bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ezekiel 46
Ezekiel 46
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 45
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 47 →
1
خداوند فرمايو تہ ”اي بني اسرائيل! هيڪل جي اندرين اڱڻ جي اوڀر طرف وارو لنگھہ ڪم ڪار وارا ڇهہ ئي ڏينهن بند رهڻ گھرجي. پر سبت جي ڏينهن تي توڙي نئين چنڊ واري ڏينهن تي اهو لنگھہ بني اسرائيل جي حڪمران لاءِ کوليو وڃي.
2
حڪمران هيڪل جي ٻاهرين اڱڻ کان هن لنگھہ جي هال ۾ داخل ٿئي ۽ لنگھہ جي اندرين دروازي جي چانئٺ وٽ بيٺو رهي. ڪاهن هن جي طرفان ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪن. تڏهن حڪمران دروازي جي چانئٺ وٽ مون کي سجدو ڪري ۽ پوءِ هو واپس ٻاهر هليو وڃي. اهو لنگھہ شام تائين کُليل رهي.
3
هر سبت جي ڏينهن تي ۽ نئين چنڊ تي بني اسرائيل جا ماڻهو بہ ساڳي وقت انهيءَ اندرين اڱڻ جي اوڀر واري لنگھہ جي ٻاهران اچي مون خداوند جي حضور ۾ حاضر ٿي سجدو ڪن.
4
جيڪي قربانيون حڪمران سبت جي ڏينهن تي خداوند جي حضور ۾ پيش ڪندو سي هي آهن. کيس ساڙي ويندڙ قربانيءَ لاءِ ڇهہ بيعيب گھيٽا ۽ هڪڙو بيعيب گھٽو پيش ڪرڻو پوندو.
5
گھٽي سان گڏ اناج جي قربانيءَ طور کيس اٺ ڪلوگرام اناج پيش ڪرڻو پوندو ۽ هر هڪ گھيٽي سان گڏ اناج جي قربانيءَ طور جيترو ڏيڻ چاهي اوترو پيش ڪري. اناج جي هر قربانيءَ سان گڏ هو ٽي ليٽر زيتون جو تيل پيش ڪري.
6
جيڪي قربانيون حڪمران نئين چنڊ جي ڏينهن تي خداوند جي حضور ۾ پيش ڪندو سي هي آهن. کيس هڪڙو وهڙو، ڇهہ گھيٽا ۽ هڪڙو گھٽو پيش ڪرڻو پوندو، جيڪي سڀ بيعيب هجن.
7
هو وهڙي ۽ گھٽي سان گڏ اناج جي قربانيءَ طور اٺ ڪلوگرام اناج پيش ڪندو ۽ گھيٽن سان گڏ اناج جي قربانيءَ طور جيترو ڏيڻ چاهي اوترو پيش ڪري. اناج جي هر قربانيءَ سان گڏ هو ٽي ليٽر زيتون جو تيل پيش ڪري.
8
حڪمران جڏهن سڀيئي قربانيون پيش ڪري چڪو هجي تڏهن جيئن اهو اوڀر واري لنگھہ ۾ داخل ٿيو هو تيئن ئي واپس لنگھہ جي هال کان ٻاهر هليو وڃي ۽ اندرين اڱڻ ۾ نہ اچي.
9
جڏهن ملڪ جو عوام مقرر ڪيل عيدن تي مون خداوند آڏو سجدو ڪرڻ لاءِ هيڪل جي ٻاهرين اڱڻ ۾ اچي تہ پوءِ انهن مان جيڪي اتر واري ٻاهرين لنگھہ کان اندر آيا هجن سي سجدي ڪرڻ کان پوءِ ڏکڻ واري ٻاهرين لنگھہ کان ٻاهر نڪري وڃن ۽ جيڪي ڏکڻ واري ٻاهرين لنگھہ کان اندر آيا هجن، سي اتر واري ٻاهرين لنگھہ کان ٻاهر نڪري وڃن. مطلب تہ جيڪو جنهن لنگھہ کان اندر آيو هجي سو ساڳئي لنگھہ کان ٻاهر نہ نڪري وڃي بلڪ پنهنجي سامهون واري لنگھہ کان ٻاهر نڪري هليو وڃي.
10
سندن حڪمران بہ ساڻن گڏ هيڪل ۾ داخل ٿئي ۽ واپسيءَ وقت ساڻن گڏ نڪري وڃي.
11
سڀني مقرر عيدن ۽ وڏن ڏينهن تي اناج جي قربانيءَ طور وهڙي توڙي گھٽي سان گڏ اٺ ڪلوگرام اناج پيش ڪيو وڃي، جڏهن تہ گھيٽن سان گڏ مرضيءَ مطابق اناج ڏنو وڃي. هر اناج جي قربانيءَ سان گڏ ٽي ليٽر زيتون جو تيل پيش ڪيو وڃي.
12
ملڪ جو حڪمران جڏهن بہ منهنجي حضور ۾ پنهنجي مرضيءَ سان قربانيءَ طور ساڙڻ واري قرباني يا سلامتيءَ جي قرباني پيش ڪرڻ چاهي، تڏهن هن لاءِ اندرين اڱڻ جي اوڀر طرف وارو لنگھہ کوليو وڃي. هو پنهنجيون اهي قربانيون اهڙيءَ طرح پيش ڪري جيئن سبت جي ڏينهن تي پيش ڪندو هجي. تنهن کان پوءِ هو موٽي وڃي ۽ سندس ٻاهر نڪرڻ سان ئي لنگھہ بند ڪيو وڃي.“
13
خداوند فرمايو تہ ”اي بني اسرائيل! وڏن ڏينهن کان علاوہ هر روز مون خداوند جي لاءِ ساڙڻ واري قربانيءَ طور هڪ سال جو هڪڙو بيعيب گھيٽو پيش ڪيو وڃي. اها قرباني روزانو صبح جو پيش ڪئي وڃي.
14
انهيءَ سان گڏ هر روز اناج جي قربانيءَ طور ڏيڍ ڪلوگرام ميدو بہ پيش ڪيو وڃي ۽ انهيءَ ميدي کي ڳوهڻ لاءِ هڪ ليٽر زيتون جو تيل پيش ڪيو وڃي. مون خداوند لاءِ اناج جي قرباني پيش ڪرڻ جو هميشہ لاءِ اهو ئي قاعدو هوندو.
15
هائو، اهڙيءَ ئي طرح هر روز اها قرباني هميشہ جي لاءِ پيش ڪئي وڃي.“
16
خداوند خدا فرمائي ٿو تہ ”جيڪڏهن ڪو حڪمران پنهنجي پٽن مان ڪنهن کي پنهنجي لاءِ وقف ڪيل زمين مان ڪو ٽڪرو بخشش طور ڏئي ٿو تہ اهو سندس پٽن جو ٿيندو.
17
پر جيڪڏهن هو پنهنجي انهيءَ زمين مان پنهنجي ڪنهن خدمتگار کي ڪو ٽڪرو بخشش طور ڏئي ٿو تہ اهو بحاليءَ جي سال تائين انهيءَ خدمتگار جو رهندو. پوءِ وري اهو ٽڪرو حڪمران جو ٿي ويندو ۽ سندس اها زمين سندس پٽن کي ميراث ٿي ملندي.
18
حڪمران جيڪو ورثو پنهنجي پٽن کي ڏيڻ چاهي، سو خود سندس لاءِ وقف ڪيل زمين مان ئي هجي. ائين نہ ٿئي جو هو رعيت کي سندن موروثي زمين کان بيدخل ڪري سندن اهو ورثو پاڻ حاصل ڪري. اهو انهيءَ لاءِ آهي تہ منهنجي قوم مان ڪوبہ ماڻهو پنهنجي موروثي زمين کان بيدخل نہ ڪيو وڃي.“
19
پوءِ جنهن ماڻهوءَ مون حزقيايل کي هيڪل جي عمارتن جي ماپ ڪري ڏيکاري هئي سو مون کي ٻاهرين اڱڻ جي اترئين پاسي اولهہ واري انهيءَ گھٽيءَ ۾ وٺي آيو جيڪا خداوند جي خدمت لاءِ مخصوص ڪمرن جي اڳيان هئي، جن جو منهن اتر طرف هو. اتي ڇا ڏسان تہ گھٽيءَ جي اولهہ پاسي هڪڙي خالي جاءِ پيل آهي.
20
انهيءَ ماڻهوءَ مون کي ٻڌايو تہ ”هيءَ اها جاءِ آهي، جتي ڪاهن قصور جي تلافيءَ واسطي قربانين ۽ گناهن کان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانين جو گوشت رنڌيندا ۽ اناج جي قربانين مان مانيون پچائيندا. اها جاءِ هتي انهيءَ ڪري آهي تہ جيئن ڪابہ پاڪ شيءِ ٻاهرين اڱڻ تائين نہ کڻي وڃجي، متان انهيءَ جي ڪري عام ماڻهن تي خداوند جو غضب نازل ٿئي.“
21
پوءِ هو مون کي واپس ٻاهرين اڱڻ ۾ وٺي آيو ۽ اڱڻ جون چار ئي ڪنڊون مون کي گھمايائين. مون ڏٺو تہ انهيءَ اڱڻ جي هر هڪ ڪنڊ تي هڪ جدا اڱڻ ٺهيل آهي.
22
انهن چئني ڪنڊن وارن ننڍن اڱڻن مان هر هڪ جي ڊيگھہ ويهہ ميٽر ۽ ويڪر پندرهن ميٽر هئي ۽ اهي سڀ هڪ ئي ماپ جا هئا.
23
هر هڪ اڱڻ جي چوڌاري پٿرن جي ڀت ٺهيل هئي ۽ انهيءَ ڀت سان لڳولڳ چوڌاري رنڌڻ لاءِ چلهيون ٺهيل هيون.
24
انهيءَ ماڻهوءَ مون کي ٻڌايو تہ ”هي اهي چلهيون آهن جتي هيڪل جا لاوي خدمتگار ماڻهن جي پيش ڪيل قربانين جو گوشت پچائيندا.“
← Chapter 45
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 47 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48