bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ezekiel 47
Ezekiel 47
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 46
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 48 →
1
پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ مون حزقيايل کي موٽائي هيڪل جي عمارت جي دروازي وٽ آندو. اتي ڇا ڏسان تہ انهيءَ دروازي جي چانئٺ هيٺان ڏکڻ واري پاسي کان چشمي جو پاڻي نڪري هيڪل جي اڳيان اڳيان اوڀر طرف ڏانهن وهندي قربانگاهہ جي ڏکڻ کان ٿيندو اڳتي وهندو ٿي ويو.
2
تڏهن اهو ماڻهو مون کي هيڪل جي چوديواريءَ جي اتر واري لنگھہ کان ٻاهر وٺي آيو ۽ ٻاهرين رستي کان ڦيرائي هيڪل جي چوديواريءَ جي اوڀر واري لنگھہ وٽ آندائين. اتي ڇا ڏسان تہ انهيءَ لنگھہ جي ڏاکڻي پاسي کان پاڻيءَ جي هڪڙي ننڍي واهي وهي رهي آهي.
3
پوءِ اهو ماڻهو اوڀر طرف هلندي ماپ واري ڪاني سان وهندڙ واهيءَ جي ماپ وٺندو هليو. هن پنج سؤ ميٽر ماپڻ کان پوءِ مون کي پاڻيءَ مان لنگھڻ لاءِ چيو. مون ڏٺو تہ اتي پاڻي رڳو منهنجي پيرن جي مُرن تائين ٿي پهتو.
4
پوءِ هن وري پنج سؤ ميٽر ٻيا ماپ ڪيا ۽ مون کي پاڻيءَ مان لنگھڻ لاءِ چيائين. اتي پاڻي منهنجي گوڏن تائين ٿي پهتو. ساڳيءَ طرح هن پنج سؤ ميٽر ٻيا ماپيا ۽ مون کي پاڻيءَ مان لنگھڻ لاءِ چيائين. اتي پاڻي منهنجي چيلهہ تائين ٿي پهتو.
5
تنهن کان پوءِ هن پنج سؤ ميٽر وري ٻيا ماپيا، جتي اها واهي نديءَ بڻجي گھڻي اونهي ٿي ويئي هئي، جنهن مان آءٌ لنگھي نہ سگھيس. اها ايتري تہ اونهي هئي جو ترڻ کان سواءِ انهيءَ مان لنگھي نہ پيو سگھجي.
6
تڏهن انهيءَ ماڻهوءَ مون کي چيو تہ ”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! جيڪي تون ڏسين ٿو تنهن تي ڌيان ڏي.“ پوءِ اهو ماڻهو مون کي پاڻيءَ مان ڪڍي نديءَ جي ڪناري تي وٺي آيو.
7
جڏهن آءٌ موٽي ڪناري تي آيس تہ ڇا ڏسان تہ نديءَ جي ٻنهي طرفن وارن ڪنارن تي تمام گھڻا وڻ بيٺل آهن.
8
تڏهن هن مون کي ٻڌايو تہ ”هي پاڻي بني اسرائيل جي ملڪ جي اوڀر واري علائقي ڏانهن وهندي هيٺ اردن جي ماٿريءَ ۾ لهي وڃي ٿو، جتان اهو کاري سمنڊ ۾ وڃي پوي ٿو. جڏهن اهو سمنڊ ۾ ڪري ٿو تہ انهيءَ جي کاري پاڻيءَ کي مٺو ڪري ڇڏي ٿو.
9
سو ائين ئي ٿيندو جو جتان بہ هيءَ ندي وهندي، اتي زندگي بخشيندي. هر ساهوارو انهيءَ مان زندگي حاصل ڪندو ۽ ان ۾ تمام گھڻيون مڇيون ٿينديون. انهيءَ سان کاري سمنڊ جو پاڻي ايترو تہ مٺو ٿي ويندو جو
10
عينجديءَ جي چشمي کان وٺي عينعجليم جي چشمي تائين کاري سمنڊ جي ٻنهي ڪنارن تي مڇي مارڻ وارا بيٺا مڇي پيا ماريندا ۽ ڪنارن تي سڪائڻ لاءِ جيڏانهن تيڏانهن سندن ڄار پکيڙيل هوندا. انهيءَ سمنڊ جون مڇيون بہ وڏي ڀونوچ سمنڊ جي مڇين وانگر قسمين قسمين جون ۽ تمام گھڻيون هونديون.
11
تنهن هوندي بہ کاري سمنڊ جي ڪناري وارا هيٺاهان ڍورا ۽ تلاءَ مٺا نہ هوندا، انهيءَ لاءِ تہ انهن مان لوڻ حاصل ڪيو وڃي.
12
نديءَ جي ٻنهي پاسن وارن ڪنارن تي هر قسم جا ميويدار وڻ اڀري ايندا، جن جا نہ پن ڪومائبا ۽ نہ وري انهن جو ميوو کُٽندو. اهي هر مهيني تازو ڦر جھليندا، ڇاڪاڻ تہ انهن کي ملندڙ پاڻي مقدس هيڪل کان وهي اچي ٿو. سو نہ رڳو انهن جو ميوو کاڌو ويندو، بلڪ انهن جا پن بہ بيمار ماڻهن جي شفا جي ڪم ايندا.“
13
خداوند خدا بني اسرائيل جي ماڻهن کي فرمايو تہ ”مون اوهان جي ابن ڏاڏن سان واعدو ڪيو هو تہ اهو ملڪ سندن اولاد کي ميراث طور عطا ڪندس. سو جڏهن اوهان بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن ۾ هي ملڪ ورهايو وڃي تڏهن انهيءَ کي هڪ جيترن حصن ۾ ورهايو وڃي، جڏهن تہ بني يوسف جي قبيلي کي ٻہ حصا ڏنا وڃن. ملڪ جون سرحدون هن ريت هونديون.
15
اتر پاسي واري سرحد ڀونوچ سمنڊ کان وٺي اوڀر ڏانهن حتلون شهر جي رستي حمات لڪ کان ويندي صداد شهر تائين،
16
اتان بيروتي ۽ سبريم شهرن ڏانهن، جيڪي دمشق جي بادشاهت ۽ حمات جي بادشاهت جي علائقن جي وچ ۾ آهن، ويندي حصرهتيڪون تائين هوندي، جيڪو حوران علائقي جي سرحد تي آهي.
17
سو اتر واري سرحد ڀونوچ سمنڊ کان اوڀر طرف حصرعينان شهر تائين هوندي، جتان اتر طرف دمشق ۽ حمات جا علائقا آهن.
18
اوڀر طرف واري سرحد حوران ۽ دمشق جي وچ واري هنڌ کان ڏکڻ طرف ويندي اردن درياءَ تائين پهچندي. اتان اردن درياءُ خود سرحد ٿيندو جنهن جي اوڀر ۾ جِلعاد علائقو ۽ اولهہ ۾ بني اسرائيل جو ملڪ آهي. سو اوڀر طرف واري سرحد اتر واري حد کان وٺي کاري سمنڊ کان گذرندي ڏکڻ طرف تمر نالي جاءِ تائين هوندي.
19
ڏکڻ پاسي واري سرحد تمر کان وٺي ڏکڻ اولهہ ۾ مريباہ قادش جي چشمي تائين ۽ پوءِ مصر جي سرحد سان ويندي اتر اولهہ ۾ ڀونوچ سمنڊ تائين هوندي.
20
اولهہ طرف واري سرحد ڀونوچ سمنڊ جو ڪنارو هوندي، جيڪا اتر طرف حمات لڪ جي اولهہ پاسي تائين هوندي.
21
اهو ئي ملڪ آهي جيڪو اوهين پاڻ ۾ بني اسرائيل جي قبيلن مطابق ورهائيندا.
22
ان کان علاوہ جيڪي ڌاريا اوهان منجھہ هميشہ لاءِ اچي رهن تن کي ۽ سندن اولاد کي اوهين پنهنجي پنهنجي ورثي واري علائقي مان حصو ورهائي ڏجو. اهي اوهان جي لاءِ بني اسرائيل جي ٻين هموطنن وانگر هوندا. اوهين بني اسرائيل جي قبيلن منجھہ انهن جو حصو پاڻ ۾ ڪڻا وجھي ميراث طور ورهائجو.
23
جيڪو ڌاريو جنهن قبيلي ۾ رهندو هجي، اوهين کيس اتي ئي ورثو ڏجو. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“
← Chapter 46
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 48 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48