bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ezekiel 36
Ezekiel 36
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 35
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 37 →
1
خداوند وڌيڪ فرمايو تہ ”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! دشمن ٻٽاڪ هڻي چون ٿا تہ ’واہ واہ! هاڻي بني اسرائيل جي ملڪ جا قديم جبل اسان جا آهن.‘
3
تنهنڪري تون اڳڪٿي ڪندي انهن جبلن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي بني اسرائيل جي ملڪ جا جبلؤ! آسپاس وارين قومن جيڪي جنگ جي تباهيءَ کان بچي ويون هيون، تن اوهان تي قبضو ڪري هر طرف کان اوهان کي ناس ڪري ڇڏيو آهي ۽ اوهان کي ويران ڪيو اٿائون. انهيءَ ڪري ماڻهو هر هنڌ اوهان بابت گھٽ وڌ ڳالهائين پيا ۽ اوهان تي کل ٺٺولي ڪئي ٿي وڃي.
4
تنهنڪري اي بني اسرائيل جا جبلؤ! مون خداوند خدا جو فرمان ٻڌو. آسپاس وارين قومن ملڪ جي ٽڪرين، نهرن، ماٿرين، وحشتناڪ ويران جاين ۽ غير آباد شهرن سميت اوهان تي قبضو ڪري اوهان کي ٺٺوليءَ جهڙو بڻايو آهي. انهن قومن بابت آءٌ خداوند خدا جيڪي ڪجھہ چوان ٿو
5
سو آءٌ انهن غير قومن، خاص طور سڄي ادوم ملڪ جي خلاف پنهنجي سخت غيرت وچان ڳالهايان ٿو. هنن پنهنجي اندر جي نفرت ۽ حسد وچان خوش ٿي ڪري منهنجي سرزمين کي پنهنجي ملڪيت بڻائي ڇڏيو آهي، ڄڻ تہ اهو هنن لاءِ لٽ جو مال آهي.‘
6
تنهنڪري اي حزقيايل! تون بني اسرائيل جي ملڪ بابت اڳڪٿي ڪندي جبلن، ٽڪرين، نهرن ۽ ماٿرين کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’ڏسو، جيئن تہ اوهان غير قومن جا گھڻا ئي طعنا پنهنجي سر تي سَٺا آهن، تنهنڪري آءٌ پنهنجي سخت غيرت وچان انهن قومن جي خلاف ڳالهايان ٿو.
7
آءٌ خداوند خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ اوهان جي آسپاس واريون اهي غير قومون خود ذليل وَ خوار ڪيون وينديون.
8
پر اي بني اسرائيل جا جبلؤ! اوهان جا سڪل وڻ وري ساوا ٿيندا ۽ ميوو جھليندا. منهنجي قوم جا ماڻهو اوهان جي وڻن جو ميوو کائيندا، ڇاڪاڻ تہ اهي جلد ئي پنهنجي وطن ورڻ وارا آهن.
9
ڏسو، آءٌ اوهان جي پاسي آهيان ۽ اوهان جي زرخيز زمين تي هر ڪاهرائيندس، پوک ڪرائيندس ۽ پوري سار سنڀال لهندس.
10
آءٌ اوهان تي بني اسرائيل جي سڄي قوم کي گھڻو وڌائيندس. ملڪ جا ويران شهر وري اڏايا ويندا ۽ اهي آباد ٿيندا.
11
آءٌ اوهان تي انسان توڙي جانور گھڻي انداز ۾ وڌائيندس. اهي گھڻا ٿيندا ۽ وڌندا ويجھندا. آءٌ اوهان کي اڳي وانگر وري آباد ڪندس، بلڪ اڳي کان بہ وڌيڪ اوهان تي احسان ڪندس. تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.
12
هائو، اي بني اسرائيل جا جبلؤ! آءٌ پنهنجي قوم موٽائي آڻي وري اوهان تي آباد ڪندس. اهي وري اوهان تي قبضو ڪري اوهان کي پنهنجي ملڪيت بڻائيندا. سچ پچ تہ اوهان جي زمين ”آدمخور“ سڏي ٿي وڃي، ڇاڪاڻ تہ اوهان تي منهنجي قوم جا ٻار بک وگھي مري ويا آهن. پر هاڻي اڳتي اوهان جي زمين تي ڪڏهن بہ مصيبت نہ ايندي جو هنن جا ٻار بک وگھي مري وڃن.
14
آءٌ خداوند خدا واعدو ٿو ڪريان تہ اڳتي وري اوهان کي ”آدمخور“ نہ سڏيو ويندو ۽ اوهان تي بني اسرائيل قوم جا ٻار ماريا نہ ويندا.
15
اڳتي وري ڪڏهن بہ اوهان کي غير قومن جا طعنا سهڻا نہ پوندا، نڪي اوهان جي سر تي انهن جي ملامت پوندي. هائو، اوهان تي اڳتي وري ڪڏهن بہ منهنجي قوم جا ٻار نہ ماريا ويندا. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.‘“
16
خداوند مون کي فرمايو تہ
17
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! جڏهن بني اسرائيل جا ماڻهو پنهنجي ملڪ ۾ رهندا هئا، تڏهن هنن پنهنجي هلت چلت ۽ بدڪارين سان انهيءَ کي پليت ڪري ڇڏيو. هنن جي چال چلت منهنجي اڳيان اهڙي پليت هئي جهڙي حيض واري عورت جي پليتي.
18
هنن انهيءَ ملڪ ۾ خونريزي ۽ بتن جي پوڄا ڪري ملڪ کي تمام گھڻو پليت ڪري ڇڏيو. تڏهن مون ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي قوم کي سزا ڏني.
19
مون هنن کي ٻين قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيو ۽ اهي دنيا ۾ دربدر ٿي ويا. مون هنن جي چال چلت ۽ افعالن موجب کين سزا ڏني.
20
پر منهنجي سزا جو نتيجو اهو نڪتو جو هو جتي بہ ويا اتي منهنجي نالي جي بيحرمتي ڪئي ويئي، ڇاڪاڻ تہ هنن کي ڏسي غير قوم وارن ائين ٿي چيو تہ ’هي خداوند جا ماڻهو آهن پوءِ بہ کين پنهنجي وطن مان نڪرڻو پيو آهي؟‘
21
تنهنڪري مون کي پنهنجي پاڪ نالي جي باري ۾ افسوس ٿيو، جو بني اسرائيل جتي بہ ويا، اُتي غير قومن منجھہ منهنجي نالي جي بيحرمتي ڪئي ويئي.
22
تنهنڪري اي حزقيايل! تون بني اسرائيل کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’هاڻي آءٌ جيڪي ڪجھہ ڪرڻ وارو آهيان، سو اي بني اسرائيل! اوهان جي خاطر نہ بلڪ پنهنجي پاڪ نالي جي خاطر ڪريان ٿو، جنهن جي اوهان جي ڪري انهن غير قومن منجھہ بيحرمتي ٿي آهي، جن ۾ اوهين رهو ٿا.
23
سو آءٌ پنهنجي انهيءَ عظيم نالي، جنهن جي اوهان جي ڪري غير قومن منجھہ بيحرمتي ٿي آهي، تنهن جي پاڪيزگي ثابت ڪري ڏيکاريندس. هائو، جڏهن آءٌ اوهان کي وري بحال ڪري پنهنجي پاڪيزگي ظاهر ڪندس، تڏهن اهي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.
24
آءٌ اوهان کي هر قوم ۽ هر ملڪ منجھان ڪڍي موٽائي آڻي اوهان جي وطن ۾ آباد ڪندس.
25
آءٌ اوهان تي صاف پاڻي ڇٽڪاريندس، جنهن سان اوهين پاڪ ٿي ويندا. هائو، آءٌ اوهان کي اوهان جي سڀني بتن کان بلڪ هر قسم جي گندگيءَ کان پاڪ ڪري ڇڏيندس.
26
آءٌ اوهان کي نئين دل عطا ڪندس ۽ اوهان جي اندر ۾ نئون ذهن وجھندس. هائو، آءٌ اوهان جي بدن مان اها ضدي دل ڪڍي ڇڏيندس ۽ اوهان کي هڪڙي مڪمل فرمانبردار دل عطا ڪندس.
27
آءٌ پنهنجو روح اوهان منجھہ وجھندس ۽ اوهان کان پنهنجي قاعدن قانونن جي پيروي ڪرائيندس. هائو، پوءِ اوهين منهنجي حڪمن جي تابعداري ڪندي انهن تي عمل ڪندا.
28
پوءِ اوهين وري انهيءَ ملڪ ۾ رهندا، جيڪو مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي عطا ڪيو هو. اوهين منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ اوهان جو خدا هوندس.
29
آءٌ اوهان کي هر قسم جي پليتيءَ کان پري رکندس. آءٌ اناج کي حڪم ڪندس تہ اهو اوهان جي ٻنين ۾ تمام گھڻي انداز ۾ پيدا ٿئي، انهيءَ لاءِ تہ اوهان ۾ وري ڪڏهن ڏڪار نہ پوي.
30
هائو، غير قومن آڏو اوهان کي کاڌو نہ هئڻ واري شرمندگي ڏسڻي نہ پوندي، ڇاڪاڻ تہ اوهان جا وڻ ميوي سان ڀريل هوندا ۽ اوهان جون ٻنيون جھجھا فصل اُپائينديون.
31
پوءِ اوهان پنهنجي اڳئين بري هلت چلت، بڇڙائي، بدڪاري ۽ ڪراهت جهڙن ڪمن کي ياد ڪري ڏاڍو شرمسار ۽ پشيمان ٿيندا.
32
پر اي بني اسرائيل! ياد رکو تہ آءٌ هي سڀ ڪجھہ اوهان جي خاطر نہ پر پنهنجي نالي جي خاطر ڪندس. سو اوهان کي پنهنجي ڪيل ڪمن جي ڪري شرمندگي ۽ بيعزتي برداشت ڪرڻي پوندي، ڇاڪاڻ تہ اوهان منهنجي خلاف گناهہ ڪيو آهي.‘“
33
خداوند خدا وڌيڪ فرمايو تہ ”اي بني اسرائيل! جڏهن آءٌ اوهان کي اوهان جي سڀني گناهن کان پاڪ ڪندس، تڏهن اوهين پنهنجي ويران ٿيل شهرن کي وري اڏيندا ۽ انهن ۾ رهڻ لڳندا.
34
پوءِ اها ويران زمين جيڪا سڀني لنگھندڙن جي نظر ۾ هڪڙو بيابان هئي، سا وري پوک هيٺ اچي ويندي.
35
تڏهن هر ڪو ڏسي چوندو تہ ’واہ! جيڪا زمين ويران هئي، سا هاڻي ڪيئن نہ عدن جي باغ جهڙي ٿي پيئي آهي، ۽ جيڪي شهر اجڙيل، ويران ۽ ناس ٿيل هئا، سي هاڻي ڪيئن نہ ڪوٽن وارا ۽ آباد شهر ٿي ويا آهن.‘
36
تڏهن اوهان جي آسپاس واريون قومون جيڪي جنگ مان بچي ويل هونديون، سي ڄاڻي وٺنديون تہ مون خداوند ئي ناس ٿيل شهرن کي وري اڏايو آهي ۽ ويران ٿيل زمين کي وري آباد ڪيو اٿم. اهو مون خداوند جو واعدو آهي تہ آءٌ اهو سڀ ڪجھہ ڪندس، هائو، ضرور ڪندس.“
37
خداوند خدا وڌيڪ فرمايو تہ ”آءٌ وري اوهان بني اسرائيل قوم وارن جون دعائون ٻڌندس ۽ اوهان جي قوم کي ايترو تہ وڌائيندس جو اوهين رڍن جي وڏي ڌڻ وانگر ٿي ويندا.
38
جيڪي شهر هاڻي ويران پيا آهن، سي ماڻهن سان ايترا تہ ڀرجي ويندا جيترو يروشلم شهر عيدن تي خداوند لاءِ مخصوص ڪيل رڍن سان ڀرجي ويندو هو. پوءِ اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“
← Chapter 35
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 37 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48