bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ezekiel 31
Ezekiel 31
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 30
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 32 →
1
جلاوطنيءَ جي يارهين سال، ٽئين مهيني جي پهرين تاريخ تي خداوند مون کي فرمايو تہ
2
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! تون مصر جي بادشاهہ فرعون ۽ سندس ماڻهن کي منهنجو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي مصر وارؤ! اوهين ڪيڏا نہ زورآور آهيو! آءٌ اوهان کي ڪنهن سان ڀيٽيان؟
3
ڏسو، اوهين لبناني ديال جي انهيءَ وڻ وانگر آهيو جنهن جون ٽاريون تمام سهڻيون هيون، جن جي ڪري اهو ڏاڍي ڇانوَ ڪندڙ هو. انهيءَ جو قد ايڏو تہ وڏو هو جو ان جي چوٽي وڃي آسمان سان ٿي لڳي.
4
انهيءَ کي ايترو تہ جھجھو پاڻي ٿي مليو، جو اهو اونهي پاڙ هڻي وڏو ٿي ويو. جنهن جاءِ تي اهو لڳايو ويو هو، تنهن جي چوڌاري نهرون ٿي وهيون. ان جي ڀرسان جيڪي نهريون وهي رهيون هيون، تن ٻيلي جي ٻين وڻن کي بہ سيراب ٿي ڪيو.
5
جھجھي پاڻيءَ ملڻ ڪري اهو ديال جو وڻ ٻيلي جي سڀني وڻن کان قد ۾ وڌي ويو، ۽ ان جون ٽاريون ٿلهيون ۽ ڊگھيون ٿي ويون.
6
سڀني پکين انهيءَ جي ٽارين ۾ اچي پنهنجا آکيرا ٺاهيا، سڀني جھنگلي جانورن بہ ٽارين هيٺ اچي پنهنجا ٻچا ڄڻيا، ۽ سڀيئي قومون اچي ان مضبوط وڻ جي ڇانوَ ۾ رهڻ لڳيون.
7
اهڙيءَ طرح اهو وڻ پنهنجي بلنديءَ، ۽ ڊگھين ٽارين جي ڪري ڏاڍو سهڻو ٿي لڳو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ جون پاڙون پاڻيءَ جي بلڪل ويجھو هيون.
8
مون خدا جي باغ وارا ديال جا وڻ بہ انهيءَ وڻ جهڙا نہ هئا. سِرو ۽ شاهہبلوط جا وڻ بہ ان جي ٽارين کان ننڍا هئا. مطلب تہ منهنجي باغِ عدن جا وڻ بہ انهيءَ جهڙا خوبصورت نہ هئا.
9
مون ٽارين جي گھڻائيءَ جي وسيلي انهيءَ کي ايترو تہ سهڻو بڻايو هو، جو منهنجي باغِ عدن ۾ جيڪي بہ وڻ هئا، تن سڀني انهيءَ سان ريس ٿي ڪئي.
10
سو هاڻي آءٌ خداوند خدا اوهان کي انهيءَ وڻ جي مستقبل جي باري ۾ ٻڌايان ٿو. جيئن تہ اهو نهايت قداور ٿي ويو آهي ۽ پنهنجي چوٽي وڃي آسمان تائين پهچائي ڇڏي اٿائين، تنهنڪري انهيءَ جي دل ۾ تڪبر اچي ويو آهي.
11
انهيءَ بدڪاريءَ جي ڪري آءٌ کيس ڪڍي ڇڏيندس ۽ ٻين قومن مان هڪڙي زورآور حاڪم جي حوالي ڪري ڇڏيندس. اهو ئي ساڻس مناسب هلت ڪندو.
12
انهيءَ حاڪم جا ماڻهو ٻين قومن کان وڌيڪ هيبتناڪ آهن جيڪي انهيءَ وڻ کي وڍي هيٺ اڇلائي ڇڏيندا ۽ ان جون ٽاريون جبلن تي ۽ سڀني ماٿرين جي مٿان ڪري پونديون. ان وڻ جا ڏار ملڪ جي سڀني نهرن جي ڀرسان ڀڳا ويندا ۽ روءِزمين جون سموريون قومون انهيءَ جي ڇانوَ مان نڪري کيس ڇڏي هليون وينديون.
13
پوءِ سڀيئي پکي انهيءَ ڪريل وڻ تي اچي ويهندا ۽ سڀيئي جھنگلي جانور انهيءَ جي ٽارين جي مٿان پيا گھمندا.
14
اهو سڀ ڪجھہ انهن ٻين قومن لاءِ اهڙي تاڪيد ٿيندو جيڪي جھجھي پاڻيءَ جي ڀرسان بيٺل وڻ مثل آهن تہ جيئن اهي مغرور ٿي پنهنجي چوٽي آسمان تائين بلند نہ ڪن. هائو، پاڻيءَ تي پرورش وٺندڙ ڪوبہ وڻ پنهنجي بلنديءَ تي وڏائي نہ ڪري، ڇاڪاڻ تہ هر ڪنهن کي ضرور مرڻو آهي. سڀ بني آدم فاني آهن ۽ پاتال ۾ وڃي پوندا آهن. سو اهي بہ مري وڃي قبر ۾ پوندا.
15
جنهن ڏينهن اهو وڻ جيڪو مصر جي مثل آهي هيٺ پاتال ۾ ڪيرايو ويندو، تنهن ڏينهن آءٌ خداوند خدا دنيا ۾ ماتم وجھندس. هائو، آءٌ انهيءَ کي اونهي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ڇڏيندس. آءٌ ندين کي روڪي ڇڏيندس ۽ پاڻيءَ جو وهڪرو بيهاري ڇڏيندس. ان وڻ جي ڪرڻ ڪري آءٌ لبنان جي جبلن تي اونداهي نازل ڪندس ۽ ٻيلي جا سڀ وڻ سڪي سڙي ويندا.
16
جڏهن آءٌ هن کي ٻين فاني انسانن جيان پاتال ۾ اڇلائي ڇڏيندس، تڏهن هن جي ڪرڻ جي ڌڌڪي جي آواز سان قومون ڪنبي وينديون. اتي پاتال ۾ باغِ عدن جا سڀيئي وڻ ۽ لبنان جا چونڊيل ۽ تمام چڱا وڻ جيڪي اڳي پاڻيءَ تي پلندا هئا، سي سڀ هن جي پاتال ۾ اچي پوڻ تي خوش ٿيندا.
17
جيڪي قومون انهيءَ وڻ جي پاڇي هيٺ رهنديون هيون، سي بہ ساڻس گڏ هيٺ پاتال ۾ اچي پونديون ۽ انهن سان گڏ رهنديون جيڪي تلوار سان ماريا ويا هئا.
18
سو اي مصر جا بادشاهہ! اهي سڀ ڳالهيون تو سان ۽ تنهنجي ماڻهن سان ٿينديون. تون ڪنهن وقت باغِ عدن جي سڀني وڻن کان وڌيڪ بلند ۽ مضبوط وڻ هئين، پر هاڻي تون عدن جي باغ وارن وڻن سان گڏ پاتال ۾ لاٿو ويندين. هائو، تون اڻطهريلن ۽ تلوار سان ماريلن سان گڏ وڃي پوندين. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘“
← Chapter 30
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 32 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48