مان وري زندہ انسان ٺهي سگھن ٿا يا نہ؟“ مون وراڻيو تہ ”اي خداوند خدا! اهو تون ئي ڄاڻين ٿو.“
4
تڏهن هن وري مون کي فرمايو تہ ”تون انهن سڪل هڏين کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ
5
’ڏسو، اي سڪل هڏيون! آءٌ خداوند خدا اوهان ۾ ساهہ وجھندس تہ اوهين وري زندہ انسان ٿي پونديون.
6
هائو، آءٌ اوهان تي نسون لڳائي ماس چاڙهيندس ۽ اوهان کي کل سان ڍڪي ڇڏيندس. پوءِ اوهان ۾ ساهہ وجھندس تہ اوهين زندہ انسان ٿي پونديون ۽ ڄاڻي وٺنديون تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“
7
سو جيئن مون کي حڪم مليو تيئن ئي مون اهو پيغام پهچايو. اڃا آءٌ ڳالهائي ئي رهيو هئس تہ مون کي کڙڪن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. ڇا ڏسان تہ هڏين ۾ چرپر پئجي ويئي ۽ اهي هڪٻئي سان اچي ڳنڍجڻ لڳيون.
8
منهنجي ڏسندي ئي انهن تي نسون لڳي ويون، ماس چاڙهيو ويو ۽ مٿان کل ڍڪجي وينِ. پر اڃا انهن ۾ ساهہ ڪونہ پيو هو.
9
تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي حزقيايل! هاڻي هوا کي مون خداوند خدا جو هي حڪم ٻڌاءِ تہ ’اي هوا! هر طرف کان گھلندي اچ ۽ هنن قتل ٿيل لاشن ۾ ساهہ وجھہ تہ اهي وري زندہ ٿي پون.‘“
10
سو جيئن مون کي حڪم مليو هو تيئن ئي مون ڪيو. انهن لاشن ۾ ساهہ پئجي ويو ۽ اهي زندہ انسان ٿي پيا. پوءِ هو هڪڙي تمام وڏي لشڪر جي صورت ۾ پيرن ڀر اُٿي بيٺا.
11
تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! بني اسرائيل جا ماڻهو انهن مئل هڏين مثل آهن. اهي شڪايت ڪندي چون ٿا تہ ’اسان جون هڏيون سڪي ويون آهن ۽ اسان جي ڪا اميد باقي نہ رهي آهي. اسين تہ بلڪل فنا ٿي ويا آهيون.‘
12
تنهنڪري تون هنن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’ڏسو، اي منهنجي قوم وارؤ! آءٌ اوهان سان واعدو ٿو ڪريان تہ اوهان جون قبرون کوليندس ۽ انهن مان اوهان کي ٻاهر ڪڍندس. آءٌ اوهان کي موٽائي اوهان جي وطن ۾ آڻيندس.
13
اي منهنجي قوم وارؤ! جڏهن اهو سڀ ڪجھہ ٿيندو تڏهن اوهين مڃي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.
14
آءٌ پنهنجو روح اوهان ۾ وجھندس ۽ اوهين وري زندہ ٿي پوندا. آءٌ اوهان کي پنهنجي ئي وطن ۾ آباد ڪندس، تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ مون خداوند جيڪو واعدو ڪيو هو سو پورو ڪيو اٿم. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.‘“
15
خداوند مون کي فرمايو تہ
16
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! تون هڪڙي ڪاٺي کڻ ۽ انهيءَ تي هي لفظ لک ’يهوداہ جي بادشاهت.‘ پوءِ وري ٻي ڪاٺي کڻ ۽ انهيءَ تي هي لفظ لک ’ اسرائيل جي بادشاهت.‘
17
پوءِ انهن ٻنهي ڪاٺين کي هڪٻئي سان گڏي پنهنجي هٿ ۾ جھل، جيئن اهي هڪڙي ئي ڪاٺي ڏسڻ ۾ اچن.
18
جڏهن تنهنجي قوم جا ماڻهو تو کان پڇن تہ ’اسان کي ٻڌاءِ تہ انهيءَ جو ڇا مطلب آهي؟‘
19
تڏهن تون کين مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌائج تہ ’آءٌ اسرائيل جي شاهي لٺ ۽ يهوداہ جي شاهي لٺ ٻنهي کي پاڻ ۾ ملائي گڏ ڪري ڇڏيندس. آءٌ انهن ٻنهي کي پنهنجي هٿ ۾ جھليندس تہ اهي گڏجي هڪ ٿي وينديون.‘
20
تون اهي ٻئي ڪاٺيون پنهنجي هٿ ۾ اهڙيءَ طرح جھل جو اهي هر ڪنهن کي هڪ ڏسڻ ۾ اچن.
21
پوءِ انهن ماڻهن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’ڏسو، بني اسرائيل جا ماڻهو جيڪي هاڻي غير قومن جي ملڪن ۾ رهن ٿا، تن سڀني کي آءٌ اتان ڪڍي سندن وطن ۾ آڻي آباد ڪندس.
22
آءٌ انهن کي سندن ملڪ ۾، سندن ئي جبلن منجھہ گڏي هڪڙي ئي قوم بڻائيندس. انهن سڀني تي هڪڙو ئي بادشاهہ حڪومت ڪندو. پوءِ اهي وري ڪڏهن بہ ٻن قومن يا ٻن بادشاهتن جي صورت ۾ ورهائجي نہ ويندا.
23
پوءِ اهي بتن جي پوڄا، ڪراهت جهڙن ڪمن ۽ ڪنهن بہ بدڪاريءَ سان پنهنجو پاڻ کي ڪڏهن بہ پليت نہ ڪندا. آءٌ سندن گناهہ ڌوئي کين پاڪ ڪري ڇڏيندس ۽ هر انهيءَ شيءِ کان انهن کي پري رکندس، جيڪا کين پليت ڪري. اهڙيءَ طرح هو منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ سندن خدا هوندس.
24
منهنجي ٻانهي دائود جي گھراڻي مان ڪو هڪڙو سندن بادشاهہ ٿيندو، جيڪو سڀني تي چڱي ڌنار وانگر حڪمراني ڪندو. اهي منهنجي حڪمن تي هلندا ۽ منهنجي قاعدن قانونن جي تابعداري ڪندي انهن تي عمل ڪندا.
25
هو انهيءَ ملڪ ۾ آباد ٿيندا، جيڪو مون پنهنجي ٻانهي يعقوب کي عطا ڪيو هو ۽ جنهن ۾ سندن ابا ڏاڏا رهندا هئا. سو هو گھڻين ئي پيڙهين تائين انهيءَ ملڪ ۾ رهندا. منهنجي ٻانهي دائود جي گھراڻي مان بادشاهہ بہ هميشہ مٿن حڪمراني ڪندا رهندا.
26
تنهن کان سواءِ آءٌ هنن سان هميشہ واري سلامتيءَ جو عهد اقرار ڪندس. آءٌ کين انهيءَ ملڪ ۾ آباد ڪندس ۽ سندن اولاد کي گھڻو وڌائيندس ۽ پنهنجي مقدس هيڪل کي سندن ئي ملڪ ۾ هميشہ جي لاءِ قائم ڪندس.
27
سو آءٌ انهن منجھہ رهندس ۽ اهي منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ ئي سندن خدا هوندس.
28
جڏهن منهنجي مقدس هيڪل هميشہ جي لاءِ انهن جي وچ ۾ رهندي، تڏهن غير قومون ڄاڻي وٺنديون تہ مون خداوند ئي بني اسرائيل کي پنهنجي قوم ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي.‘“
← Chapter 36
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 38 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48