bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ezekiel 26
Ezekiel 26
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 25
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 27 →
1
اسان جي جلاوطنيءَ جي يارهين سال، مهيني جي پهرين تاريخ خداوند مون کي فرمايو تہ
2
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! ٻيٽ واري شهر صور جي ماڻهن يروشلم جي شڪست تي خوشي ملهائيندي ڳايو آهي تہ ’واہ واہ! يروشلم کي ڊاهي ڪيرايو ويو آهي! جيڪو قومن جي واپار جو مرڪز هو، سو ويران ٿي ويو آهي. هاڻي اسان جو شهر صور وڌي ويندو، ڇاڪاڻ تہ اڳتي اُنهيءَ شهر جا واپاري اسان ڏانهن ايندا.‘
3
تنهنڪري آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ ’ياد رک، اي صور شهر! آءٌ تنهنجي خلاف آهيان. آءٌ گھڻين ئي قومن کي تو تي چاڙهي آڻيندس، ۽ اهي سمنڊ جي ڇولين وانگر چڙهي تو تي حملو ڪندا.
4
اهي تنهنجا ڪوٽ ڪيرائي وجھندا، ۽ تنهنجا ٺُلهہ ڊاهي ڇڏيندا. آءٌ تنهنجو باقي بچيل ڍير بہ کڻائي ڇڏيندس، ۽ تو کي اگھاڙو ٽڪر ڪري ڇڏيندس.
5
تون سمنڊ جي وچ ۾ هڪ اهڙو ٻيٽ بڻجي ويندين، جتي مهاڻا پنهنجا ڄار سڪائيندا. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي. هائو، اي صور شهر! تو کي قومون پيون لٽينديون ڦرينديون،
6
۽ جيڪي تنهنجي سامهون سمنڊ جي ڪناري وارا ڳوٺ آهن، تن جي رهاڪن کي بہ قتل ڪيو ويندو. پوءِ تون ڄاڻي وٺندين تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘
7
آءٌ خداوند خدا صور شهر کي وڌيڪ چوان ٿو تہ ’ياد رک، آءٌ اهو شهنشاهہ، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، اتر طرفان تو تي چاڙهي آڻيندس. سندس لشڪر ۾ گھوڙا، جنگي گھوڙي گاڏيون، گھوڙي سوار، ۽ تمام گھڻا جنگي جوڌا هوندا.
8
پهريائين اهو تنهنجي آسپاس سمنڊ جي ڪناري وارن شهرن تي حملو ڪندو، ۽ اتي رهندڙ ماڻهن کي قتل ڪرائي ڇڏيندو. پوءِ اهو تنهنجي ڪوٽ وارين ڀتين آڏو، مٽيءَ جا دِڪا ٺهرائي مورچا اڏيندو، ۽ تو تي حملو ڪرڻ لاءِ پنهنجي لشڪر جون ڍالون مضبوط ڀت جيان کڙيون ڪرائيندو.
9
هو تنهنجي ڀتين کي ڀڃڻ لاءِ مشينون بيهاريندو، ۽ پهريدارن جي ٺُلهن کي لوهي سيخن سان ڊهرائي ڇڏيندو.
10
هن وٽ ايترا تہ گھڻا گھوڙا هوندا جو انهن جي سنبن مان اڏامندڙ مٽي تو کي ڍڪي ڇڏيندي. جيئن ماڻهو ڀت ڀڃي شهر ۾ گھڙندا آهن، تيئن هو تنهنجي دروازن مان اندر گھڙي ايندو، ۽ سندس گھوڙي سوارن، گاڏن ۽ جنگي گھوڙي گاڏين جي ڌڌڪي سان تنهنجيون ڀتيون لڏي وينديون.
11
هن جي لشڪر جا گھوڙا تنهنجيون سڀيئي گھٽيون لتاڙي ڇڏيندا. هن جا جنگي جوڌا تنهنجي رهاڪن کي قتل ڪري ڇڏيندا، ۽ تنهنجي مضبوط ٿنڀن کي ڊاهي ڪيرائي ڇڏيندا.
12
تنهنجا اهي دشمن تنهنجي دولت لٽيندا، ۽ واپار وارو مال ڦري کڻي ويندا. هو تنهنجيون ڀتيون ڀڃي ڇڏيندا، ۽ تنهنجا خوبصورت گھر ڊاهي ناس ڪري ڇڏيندا. پوءِ هو تنهنجو ڪاٺ توڙي پٿر، بلڪ تنهنجا ڍير ئي کڻي وڃي سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيندا.
13
آءٌ تو ۾ ڳائڻ جو آواز بند ڪرائي ڇڏيندس، ۽ تنهنجي تار وارن سازن جو آواز اڳتي وري ٻڌڻ ۾ نہ ايندو.
14
آءٌ تو کي اگھاڙو ٽڪر ڪري ڇڏيندس، جتي مهاڻا پنهنجا ڄار سڪائيندا. تو کي وري ڪڏهن بہ نہ اڏيو ويندو.‘ اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“
15
خداوند خدا فرمايو تہ ”اي صور شهر! جڏهن تو تي فتح حاصل ڪئي ويندي تڏهن تو اندر جيڪا خونريزي جاري هوندي ۽ جيڪي زخمي پيا دانهون ڪندا ۽ تڙپندا هوندا، تن جو آواز ٻڌي آسپاس ٻيٽن ۽ ڪناري وارا ماڻهو ڏڪي ويندا.
16
سامونڊي ملڪن جا سڀيئي بادشاهہ پنهنجن تختن تان هيٺ لهي ايندا ۽ پنهنجي شاهي قبا ۽ ڀرت ڀريل پوشاڪ لاهي ڇڏيندا. پوءِ هو ڏڪندي هيٺ خاڪ تي ويهي رهندا. تنهنجي شڪست جي خبر ٻڌي کين اهڙو تہ صدمو وٺي ويندو، جو اهي خوف وچان پيا ڏڪندا رهندا.
17
هو تو تي مرثيو ڳائيندي چوندا تہ ’هاءِ! هاءِ! سمنڊ جي ٻيٽ وارو عظيم شهر، ڪيئن نہ ناس ٿي ويو آهي! جنهن جي ماڻهن جي ڪڏهن تہ سامونڊي ڪناري تي واپاري حڪمراني هئي، ۽ آسپاس وارن ملڪن جو هر هڪ ماڻهو کانئن ڊڄندو هو.
18
پر هاڻي اهو شهر صور تباهہ وَ برباد ٿي ويو آهي، ۽ آسپاس ٻيٽن ۽ ڪناري وارا ماڻهو انهيءَ جي تباهي ڏسي دهشت وچان پيا ڏڪن.
19
بيشڪ، اي صور شهر! آءٌ خداوند خدا تو کي اهڙو ويران ڪري ڇڏيندس، جيئن ٻيا برباد ٿيل شهر. آءٌ تو تي تباهيءَ واريون سامونڊي ڇوليون چاڙهي آڻيندس جيڪي تو کي ٻوڙي ڇڏينديون.
20
تڏهن آءٌ تو کي هيٺ پاتال ۾ لاهي ڇڏيندس، جتي تون قديم زماني جي ماڻهن ۽ گھڻو اڳي ناس ٿي ويل شهرن سان وڃي گڏبين. تون وري ڪڏهن بہ مٿي اچي آباد نہ ٿيندين ۽ جيئرن جي دنيا ۾ تو لاءِ ڪابہ جاءِ ڪانہ هوندي.
21
آءٌ تنهنجي پڇاڙي ڏاڍي ڀيانڪ ڪندس، ايتري قدر جو تون بلڪل نابود ٿي ويندين. ماڻهو تو کي ڏسڻ لاءِ ايندا پر تون کين ڪڏهن بہ ڪونہ لڀندين.‘ اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“
← Chapter 25
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 27 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48