bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ezekiel 24
Ezekiel 24
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 23
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 25 →
1
اسان جي بابل ڏانهن جلاوطنيءَ جي نائين سال، ڏهين مهيني جي ڏهين تاريخ تي خداوند وري مون کي فرمايو تہ
2
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! تون هيءُ ڏينهن لکي ڇڏ. هائو، اڄوڪي ڏينهن جي تاريخ لکي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ بلڪل اڄ ئي بابل جو بادشاهہ يروشلم شهر کي وري ٻيهر گھيرو ڪرڻ لاءِ چڙهائي ڪري ٿو.
3
سو تون منهنجي باغيءَ قوم کي بابل جي بادشاهہ جي چڙهائيءَ جي باري ۾ مون خداوند خدا جو هي پيغام مثال طور ٻڌاءِ تہ ديڳڙو چاڙهہ. هائو، ديڳڙي ۾ پاڻي وجھي، انهيءَ کي باهہ تي رک.
4
انهيءَ ۾ گوشت وجھڻ لاءِ ڌڻ مان ڪي عمديون رڍون چونڊي ڪڍج، جن جي گوشت جا سٺا سٺا ٽڪرا، يعني ران ۽ ڪلهي جا ٽڪرا، ۽ هڏين وارا چونڊ ٽڪرا گڏي ديڳڙو ڀري ڇڏ. ديڳڙي جي هيٺان ڪاٺين جو ڍير ڪري ڇڏ، ۽ گوشت جي ٽڪرن کي خوب ڪاڙهہ، ايتري قدر جو انهيءَ جون هڏيون بہ ڳري وڃن.
6
سو آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ ويل آهي انهيءَ خوني شهر يروشلم لاءِ! يعني گندگي لڳل انهيءَ ديڳڙي لاءِ، جنهن مان گندگي لاٿي ئي نہ ويئي آهي. سو گوشت جا سڀيئي ٽڪرا ديڳڙي مان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪر، ۽ ڪنهن بہ هڪڙي ٽڪر کي خاص سمجھي پوئتي نہ بچاءِ.
7
يروشلم جي ماڻهن شهر ۾ بيگناهن جو رت وهايو آهي، بلڪ کُليل ٽَڪرَ تي انهن رت وهايو جيڪا اڃا ظاهر پئي آهي. هنن رت کي ڍڪڻ لاءِ ڪابہ ڪوشش نہ ڪئي آهي.
8
سو مون بہ انهيءَ رت کي کُليل ٽَڪرَ تي رهڻ ڏنو، انهيءَ لاءِ تہ اهو ڍڪجي نہ وڃي، جيستائين مٿن منهنجو غضب نازل ڪيو وڃي ۽ کانئن بدلو ورتو وڃي.
9
آءٌ خداوند خدا انهيءَ خوني شهر کي هاڻي سزا ڏيندس، آءٌ خود ڪاٺين جي انهيءَ ڍڳ کي اڃا وڌائيندس.
10
تنهنڪري آءٌ وڌيڪ ڪاٺيون گڏ ٿو ڪريان، باهہ جو مچ ٿو ٻاريان، تہ جيئن گوشت چڱيءَ طرح رنڌجي وڃي، شورو سڪي وڃي ۽ هڏيون بہ ڳري وڃن.
11
پوءِ آءٌ انهيءَ ديڳڙي کي اڃا بہ ٽانڊن تي رکي ڇڏيندس، تہ جيئن اهو وڌيڪ گرم ٿئي ۽ ان جو پتل سڙي، ۽ گندگي پگھرجي سڙي کپي وڃي.
12
انهيءَ سبب جو ڪنهن ٻئي طريقي سان ان جي بدڪاريءَ واري گندگي سخت باهہ کان سواءِ ختم ٿي نہ ٿي سگھي، تنهنڪري اهو ديگڙو سخت باهہ تي رکيو ويو.
13
اي يروشلم وارؤ! ديڳڙي جي اها گندگي اوهان جي گھڻي زناڪاري ۽ بدڪاري آهي. مون اوهان کي پاڪ صاف ڪرڻ چاهيو، تہ بہ اوهين پاڪ صاف نہ ٿيا. هاڻي اوهين ڪڏهن بہ پنهنجي گندگيءَ کان صاف نہ ٿيندا، جيستائين آءٌ پنهنجو قهر اوهان تي پوريءَ طرح نازل نہ ڪريان.
14
آءٌ خداوند چوان ٿو تہ اهو وقت اچي پهتو آهي ۽ آءٌ ائين ڪري ڏيکاريندس. آءٌ اوهان يروشلم جي ماڻهن تي ڪو رحم نہ ڪندس، نڪي آءٌ اوهان کي سزا ڏيڻ وارو ارادو بدلائيندس. اوهين پنهنجي ڪيل گناهن جي سزا ضرور ڀوڳيندا. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“
15
خداوند مون کي فرمايو تہ
16
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! ڏس، آءٌ هڪڙي ڌڪ سان تنهنجي دل جي پياري تو کان کسي وٺندس، پر انهيءَ لاءِ نہ تون ڪو سوڳ ڪجانءِ ۽ نہ وري روئي ڳوڙها ڳاڙجانءِ.
17
مئل جي لاءِ آهستگيءَ سان پيو آهون ڀرجانءِ، روڄ راڙو نہ ڪجانءِ، نڪي پنهنجي مٿي تان پٽڪو يا وري پيرن مان جتي لاهي ڇڏجانءِ، نڪي ڏک ظاهر ڪرڻ لاءِ پنهنجي چهري کي ڍڪجانءِ ۽ نہ وري روئڻ پٽڻ وارن جي کاڌي مان ڪجھہ کائجانءِ.“
18
ٻئي ڏينهن صبح جو آءٌ هميشہ جيان گھر کان ٻاهر نڪري ماڻهن سان ڳالهائيندو رهيس ۽ انهيءَ ئي ڏينهن شام جو منهنجي زال فوت ٿي ويئي. تڏهن مون اهو ئي ڪجھہ ڪيو جنهن جو خداوند مون کي حڪم ڏنو هو.
19
ٻئي ڏينهن جڏهن ماڻهن اهو سڀ ڏٺو تڏهن مون کان پڇيائون تہ ”تون پنهنجيءَ زال لاءِ ڇو نہ ٿو روئين رڙين؟ ان مان اسين ڇا سمجھون؟“
20
مون کين وراڻيو تہ ”مون تي خداوند جو فرمان نازل ٿيو آهي تہ
21
آءٌ اوهان جلاوطن بني اسرائيل وارن کي خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌايان تہ ’ياد رکو، منهنجي مقدس هيڪل جنهن کي اوهين پنهنجي سلامتيءَ جو سهارو ٿا سمجھو ۽ جيڪا اوهان جي دل جي پياري آهي ۽ جنهن تي اوهين فخر ٿا ڪريو، تنهن کي آءٌ پليت ڪرائي ڇڏيندس. آءٌ اوهان جي پٽن ۽ ڌيئرن کي جنگ ۾ مارائي ڇڏيندس، جيڪي اوهان پٺيان يروشلم ۾ ڇڏي آيا آهيو.
22
پوءِ اوهين ائين ئي ڪندا جيئن مون خداوند حزقيايل کي حڪم ڏنو آهي. اوهين پنهنجو ڏک ظاهر نہ ڪندا يعني اوهين پنهنجو منهن نہ ڍڪيندا ۽ نہ وري روئڻ پٽڻ وارن جي مانيءَ مان ڪجھہ کائيندا.
23
اوهان جا پٽڪا اوهان جي مٿن تي ٻڌل هوندا ۽ اوهان جون جتيون اوهان جي پيرن ۾ هونديون. اوهين نہ روئندا، نڪي رڙندا، بلڪ اوهين پنهنجي بدڪارين جي ڪري ڳڻتيءَ ۾ پيا ڳرندا ۽ هڪٻئي ڏانهن نهاري آهون پيا ڀريندا.
24
سو حزقيايل اوهان لاءِ هڪڙو نشان آهي. جڏهن يروشلم ۾ ائين ٿيندو تڏهن اوهين بہ سڀ ڪجھہ ائين ئي ڪندا جيئن حزقيايل ڪيو آهي. پوءِ اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘
25
خداوند مون کي وڌيڪ فرمايو تہ ’اي حزقيايل! ڏس، آءٌ هيڪل کي برباد ڪري ڇڏيندس. اها هيڪل جيڪا سندن سلامتيءَ جو سهارو، شان وَ شوڪت، دل جي پياري ۽ سندن فخر آهي. آءٌ انهن کان سندن پٽ ۽ ڌيئرون بہ کسي وٺندس.
26
تڏهن ڪي ماڻهو شهر مان ڀڄي ويندا ۽ تو وٽ اچي پهچندا. اهي تو کي ٻڌائيندا تہ يروشلم ۾ ڇا وهيو واپريو آهي.
27
تڏهن انهيءَ ڏينهن وري تو کي ڳالهائڻ جي سگھہ ملندي ۽ تون وڌيڪ گونگو نہ رهندين. اهڙيءَ طرح تون هنن لاءِ هڪڙو نشان ٿيندين ۽ پوءِ هو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“
← Chapter 23
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 25 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48