bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ezekiel 48
Ezekiel 48
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 47
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
1
خداوند فرمايو تہ ”هر هڪ قبيلي کي ملڪ مان پنهنجو پنهنجو حصو ملندو، جيڪو اوڀر واري سرحد کان ويندي اولهہ طرف ڀونوچ سمنڊ تائين هوندو. انهن حصن جي ورهاست بني اسرائيل جي ملڪ جي اتر پاسي واري سرحد کان شروع ٿيندي، جيڪا ڀونوچ سمنڊ کان وٺي حتلون شهر جي رستي سان حمات لڪ کان ويندي حصرعينان شهر تائين هوندي، ۽ جنهن جي اتر ۾ دمشق ۽ حمات جا علائقا آهن. ملڪ جي اترئين علائقي ۾ جن قبيلن کي حصا ڏنا ويندا سي اتر واري سرحد کان ڏکڻ طرف ويندي ملڪ جي وچ واري حصي تائين هن ترتيب سان مقرر آهن: دان، آشر، نفتالي، منسي، افرائيم، روبن ۽ يهوداہ.“
8
خداوند فرمايو تہ ”ملڪ جو وچ وارو حصو جيڪو يهوداہ واري علائقي جي ڏکڻ طرف هوندو، تنهن کي اوهين وقف ڪري ڇڏجو. انهيءَ جي ويڪر اتر کان ڏکڻ تائين ساڍا ٻارهن ڪلوميٽر هوندي ۽ ڊيگھہ ملڪ جي اوڀر کان اولهہ تائين ايتري ماپ جي هوندي جيتري قبيلن کي ورهايل حصي جي هوندي. هيڪل انهيءَ حصي جي وچ ۾ هوندي.
9
انهيءَ حصي جي وچ واري ايراضي مون خداوند لاءِ مخصوص هوندي، جنهن جي ڊيگھہ اولهہ کان اوڀر طرف ساڍا ٻارهن ڪلوميٽر ۽ ويڪر اتر کان ڏکڻ طرف ڏهہ ڪلوميٽر هوندي.
10
آءٌ خداوند پنهنجي انهيءَ مخصوص ٿيل ايراضيءَ جو ڏکڻ وارو اڌ حصو ڪاهنن لاءِ وقف ڪندس. اوڀر کان اولهہ طرف سندن حصو ساڍا ٻارهن ڪلوميٽر ڊگھو هوندو ۽ اتر کان ڏکڻ طرف انهيءَ جي ويڪر پنج ڪلوميٽر هوندي. منهنجي هيڪل انهيءَ حصي جي وچ ۾ هوندي.
11
اهو وقف ٿيل حصو رڳو انهن مخصوص ٿيل ڪاهنن لاءِ هوندو، جيڪي صدوق جي نسل مان آهن، ڇاڪاڻ تہ اهي سچائيءَ سان منهنجي خدمت ڪندا رهيا ۽ گمراهہ نہ ٿيا، جڏهن تہ لاوي ۽ ٻيا بني اسرائيل گمراهہ ٿي ويا هئا.
12
سو ملڪ ۾ مون لاءِ مخصوص ٿيل ايراضيءَ مان اهو حصو انهن ڪاهنن لاءِ وقف هوندو، ۽ اهو پاڪ ترين حصو هوندو.
13
ڪاهنن جي انهيءَ حصي سان لڳولڳ اتر طرف لاوين جو حصو هوندو، جنهن جي ڊيگھہ اوڀر کان اولهہ طرف ساڍا ٻارهن ڪلوميٽر ۽ ويڪر اتر کان ڏکڻ طرف پنج ڪلوميٽر هوندي.
14
انهيءَ حصي مان لاوي ڪو ٽڪرو وڪڻي نہ سگھندا، نڪي مٽا سٽا ڪري سگھندا ۽ نہ وري انهيءَ زمين کي ڪنهن ٻئي جي حوالي ڪري سگھندا، ڇاڪاڻ تہ اها خاص زمين مون خداوند لاءِ مخصوص هوندي.
15
باقي جيڪو حصو منهنجي لاءِ مخصوص ٿيل ايراضيءَ جي ڏکڻ ۾ هوندو، جنهن جي ڊيگھہ اولهہ کان اوڀر طرف ساڍا ٻارهن ڪلوميٽر ۽ ويڪر اتر کان ڏکڻ طرف اڍائي ڪلوميٽر هوندي، سو مون لاءِ مخصوص نہ هوندو. اهو بني اسرائيل جي عام ماڻهن جي رهڻ لاءِ هوندو، جنهن جي وچ ۾ هڪڙو شهر هوندو ۽ ان جي ٻنهي پاسن کان سرسبز ٻنيون هونديون.
16
شهر جي ايراضي چورس هوندي، جنهن جي هر پاسي جي ماپ سوا ٻہ ڪلوميٽر هوندي.
17
شهر جي چوڌاري خالي ميدان هوندو، جنهن جي ويڪر هر پاسي کان هڪ سؤ پنجويهہ ميٽر هوندي.
18
شهر جي اولهہ ۽ اوڀر ۾ باقي ڇڏيل زمين، جيڪا مون لاءِ مخصوص ٿيل ايراضيءَ جي ڏکڻ پاسي هوندي ۽ جنهن جي ماپ اولهہ توڙي اوڀر طرف پنج ڪلوميٽر ڊيگھہ ۽ اڍائي ڪلوميٽر ويڪر هوندي، سا شهر جي ماڻهن لاءِ پوک ڪرڻ واسطي هوندي.
19
پوءِ اهي شهر وارا بني اسرائيل جي ڪهڙي بہ قبيلي سان تعلق رکندا هجن، سي سڀ انهيءَ حصي تي پوک ڪري سگھندا.
20
سو ملڪ ۾ وقف ڪيل حصي جي وچ واري پوري ايراضي ساڍا ٻارهن ڪلوميٽر ڊگھي ۽ ساڍا ٻارهن ڪلوميٽر ويڪري يعني چورس هوندي. انهيءَ ۾ مون لاءِ مخصوص ٿيل ايراضي ۽ شهر ۽ ان جي آسپاس جون ٻنيون شامل هونديون.
21
اها ايراضي جنهن ۾ هيڪل، ڪاهنن جو حصو، لاوين جو حصو ۽ شهر شامل هوندو، تنهن جي اولهہ ۽ اوڀر پاسي واري زمين حڪمران جي هوندي. اها زمين جيڪا وچ واري ايراضيءَ جي ٻنهي پاسن تي هوندي، سا بہ اتر کان ڏکڻ طرف ساڍا ٻارهن ڪلوميٽر ويڪري هوندي، ۽ اولهہ توڙي اوڀر پاسي ڏانهن ملڪ جي ٻنهي پاسي سرحدن تائين وڃي لڳندي. ٻنهي پاسن کان حڪمران واري زمين ۽ وچ واري ايراضيءَ جي گڏيل حصي جي اتر پاسي تي يهوداہ قبيلي جو حصو ۽ ڏکڻ پاسي تي بنيامين قبيلي جو حصو هوندو.“
23
خداوند فرمايو تہ ”انهيءَ وقف ڪيل وچ واري حصي کان وٺي ملڪ جي ڏاکڻي سرحد تائين، باقي ٻين قبيلن کي جيڪي حصا ڏنا ويندا سي هن ترتيب سان مقرر آهن: بنيامين، شمعون، اِسڪار، زبولون ۽ جد. هر ڪنهن جو حصو اوڀر واري سرحد کان ويندي اولهہ طرف ڀونوچ سمنڊ تائين هوندو.
28
جد جي حصي جي ڏکڻ پاسي ملڪ جي سرحد هوندي. اها سرحد تمر کان وٺي ڏکڻ اولهہ ۾ مريباہ قادش جي چشمي تائين ۽ پوءِ مصر جي سرحد سان ويندي اتر اولهہ ۾ ڀونوچ سمنڊ تائين هوندي.
29
سو اهڙي نموني سان اوهين ملڪ جي ورهاست ڪجو. بني اسرائيل جي هر قبيلي لاءِ اهڙيءَ طرح الڳ الڳ حصو ميراث طور ورهايو وڃي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
30
شهر جي چوڌاري جيڪا ڀت هوندي تنهن جي هر پاسي واري ڀت جي ماپ سوا ٻہ ڪلوميٽر هوندي ۽ هر هڪ ڀت ۾ ٽي ٽي دروازا هوندا. اهڙيءَ طرح شهر کي ڪل ٻارهن دروازا هوندا. انهن سڀني دروازن کي بني اسرائيل جي ٻارهن ئي قبيلن جا نالا ڏنل هوندا. اتر پاسي واري ڀت ۾ روبن، يهوداہ ۽ لاويءَ جي نالن جا دروازا هوندا. اوڀر پاسي واري ڀت ۾ يوسف ، بنيامين ۽ دان جي نالن جا دروازا هوندا. ڏکڻ پاسي واري ڀت ۾ شمعون، اِسڪار ۽ زبولون جي نالن جا دروازا هوندا. اولهہ طرف واري ڀت ۾ جد، آشر ۽ نفتاليءَ جي نالن جا دروازا هوندا.
35
شهر جي چئني پاسن واري ڀت جي جملي ڊيگھہ نوَ ڪلوميٽر هوندي. انهيءَ ڏينهن کان شهر کي هن نالي سان سڏيو ويندو تہ ” خداوند هتي رهي ٿو.“
← Chapter 47
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48