bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ezekiel 43
Ezekiel 43
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 42
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 44 →
1
پوءِ اهو ماڻهو مون کي ٻاهرين اڱڻ جي انهيءَ لنگھہ وٽ وٺي آيو، جنهن جو منهن اوڀر طرف هو.
2
جيئن ئي مون نهاريو تہ مون کي بني اسرائيل جي خدا جو جلوو اوڀر طرف کان ايندو نظر آيو. خدا جي اچڻ جو آواز سمنڊ جي گجگوڙ جيان ٻڌڻ ۾ آيو. ڌرتي سندس جلوي جي تجليءَ سان چمڪڻ لڳي.
3
هيءَ رويا بلڪل انهيءَ رويا وانگر هئي، جيڪا مون انهيءَ وقت ڏٺي هئي جڏهن خداوند يروشلم کي برباد ڪرڻ لاءِ آيو هو ۽ انهيءَ رويا وانگر پڻ هئي جيڪا مون ڪبار نهر جي ڪناري تي ڏٺي هئي. تڏهن مون هڪدم پنهنجو سر زمين تي رکي سجدو ڪيو.
4
خداوند جي تجلي انهيءَ اوڀر واري دروازي مان هيڪل جي چوديواريءَ کان اندر گھڙي ويئي.
5
تڏهن خداوند جي روح مون کي مٿي کنيو ۽ آڻي اندرين اڱڻ ۾ لاٿائين، جتي آءٌ ڇا ڏسان تہ هيڪل جي عمارت خداوند جي تجليءَ سان ڀرجي ويئي آهي.
6
اهو ساڳيو ماڻهو جنهن ماپ ڪئي سو منهنجي پاسي ۾ بيٺو هو، تڏهن مون هيڪل جي عمارت جي اندران خداوند جو آواز ٻڌو، جنهن مون کي فرمايو تہ
7
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! ڏس، هي هيڪل ڌرتيءَ تي منهنجو تختگاهہ آهي جتي آءٌ هميشہ جي لاءِ بني اسرائيل جي وچ ۾ رهي حڪمراني ڪندس. هاڻي اڳتي بني اسرائيل منهنجي پاڪ نالي جي وري ڪڏهن بہ بيحرمتي نہ ڪندا، يعني نہ اهي، نڪي سندن بادشاهہ غير معبودن جي پوڄا ڪندا ۽ نہ وري بادشاهن جي يادگاريءَ لاءِ مقبرا ٺاهيندا.
8
ان کان علاوہ بني اسرائيل جي بادشاهن پنهنجا محلات منهنجي هيڪل جي ايترو تہ ويجھو ڪري جوڙايا جو هنن جي ۽ منهنجي هيڪل جي وچ ۾ رڳو هڪڙي ڀت هئي ۽ هنن جي محلاتن جا دروازا منهنجي هيڪل ۾ ٿي کُليا. هائو، هنن ڪراهت جهڙا ڪم ڪري منهنجي نالي جي بيحرمتي ڪئي، تنهنڪري مون پنهنجو غضب نازل ڪري کين فنا ڪري ڇڏيو.
9
پر جيڪڏهن هاڻي بني اسرائيل ۽ سندن بادشاهہ غير معبودن جي پوڄا ڪرڻ ڇڏي ڏين ۽ پنهنجي مري ويل بادشاهن جا يادگار منهنجي هيڪل مان هٽائي ڇڏين، تڏهن آءٌ هميشہ جي لاءِ انهن منجھہ رهندس.
10
سو اي حزقيايل، آدم جو اولاد! تون بني اسرائيل کي منهنجي هيڪل بابت ٻڌائي ڇڏ تہ جيئن اهي هيڪل جي ماپ ڪري پنهنجي ڪيل گناهن تي شرمسار ٿي ڪري پشيمان ٿين.
11
پوءِ جيڪڏهن اهي پنهنجي ڪئي تي پشيمان ٿين، تڏهن کين هيڪل جو نقشو سمجھاءِ. انهيءَ جي ترتيب، انهيءَ ۾ اچڻ ۽ وڃڻ جا لنگھہ ۽ انهيءَ جي پوري شڪل، هر ڪنهن شيءِ جي انتظام ۽ هيڪل ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ قاعدن قانونن بابت انهن کي سمجھاءِ. انهن سڀني ڳالهين جو نقشو ٺاهي انهن جي آڏو رک تہ جيئن اهي پوري انتظام کي سمجھي سگھن ۽ منهنجي سڀني حڪمن ۽ قاعدن قانونن تي عمل ڪن.
12
هن هيڪل جا هي قاعدا قانون تون بني اسرائيل کي ٻڌاءِ جن تي عمل ڪرڻ سان جبل جي چوٽيءَ تي ٺهيل هيڪل جي چوديواريءَ واري سڄي ايراضي منهنجي لاءِ ئي مخصوص ۽ پاڪ رهندي. ياد رک، هي ئي منهنجي گھر جا قاعدا قانون آهن.“
13
جهڙي نموني سڄي هيڪل جي ماپ ڪئي ويئي هئي انهيءَ ساڳي پيماني مطابق قربانگاهہ جون ماپون بہ هن ريت آهن. قربانگاهہ جي بنياد جي چوڌاري نالي ٺهيل هئي، جيڪا اڌ ميٽر اونهي ۽ اڌ ميٽر ويڪري هئي. انهيءَ ناليءَ جي چوڌاري ميٽر جي چوٿين حصي جيتري اوچي ڪناري ٺهيل هئي. قربانگاهہ جي بنياد کان وٺي چوٽيءَ تائين ماپ هن ريت آهي.
14
قربانگاهہ جو پهريون حصو بنياد کان هڪ ميٽر اوچو هو. قربانگاهہ جو ٻيو حصو پهرئين حصي جي ڪناري کان چوڌاري اڌ ميٽر اندر هو ۽ انهيءَ جي اوچائي ٻہ ميٽر هئي. انهيءَ کان پوءِ وارو حصو پڻ ٻئي حصي جي ڪناري کان چوڌاري اڌ ميٽر اندر هو.
15
هي بلڪل مٿيون حصو هو جنهن تي قربانيون ساڙيون وينديون هيون، سو پڻ ٻہ ميٽر اوچو هو. انهيءَ جي چئني ڪنڊن تي سڱ ٺهيل هئا جيڪي مٿئين حصي جي ڪناري کان وڌيڪ اوچا هئا.
16
قربانگاهہ جي مٿئين حصي جو مٿاڇرو جيڪو آتشدان هو سو چورس هو ۽ ان جي چئني پاسن جي ماپ ڇهہ ڇهہ ميٽر هئي.
17
قربانگاهہ جو وچون حصو پڻ چورس هو ۽ ان جي چئني پاسن جي ماپ ست ست ميٽر هئي. ان جي ٻاهران چوڌاري ڇيڙن وٽ ڪناري ٺهيل هئي جنهن جي ويڪر ميٽر جو چوٿون حصو هئي. جڏهن تہ قربانگاهہ جي بنياد وٽ جيڪا نالي هئي سا اڌ ميٽر اونهي هئي. قربانگاهہ جي مٿئين حصي تائين چڙهڻ لاءِ اوڀر طرف کان ڏاڪا ٺهيل هئا.
18
خداوند خدا مون کي فرمايو تہ ”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! جڏهن قربانگاهہ تعمير ٿي وڃي تڏهن جيڪي قاعدا قانون آءٌ کيس وقف ڪرڻ لاءِ تو کي هاڻي ٻڌايان ٿو، تن تي تون عمل ڪراءِ. تنهن کان پوءِ اها قربانگاهہ ساڙڻ واريون قربانيون پيش ٿيڻ لاءِ ۽ قرباني ڪيل جانورن جو رت ڇٽڪارڻ لاءِ مخصوص ٿيندي.
19
جيڪي ڪاهن مون پنهنجي حضور ۾ حاضر رهي خدمت ڪرڻ لاءِ چونڊيا آهن، سي لاوي قبيلي مان صدوق جي نسل وارا آهن. سو قربانگاهہ جي وقف ڪرڻ وقت تون کين هڪڙو وهڙو ڏجانءِ جيڪو انهن لاءِ گناهن کان پاڪ ٿيڻ واسطي قربان ڪيو وڃي.
20
انهيءَ وهڙي جي رت مان ڪجھہ کڻي قربانگاهہ جي چئني ڪنڊن وارن سڱن تي، وچين حصي جي چئني ڪنڊن ۽ چوڌاري واري ڪناري تي ڇٽڪاريو وڃي. اهڙيءَ طرح اها قربانگاهہ پاڪ ٿي ويندي ۽ انهيءَ ۾ ڪابہ پليتي نہ رهندي.
21
پوءِ انهيءَ ڪُٺل وهڙي کي کڻي هيڪل جي چوديواريءَ کان ٻاهر مقرر ڪيل جاءِ تي ساڙيو وڃي.
22
ٻئي ڏينهن هڪڙو بيعيب ڇيلو آڻي گناهن کان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پيش ڪيو وڃي. انهيءَ جي رت سان قربانگاهہ کي بلڪل ساڳئي نموني پاڪ ڪيو وڃي جيئن وهڙي جي رت سان پاڪ ڪيو ويو هو.
23
جڏهن قربانگاهہ پاڪ ٿي وڃي تڏهن هڪڙو ٻيو بيعيب وهڙو ۽ هڪڙو بيعيب گھٽو آڻي قربان ڪيا وڃن.
24
جڏهن اهي جانور منهنجي حضور ۾ ذبح ڪيا وڃن تڏهن ڪاهن انهن تي لوڻ ڇٽين ۽ پوءِ اهي مون خداوند جي حضور ۾ ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪن.
25
پوءِ لڳاتار ستن ڏينهن تائين روزانو هڪڙو ڇيلو، هڪڙو وهڙو ۽ هڪڙو گھٽو جيڪي سڀ بيعيب هجن سي گناهن کان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پيش ڪيا وڃن.
26
اهڙيءَ طرح ستن ڏينهن تائين ڪاهن قربانيون ڪندي قربانگاهہ کي پاڪ ڪري منهنجي لاءِ مخصوص ڪن.
27
جڏهن اهي ست ڏينهن پورا ٿي وڃن، تڏهن اٺين ڏينهن کان ڪاهن ٻين ماڻهن جي لاءِ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واسطي قربانيون پيش ڪرڻ شروع ڪن. تڏهن آءٌ اوهان سڀني بني اسرائيل وارن تي راضي ٿيندس. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“
← Chapter 42
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 44 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48