bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ezekiel 29
Ezekiel 29
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 28
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 30 →
1
اسان جي جلاوطنيءَ جي ڏهين سال، ڏهين مهيني جي ٻارهين تاريخ تي خداوند مون کي فرمايو تہ
2
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! هاڻي تون پنهنجو رخ مصر جي بادشاهہ فرعون ڏانهن ڪر، ۽ هن جي ۽ سندس سڄي ملڪ مصر جي خلاف اڳڪٿي ڪر.
3
تون کيس مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي مصر جا بادشاهہ فرعون! تون هڪڙي وڏي اجگر بلا آهين، جيڪو نيل نديءَ جي وهڪرن ۾ ليٽندي ٻٽاڪون ٿو هڻين تہ ”نيل ندي منهنجي آهي ۽ مون اها پنهنجي لاءِ بڻائي آهي.“ سو ياد رک، آءٌ تنهنجي خلاف آهيان.
4
آءٌ تنهنجي ڄاڙين ۾ ڪنڍيون اٽڪائيندس، ۽ تنهنجي ڇلڙن تي تنهنجيءَ نديءَ جون مڇيون چنبڙائيندس. جڏهن آءٌ تنهنجي دريائن مان گهلي تو کي ٻاهر ڪڍندس، تڏهن اهي سڀ مڇيون تنهنجي ڇلڙن تي چنبڙيل هونديون.
5
آءٌ تو کي ۽ تنهنجي دريائن جي سڀني مڇين کي ماري بيابان ۾ اڇلائي ڇڏيندس. تون کُليل ميدان ۾ پيو هوندين ۽ تو کي دفن نہ ڪيو ويندو. آءٌ تو کي جھنگلي حيوانن ۽ پکين جو کاڄ بڻائيندس.
6
تڏهن مصر جا سڀيئي رهاڪو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان. تون بني اسرائيل قوم لاءِ رڳو ڪانن جي لٺ مثل آهين،
7
ڇاڪاڻ تہ هنن جڏهن تو کي هٿ ۾ ٿي جھليو، تڏهن تون ٽٽي ٿي پئين ۽ سندن ڪلها زخمي ڪري ٿي وڌءِ. جيئن ڪانن جي لٺ ڀڄي ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃي ٿي، ۽ ٽيڪ ڏيڻ واري جي چيلهہ ڪمزور ٿي لڏي وڃي ٿي. تيئن ئي جڏهن هنن تو تي ٽيڪ ٿي ڏني، تڏهن تو هنن جي ڪابہ مدد نہ ٿي ڪئي.
8
سو اي مصر جا بادشاهہ! ياد رک، آءٌ خداوند خدا تو تي حملي لاءِ لشڪرن کي موڪليندس، جيڪي تنهنجي ماڻهن توڙي جانورن کي ماري ڇڏيندا.
9
ايتري قدر جو تنهنجو ملڪ ويران ۽ اجڙيل بيابان ٿي ويندو، تڏهن سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان. جيئن تہ تو دعويٰ ڪئي آهي تہ نيل ندي تنهنجي آهي ۽ تو انهيءَ کي بڻايو آهي،
10
تنهنڪري هاڻي ياد رک، آءٌ تنهنجي ۽ تنهنجي نيل نديءَ جي وهڪرن جي خلاف آهيان. آءٌ مصر ملڪ کي اتر ۾ مجدال قلعي کان وٺي ڏکڻ ۾ اسوان شهر تائين بلڪ اڃا بہ اڳتي سوڊان جي سرحد تائين بلڪل سڃ ۽ ويران ڪري ڇڏيندس.
11
چاليهن سالن تائين انهيءَ علائقي ۾ ڪوبہ رهڻ وارو نہ هوندو، بلڪ اتان ڪوبہ انسان توڙي حيوان ڪونہ لنگھندو.
12
هائو، آءٌ مصر کي سڀني کان وڌيڪ ويران ملڪ بڻائي ڇڏيندس ۽ انهيءَ جا شهر چاليهن سالن تائين ٻين برباد ٿيل شهرن کان وڌيڪ اجڙيل رهندا. ان کان علاوہ آءٌ مصر جي ماڻهن کي ٻين قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس ۽ کين دربدر ڪري ڇڏيندس.
13
چاليهن سالن جي گذرڻ کان پوءِ آءٌ خداوند خدا مصرين کي انهن ملڪن مان موٽائي آڻيندس، جن ملڪن ۾ کين ٽيڙي پکيڙي ڇڏيو هئم.
14
اهي وري پنهنجي وطن جي ڏاکڻي حصي جي فتروس نالي علائقي ۾ اچي آباد ٿيندا. پر اتي سندن بادشاهت تمام ڪمزور هوندي.
15
سندن بادشاهت ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خسيس هوندي ۽ وري ڪڏهن بہ ٻين قومن تي حڪومت ڪرڻ جي طاقت نہ رکندي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ انهيءَ کي اهڙو تہ پست ڪري ڇڏيندس، جو اهي وري ڪڏهن بہ ٻين قومن تي حڪومت هلائي نہ سگھندا.
16
بني اسرائيل وري ڪڏهن بہ انهن تي نہ ڀاڙيندا. حقيقت ۾ جڏهن اهي ياد ڪندا تہ مصرين سان ڇا ڇا وهيو واپريو، تڏهن مڃيندا تہ هنن مصرين ڏانهن مدد لاءِ واجھائي وڏي بڇڙائي ڪئي هئي. پوءِ هو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“
17
اسان جي جلاوطنيءَ جي ستاويهين سال، پهرئين مهيني جي پهرين تاريخ تي خداوند مون کي فرمايو تہ
18
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر صور شهر تي اچي حملو ڪيو ۽ گھڻي وقت تائين گھيرو ڪري ويهي رهيو. هن پنهنجي لشڪر جي سپاهين کان ايترو تہ ڳرو وزن کڻايو جو انهن جا مٿا گسي گسي گنجا ٿي ويا ۽ سندن ڪلها ڇلجي زخمي ٿي پيا. پر انهيءَ جي باوجود بہ نبوڪدنضر ۽ سندس لشڪر کي لٽ ڦر جو مال هٿ اچي نہ سگھيو.
19
تنهنڪري هاڻي آءٌ خداوند خدا مصر جو ملڪ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي حوالي ڪري ڇڏيندس. هو مصر جو قيمتي خزانو لٽي ڦري کڻي ويندو ۽ اهو خزانو پنهنجي لشڪر کي سندن محنت جي اجرت طور ورهائي ڏيندو.
20
آءٌ مصر جو ملڪ هن کي ۽ سندس لشڪر کي صور جي عيوض طور ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ سندن صور تي حملو منهنجي مرضيءَ سان ئي هو. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.
21
اي حزقيايل! جنهن ڏينهن مصر ملڪ کي شڪست ملندي، تنهن ڏينهن آءٌ بني اسرائيل قوم کي مضبوط ڪندس ۽ هنن سان ڳالهائڻ جي تو کي طاقت عطا ڪندس. تڏهن اهي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“
← Chapter 28
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 30 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48