bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ezekiel 42
Ezekiel 42
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 41
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 43 →
1
پوءِ اهو ماڻهو مون کي هيڪل جي عمارت جي اتر پاسي واپس ٻاهرين اڱڻ ۾ وٺي آيو جتي هڪ عمارت ٺهيل هئي. اها عمارت هيڪل جي اولهہ طرف واري عمارت جي اتر طرف هئي ۽ ان کان پري نہ هئي.
2
انهيءَ عمارت جو اتر وارو پاسو پنجاهہ ميٽر ڊگھو هو ۽ عمارت جي ويڪر پنجويهہ ميٽر هئي.
3
سو انهيءَ عمارت جي ڏکڻ پاسي هيڪل جي ڀرسان واري ڏهہ ميٽر ويڪري خالي جاءِ بہ هئي ۽ اتر پاسي ٻاهرين اڱڻ وارو فرش هو. اها عمارت ٽن طبقن تي ٺهيل هئي، جنهن جو هر هڪ طبقو هڪٻئي کان مٿي ۽ پوئتي هو.
4
مٿئين ٽئين طبقي وارا ڪمرا هيٺين ٻن طبقن وارن ڪمرن کان وڌيڪ سوڙها هئا، ڇاڪاڻ تہ هيٺين ۽ وچين طبقن جي ڪري مٿئين طبقي لاءِ ايتري جڳهہ ڪانہ هئي. اهو انهيءَ ڪري هو جو انهيءَ عمارت کي ٽي طبقا هئا ۽ ان کي ٿنڀا نہ هئا جيئن هيڪل جي چوديواريءَ وارين ٻين عمارتن کي هئا. انهيءَ عمارت جي اترئين پاسي تي ڪمرن جا دروازا هئا، جن جي اڳيان پنج ميٽر ويڪري ۽ پنجاهہ ميٽر ڊگھي گھٽي هئي.
7
انهيءَ گھٽيءَ جي پاسي تي دروازن جي سامهون هڪ ڀت هئي جيڪا ٻاهرين اڱڻ وٽ رڳو پنجويهہ ميٽر ڊگھي هئي،
8
ڇاڪاڻ تہ اهي ڪمرا جيڪي ٻاهرين اڱڻ ۾ اولهہ طرف ٺهيل هئا، تن جي ڊيگھہ پنجويهہ ميٽر هئي. سو گھٽيءَ جي ڀرسان انهن ڪمرن ۽ ڀت جي گڏيل ڊيگھہ عمارت جيتري هئي يعني پنجاهہ ميٽر.
9
گھٽيءَ جي اوڀر طرف جتان ڀت جي شروعات پئي ٿي، اتي انهيءَ عمارت جي ڪمرن ڏانهن وڃڻ لاءِ، ٻاهرين اڱڻ وٽ چاڙهي هئي. هيڪل جي ڏکڻ طرف ساڳيءَ ئي طرح هڪ ٻي عمارت ٺهيل هئي، جيڪا هيڪل جي اولهہ طرف واري عمارت جي ڏکڻ طرف هئي ۽ ان کان پري نہ هئي. پر انهيءَ عمارت جو رخ اتر واري عمارت جي ابتڙ هو.
11
انهيءَ عمارت جي اڳيان واري گھٽي ۽ دروازا بہ بلڪل ساڳيءَ ئي طرح ٺهيل هئا، بلڪ انهيءَ عمارت جي ماپ ۽ نمونو بہ هڪجهڙو هو.
12
ساڳيءَ ئي طرح گھٽيءَ جي اوڀر طرف جتان ڀت جي شروعات پئي ٿي، اتي انهيءَ عمارت جي ڪمرن ڏانهن وڃڻ لاءِ، ٻاهرين اڱڻ وٽ چاڙهي هئي.
13
پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ مون کي ٻڌايو تہ ”هيڪل جي اتر ۽ ڏکڻ پاسي وارا اهي ڪمرا خداوند جي خدمت لاءِ ئي مخصوص آهن. انهن ڪمرن ۾ خداوند جا چونڊيل ڪاهن قربانين جون اهي شيون کائيندا جيڪي خداوند لاءِ ئي مخصوص آهن. اناج جون قربانيون، گناهن کان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيون ۽ قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيون بہ اتي ئي رکيون وينديون، ڇاڪاڻ تہ اهي سڀ قربانيون رڳو خداوند لاءِ مخصوص آهن.
14
جڏهن ڪاهن هيڪل جي اندرين اڱڻ مان نڪري وڃڻ چاهين، تڏهن انهن کي خداوند جي خدمت لاءِ مخصوص پوشاڪون لاهي انهن ڪمرن ۾ رکڻيون پونديون. پوءِ هو عام ڪپڙا پائي ٻاهرين اڱڻ ۾ ٻين ماڻهن جي ويجھو وڃي سگھندا.“
15
هاڻي جڏهن انهيءَ ماڻهوءَ هيڪل جي اندرين اڱڻ جي ايراضي ماپي بس ڪئي، تڏهن هو مون کي ٻاهرين اڱڻ جي اوڀر پاسي واري لنگھہ کان ٻاهر وٺي آيو ۽ هيڪل جي چوديواريءَ واري سڄي ايراضيءَ جي ماپ ورتائين.
16
هن ماپ وارو ڪانو کڻي هيڪل جي چوديواريءَ جو اوڀر وارو پاسو ماپيو، جيڪو ٻہ سؤ پنجاهہ ميٽر هو.
17
پوءِ هن اتر، ڏکڻ ۽ اولهہ طرف وارن پاسن جي ماپ ڪئي، جيڪا هر پاسي کان هڪ جيتري يعني ٻہ سؤ پنجاهہ ميٽر هئي.
20
سو هيڪل جي چوديواريءَ جي چئني پاسن جون ڀتيون ڊيگھہ توڙي ويڪر ۾ ٻہ سؤ پنجاهہ ميٽر چورس هيون. انهيءَ ڀت خداوند لاءِ مخصوص جاءِ کي عام جاين کان ڌار ٿي ڪيو.
← Chapter 41
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 43 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48