bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ezekiel 19
Ezekiel 19
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 18
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 20 →
1
خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي حزقيايل! تون بني اسرائيل جي ٻن بادشاهن تي هي مرثيو ڳائيندي چئُہ تہ
2
’اي بادشاهہ! تنهنجي ماءُ ڪيڏي نہ دلير شينهڻ هئي! جنهن جوان شينهنِ جي وچ ۾ رهي پنهنجي ٻچن کي پاليو.
3
انهيءَ پنهنجي ٻچن مان هڪڙي کي پالي وڏو ڪيو، ۽ شڪار ڪرڻ سيکاريائينس. اهو جوان ٿي ماڻهن کي ڳڙڪائڻ لڳو.
4
جڏهن قومن انهيءَ بابت ٻڌو، تہ هنن هڪ کڏ کوٽي انهيءَ ۾ آڻي کيس ڦاسايو. پوءِ هو کيس لوهي ڪنڍا وجھي گهلي مصر ملڪ ۾ وٺي ويا.
5
انهيءَ ٻچي جي ماءُ ان جي موٽڻ جو انتظار ڪندي رهي، پر جڏهن ان جي موٽڻ جي ڪا اميد نہ رهيس، تڏهن هن پنهنجي ٻچن مان هڪڙي ٻئي کي پالي وڏو ڪيو، جيڪو وڏو ٿي هڪ طاقتور شينهن بڻيو.
6
اهو ٻين شينهن سان گڏ شڪار ڪرڻ لڳو، ۽ اهڙو طاقتور ٿي پيو جو ماڻهن کي ڳڙڪائڻ لڳو.
7
هن ڪيئي قلعا تباهہ ڪيا ۽ شهرن کي برباد ڪري ڇڏيو، هن جي گجگوڙ وارو آواز ٻڌي، ملڪ جو هر ڪو رهاڪو ڏڪي ويندو هو.
8
تڏهن قومون انهيءَ کي مارڻ لاءِ گڏ ٿيڻ لڳيون. هائو، هر طرف کان ماڻهو اچي گڏ ٿيا. هنن پنهنجا شڪاري ڄار مٿس اڇلايا، ۽ انهيءَ کي پنهنجي ڦندي ۾ ڦاسائي وڌائون.
9
پوءِ هنن انهيءَ کي لوهي ڪنڍا وجھي جڪڙي بند ڪيو، ۽ بابل جي بادشاهہ وٽ کڻي ويس. هنن اتي ان کي هڪڙي قلعي ۾ بند ڪري ڇڏيو، انهيءَ لاءِ تہ ان جي گجگوڙ جو آواز بني اسرائيل جي جبلن تي وري ٻڌڻ ۾ نہ اچي.
10
اي بادشاهہ! تنهنجي ماءُ انگورن جي انهيءَ ول جهڙي هئي، جيڪا پاڻيءَ جي ڀر سان پوکي ويئي هئي. جھجھي پاڻيءَ جي ڪري اها گھڻين ٽارين واري ٿي پيئي، ۽ تمام گھڻو ڦر جھليائين.
11
ان جون شاخون ايتريون تہ مضبوط ٿيون جو انهن مان بادشاهن جي حڪمرانيءَ واريون شاهي لٺيون بڻيون. گھاٽين شاخن جي وچ ۾ انهيءَ ول جو ٿُڙ بلند ٿيو، ايتري قدر جو اها ول بلنديءَ ۽ ٽارين جي گھڻائيءَ سان نهايت اوچي ڏسڻ ۾ ٿي آئي.
12
پر غضب وچان انهيءَ ول کي پاڙان پٽي ڪڍيو ويو، ۽ کڻي زمين تي اڇلائي ويئي. جھولي ان جو ميوو سڪائي ڇڏيو، ۽ انهيءَ جون مضبوط شاخون ڀڄي پيون ۽ سڪي ويون، ۽ باهہ انهن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو.
13
پوءِ هاڻي انهيءَ ول کي بيابان ۾، هڪڙي خشڪ ۽ ٺوٺ زمين ۾ پوکيو ويو آهي.
14
ان جي هڪڙي شاخ کي باهہ لڳي، جنهن انهيءَ ول جو ميوو ۽ سڀ شاخون ساڙي ڇڏيون. جنهنڪري هاڻي انهيءَ ۾ ڪابہ مضبوط شاخ نہ رهي آهي، جيڪا حڪمرانيءَ واري شاهي لٺ بڻجي سگھي.‘“ هي اهو مرثيو آهي، جيڪو وري وري ڳايو ٿو وڃي.
← Chapter 18
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 20 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48