bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ezekiel 12
Ezekiel 12
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 11
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 13 →
1
خداوند مون کي فرمايو تہ
2
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! تون اهڙي جلاوطن ٿيل باغي قوم جي وچ ۾ ٿو رهين، جن کي اکيون تہ آهن پر اهي منهنجا ڪم ڏسن ڪونہ ٿا، کين ڪن تہ آهن پر اهي منهنجو پيغام ٻڌن ڪونہ ٿا، ڇاڪاڻ تہ اهي باغي آهن.
3
تنهنڪري اي آدمزاد! تون ڏينهن ڏٺي جو هنن جي ڏسندي جلاوطن ٿيڻ جي مثال طور پنهنجو سامان تيار ڪر ۽ هنن جي ڏسندي اتان ٻئي هنڌ هليو وڃ. تڏهن اهي باغي شايد سمجھي وٺن تہ اهو مون خداوند جو پيغام آهي.
4
هائو، تون ڏينهن ڏٺي جو هنن جي اکين اڳيان پنهنجو سامان ڪڍي ٻڌ، جيئن جلاوطنيءَ جو سامان ڪڍي ٻڌبو آهي. پوءِ شام جي وقت هنن جي ڏسندي پنهنجي گھر جي ٻاهرين ڀت ۾ سوراخ ڪري ڇڏ ۽ انهيءَ مان سامان ڪڍي ٻاهر رک. سج لهڻ کان پوءِ هنن جي ڏسندي اهو سامان پنهنجي ڪلهي تي رکي روانو ٿي وڃ. تون پنهنجو منهن ڍڪي روانو ٿيءُ، انهيءَ لاءِ تہ تون اهو شهر نہ ڏسين جنهن مان تون نڪري رهيو آهين. پوءِ جيئن شهر نيڪالي ڏنل ماڻهو روانا ٿيندا آهن تيئن ئي تون شهر مان نڪري وڃ. اهڙيءَ طرح تون جيڪي ڪجھہ ڪندين، سو بني اسرائيل لاءِ هڪڙي تنبيهہ هوندو.“
7
مون ائين ئي ڪيو، جيئن خداوند مون کي حڪم ڏنو هو. مون ڏينهن ڏٺي جو پنهنجو سامان ڪڍي ٻاهر آندو، جيئن ڪو جلاوطنيءَ وقت ڪڍندو آهي. شام جي وقت مون پنهنجي هٿن سان ڀت ۾ سوراخ ڪڍي انهيءَ مان سامان ٻاهر کڻي رکيم ۽ سج لهڻ کان پوءِ سڀني ماڻهن جي ڏسندي اهو پنهنجي ڪلهي تي رکي روانو ٿي ويس.
8
ٻئي ڏينهن صبح جو خداوند مون کي فرمايو تہ
9
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! هاڻي جڏهن تہ بني اسرائيل جا اهي باغي ماڻهو تو کان پڇي رهيا آهن تہ ’تون هي ڇا پيو ڪرين؟‘
10
تڏهن تون انهن کي چئُہ تہ ’اهو خداوند خدا جي طرفان يروشلم جي بادشاهہ ۽ اتي رهندڙ بني اسرائيل بابت هڪڙو پيغام آهي.
11
جيڪي ڪجھہ مون ڪيو آهي سو اوهان لاءِ هڪڙي نشاني آهي تہ باقي بچيل يروشلم وارن سان بہ ائين ئي ڪيو ويندو، کين شهر نيڪالي ملندي ۽ اهي پڻ جلاوطن ڪيا ويندا.
12
انهن جو بادشاهہ سج لهڻ کان پوءِ ڪلهي تي پنهنجو سامان کڻي ڀت جي انهيءَ سوراخ مان نڪري روانو ٿيندو جيڪو هن لاءِ کوٽيو ويندو. هو پنهنجو منهن ڍڪي روانو ٿيندو، انهيءَ لاءِ تہ اهو ملڪ نہ ڏسي سگھي جنهن مان هو روانو ٿي رهيو آهي.
13
خداوند هن تي پنهنجو ڄار اڇلائي انهيءَ ۾ کيس ڦاسائيندو. پوءِ هو کيس بابل شهر ڏانهن وٺي ويندو. جيتوڻيڪ هو اتي ئي مري ويندو تہ بہ هو انهيءَ شهر کي ڏسي نہ سگھندو.
14
خداوند سندس آسپاس وارن سڀني مددگارن ۽ سندس سڀني درٻارين ۽ لشڪرن کي چئني طرفن ڏانهن ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندو ۽ ماڻهو تلوار کڻي مارڻ لاءِ سندن پٺيان لڳائي ڇڏيندو.
15
جڏهن انهن کي ٻين قومن ۽ ڌارين ملڪن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪيو ويندو، تڏهن هو ڄاڻي وٺندا تہ خداوند ئي خدا آهي.
16
پر هو انهن ماڻهن مان ڪن ٿورن کي جنگ، ڏڪار ۽ وبا کان بچائي وٺندو، انهيءَ لاءِ تہ هو جن جن قومن ۾ وڃن اتي کين پنهنجي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن جو بيان ڪري ٻڌائين. تڏهن سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ خداوند ئي خدا آهي جنهن اهو سڀ ڪجھہ ڪيو آهي.‘“
17
خداوند مون کي فرمايو تہ
18
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! تون ڏڪندي ماني کاءُ ۽ ڪنبندي ۽ ڊڄندي پاڻي پيءُ.
19
تون بني اسرائيل جا ماڻهو جيڪي تو سان گڏ هتي بابل ۾ جلاوطن آهن، تن کي ٻڌائي ڇڏ تہ يروشلم جا اهي رهاڪو جيڪي اڃا تائين سندن ملڪ ۾ رهن ٿا، تن بابت آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ هو خوف ۽ دهشت ۾ کائيندا پيئندا، ڇاڪاڻ تہ سندن ملڪ پنهنجي رهاڪن جي ظلم جي بدلي لٽجي ڦرجي خالي ٿي ويندو.
20
جيڪي شهر ماڻهن سان آباد آهن سي تباهہ وَ برباد ڪيا ويندا ۽ ملڪ ويران ٿي ويندو. پوءِ سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“
21
خداوند مون کي فرمايو تہ
22
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! بني اسرائيل ڇو اها چوڻي دهرائيندا ٿا رهن تہ ’ڏينهن تہ گذرندا پيا وڃن ۽ ڪابہ اڳڪٿي پوري نہ ٿي ٿئي؟‘
23
تنهنڪري هاڻي تون انهن کي ٻڌائي ڇڏ تہ مون خداوند خدا جو فرمان آهي تہ آءٌ اها چوڻي ختم ڪرائي ڇڏيندس. اها اڳتي وري بني اسرائيل ۾ پهاڪي طور ڪم نہ ايندي. انهيءَ جي بدران تون کين چئُہ تہ ’اهي ڏينهن اچي پهتا آهن جو هر اڳڪٿي سچي ثابت ٿيندي.‘
24
هاڻي اڳتي بني اسرائيل قوم ۾ ڪابہ ڪوڙي رويا نہ ڏٺي ويندي، نڪي وري ماڻهن کي خوش ڪندڙ ڪا غيبداني ڪئي ويندي.
25
پر ڏس، آءٌ خداوند آهيان ۽ جيڪو بہ پنهنجو پيغام ڏيندس سو ضرور پورو ٿيندو. انهيءَ جي پوري ڪرڻ ۾ هاڻي ڪابہ دير نہ ٿيندي. هائو، اي باغي قوم وارؤ! جيڪو بہ پيغام آءٌ موڪليندس، تنهن تي اوهان جي ئي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ عمل ٿي ويندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
26
خداوند وري مون کي فرمايو تہ
27
”اي حزقيايل! بني اسرائيل تو کي چون ٿا تہ جيڪي رويائون ۽ پيغام تون ٻڌائين ٿو سي الائي گھڻن ڏينهن بعد، بلڪ ڪيتري عرصي کان پوءِ پورا ٿيندا.
28
تنهنڪري تون انهن کي مون خداوند جو هي پيغام ٻڌائي ڇڏ تہ منهنجي ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ هاڻي دير ڪانہ ٿيندي، بلڪ جيڪا ڳالهہ مون ڪئي آهي سا جلد پوري ٿيندي. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“
← Chapter 11
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 13 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48