bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ezekiel 4
Ezekiel 4
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 5 →
1
خداوند فرمايو تہ ”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! تون هڪڙي سر کڻ ۽ اها پنهنجي اڳيان رک، ۽ مٿس يروشلم شهر جو نقشو ڪڍ.
2
پوءِ انهيءَ شهر جي چوڌاري گھيرو ڏيکار جنهن ۾ مورچا، مٽيءَ جا دِڪا، لشڪرگاهہ جا تنبو ۽ ڀتين ڀڃڻ واريون مشينون بيهار.
3
پوءِ تون لوهہ جو هڪڙو تئو کڻ. اهو تئو پنهنجي ۽ سر تي نقش ڪيل شهر جي وچ تي لوهہ جي ديوار طور کڙو ڪر. تون پنهنجيون نظرون شهر ڏانهن کُپائج، تہ جيئن شهر گھيري هيٺ محسوس ٿئي. بيشڪ تون ئي انهيءَ کي گھيرو ڪرڻ وارو ٿيندين. اهو سڀ ڪجھہ بني اسرائيل قوم لاءِ هڪڙي تنبيهہ هوندو.
4
تنهن کان پوءِ تون پنهنجي کاٻي پاسي تي ليٽي پئج ۽ اتي ٽي سؤ نوي ڏينهن تائين بني اسرائيل جي گناهن جي سزا جي نشان طور پيو رهج. اهڙيءَ طرح تون بني اسرائيل قوم جا گناهہ ڄڻ تہ پاڻ تي کڻندين ۽ تون سندن گناهن جي سزا لاءِ هر هڪ سال جي پٺيان هڪ هڪ ڏينهن ليٽيو رهندين.
6
جڏهن تون اهي ڏينهن پورا ڪرين، تڏهن وري پنهنجي ساڄي پاسي تي ليٽي پئج ۽ يهوداہ وارن جي گناهن جي سزا جي نشان طور چاليهن ڏينهن تائين اتي پيو رهج. تون سندن گناهن جي سزا لاءِ هر هڪ سال جي پٺيان هڪ هڪ ڏينهن ليٽيو رهندين.
7
انهيءَ دوران تون پنهنجيون اکيون يروشلم جي گھيري ڏانهن کُپائج ۽ شهر مٿان پنهنجي مڪ لوڏي انهيءَ جي خلاف مون خداوند جو پيغام ٻڌائج.
8
آءٌ تو کي ٻڌي ڇڏيندس، انهيءَ لاءِ تہ تون پاسو ورائي نہ سگھين، جيستائين شهر جي گھيري جا مقرر ڏينهن پورا ٿي نہ وڃن.“
9
خداوند مون کي وڌيڪ فرمايو تہ ”هاڻي تون پنهنجي لاءِ ڪجھہ ڪڻڪ، جَوَ، چونرا، مهريءَ جي دال، ٻاجھري ۽ چيڻو کڻ. روزانو انهن سڀني جي اٽي کي ٿانوَ ۾ ملائي پنهنجي لاءِ ماني پچائج. جيترا ڏينهن تون کاٻي پاسي تي ليٽيو رهندين، يعني ٽي سؤ نوي ڏينهن اها ئي پيو کائج.
10
تو کي هر روز رڳو اڍائي سؤ گرامن جي وزن جيتري هڪڙي ماني مقرر وقت تي کائڻ جي اجازت هوندي ۽ انهيءَ کان وڌيڪ نہ کائيندين.
11
تو کي پاڻي مقرر وقت تي ماپي پيئڻو پوندو، يعني هر روز رڳو ٻہ گلاس، انهيءَ کان وڌيڪ نہ پيئندين.
12
تون ماڻهن جي سڪل ڪاڪوس جي باهہ ٻاري سڀني جي اڳيان انهيءَ تي پنهنجي کائڻ لاءِ ماني پچائيندين.
13
اهڙيءَ طرح بني اسرائيل پنهنجي ناپاڪ ماني انهن قومن جي وچ ۾ کائيندا، جن وٽ آءٌ کين هڪالي ڇڏيندس.“
14
تڏهن مون وراڻيو تہ ”نہ، اي خداوند خدا! مون ڪڏهن بہ پاڻ کي ناپاڪ ٿيڻ نہ ڏنو آهي. ننڍي هوندي کان وٺي هن وقت تائين مون ڪڏهن بہ ڪنهن مئل جانور جو گوشت نہ کاڌو آهي، پوءِ اهو پاڻيهي مئو هجي يا جانورن ان کي چيريو ڦاڙيو هجي. ڪوبہ پليت کاڌو مون هرگز نہ کاڌو آهي.“
15
تنهن تي خداوند مون کي فرمايو تہ ”ٺيڪ آهي، آءٌ تو کي انساني گندگيءَ جي بدران ڳئونءَ جي ڇيڻن مان باهہ ٻاري انهيءَ تي پنهنجي ماني پچائڻ جي اجازت ٿو ڏيان.“
16
خداوند مون کي انهيءَ مثال جي سمجھاڻي هيئن ڏني تہ ”اي آدمزاد! ڏس، آءٌ باقي بچيل يروشلم وارن کان فاقا ڪڍائيندس. هنن وٽ ايترو تہ ٿورو کاڌو ۽ ايترو تہ ٿورو پاڻي هوندو جو اهي حيران وَ پريشان ۽ نااميد ٿي ويندا.
17
انهيءَ لاءِ تہ اهي کاڌي پيتي جا محتاج بڻجي هڪٻئي ڏانهن حيراني ۽ پريشانيءَ سان ڏسن ۽ پنهنجن گناهن جي سزا ۾ آهستي آهستي ڳرندا سڙندا وڃن.“
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 5 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48